دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا تحرير بشير مورياڻي

'سنڌي ادب' فورم ۾ اي جي شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2013۔

  1. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    مان جنهن وقت شيخ اياز جي دکدائڪ وفات جي خبر پڙهي رهيو هيس ته لڳ ڀڳ انهيءَ موقعي جيترن ماڻهن شرڪت ڪئي ۽جهڙي هلت ڪئي اها اڻ سهائيندڙ هئي.اياز جي سنڌي ادب ۽ شاعري جي بي بها خدمت جي لحاظ کان .سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هسام ماڻهن جا گڏ ٿيڻ گهربا هئا پر افسوس جو ائين نه ٿيو.جڏهن مان ڪراچي ۾ سندس ٽيجهي م شريڪ ٿيس ته اتي به 15 يا 20 کن ماڻهو هئا جن ۾ سندس مائٽ ۽ ڪي اديب شامل هئا.
    پر انکان پوءِ ڪيترن ئي ادارن،ادبي ۽ سماجي تنظيمن مختلف شهرن ۾ ميڙ ڪوڍائي اياز کي ڀرپور خراج تحسين پيس ڪيو.سنڌ اسيمبلي به تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو.
    اياز ان سموري ساراهه کان بي نياز ٿي چڪو آهي.کيس سندس زندگي ۾ ئي سندس ڏات تي ايتريقدر داد ملي چڪو آهي.جو هو پاڻ به مطمئن ٿيو هوندو.سندس ڏات جو آئندو به اعتراف ۽ ادراڪ ڪيو ويندو ته اها سنڌي ساهت جي جڳت کي جرڪائيندي رهندي.
    اياز سان منهنجو شخصي خواهه ادبي رشتو رڳوشڪارپور جي حوالي سان ئي نه هيو.اهو چڱي طرح ياد نه آهي ته هن سان منهنجي پهرين ملاقات ڪٿ ۽ ڪڏهن ٿي.پر اها ساعر جي حيثيت سان ٿي.1950ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري جڏهن شيخ عبدالرزاق راز سکر ميونسپالٽي جو چيف آفيسر هو ته سکر۾ ميونسپالٽي جي انتطام هيٺ هڪ وڏو ڪل پاڪ هند مشاعرو منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌي ساعرن به شرڪت ڪئي.ان ۾ جگر مرادآبادي،ظهير ڪاشميري،عبدالمجيد سالڪ،قتيل شفائي،زهره نگاه وغيره شريڪ ٿيا.شڪارپور کان مان ۽ نياز همايوني شريڪ ٿياسين پر غير سنڌين رڳو اياز کي پئي سڃاتوسڀ کان گهڻو داد به کيس مليو.پر سندس فراخدلي چئجي ته مونکي جڏهن هيٺين شعر تي مشاعري ۾ تمام گهڻو داد مليو.
    موت! توتي نه کلان ته ٻيو ڪنهن تي کلان
    زندگي مونکي ملي ڀي ته سِر دار ملي
    ته اياز به داد ڏئي منهنجي همت افزائي ڪئي.ان کان ستت پوءِ جڏهن هن منهنجي پهرين شعري مجموعي ”اصنام خيالي“ جو پيش لفظ لکيو ته ان ۾ شامل منهنجو هي شعر ڄاڻايائين
    محفل خموش آهي دمِ آمد سهر
    هڪ شاعر جديد غزل خوان ٿيوته آهه
    انکانپوءِ اسان جي ملاقات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو.مان سکر ويندو هيس ته سندس ڪوئينس روڊ واري آفيس ۾ ساڻس ضرور ملڻ ويندو هيس.جڏهن هو شڪارپور جي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ اءِ ايندو هيو ته ڪڏهن ڪڏهن مون سان ملڻ به ايندو هو.
    اياز سکر جو مصروف وڪيل هوندي به تمام گهڻو ادبي مطالعو ڪندو هو.۽ خاص ڪري شاعري جي پلوٽ به گهڻي ٿيندي هيس.جيتوڻيڪ هن سنڌ جي رومانوي ترقي پسند شاعرن ،نارائڻ شيام،هري دلگير،کيئل داس فاني وغيره جي قطار ۾ جڳهه والاري ڇڏي هئي پر هو هر مڪتبه فڪر جي سٺن شاعرن ۽ اديبن جي تخليقن جو بنا تعصب مطالعو ڪندو رهندو هيو.هڪ دفعي مان سندس آفيس ۾ پهتس ته هن ناصر ڪاظمي جي شعري مجموعي ”برگ نے“جو ذڪر ڪيو ۽ هي شعر ٻڌايائين
    بیٹھ کر سائے گل میں ناصر
    ہم بہت روئے وہ جب یاد آیا
    ناصر جي شاعري جي ڏاڍي تعريف ڪيائين حالانڪ هن جو تعلق ميرا جي ۽ ن م راشد واري حلقئه اربابِ ذوق سان هيو جنهن کي ترقي پسندن،رجعت پسند چئي ننديو هو.ساڳي طرح هن ماياڪوفسڪي،سارت۽ سولزنئسن سان گڏ لورڪا،مارسل پروست ۽ آءِ بي سنگر کي به پڙهيو.
    1960ع ۾ سول سروس ۾ سامل ٿيڻ کان اڳ جڏهن مان سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ ليڪچرر هيس ته ڪاليج ۾ هڪ آل سنڌ مشاعري جو انتظام ڪيم جنهن ۾ اياز به شريڪ ٿيو.ان کانپوءِ منهنجي شڪارپور کان ٻاهر رهڻ ۾ نئين نوڪري۾ مصروف ٿيڻ جي ڪري ڪنهن به ادبي محفل ۾ گڏ شريڪ ٿي نه سگهياسين پر ڪڏهن ڪٿي نه ڪٿي اياز سان ملاقات ٿيندي رهي.ان ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف مزاحمت واري تحريڪ هلي ته اياز قومي شاعر جو روپ ڌاري منظرعام تي آيو.
    سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار
    رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي
    1971ع ۾ مان سنڌ بورڊ آف ريونيو حيدرآباد ۾ ميمبر هيس ته اياز اتي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿي آيو.اتفاق سان جنهن ڏينهن هن چارج ورتي ته سرڪٽ هائوس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي جي ڪل پاڪستان ڪنينشن جي صدارت ڪرڻ آي.ٻئي پاسي شاميانن هيٺيان سڄي سنڌ جي ٽاپ بيوروڪريسي ويٺل هئي.اياز به اتي پنهنجي رجسٽرار سان گڏجي آيو.ملڻ کانپوءِ هن مون کان رازداري سان پڇيو ته هن جو فيصلو صحيح هيو يا نه؟مون چيو ته اهو فيصلو مٿس مڙهيو ڪونه ويو هو ۽ نيٺ سندس ئي ڪيل هيو تنهنڪري صحيح ئي هوندو.ٻيو ته هاڻي پڇتائڻ مان ڇا ورندو؟هن چيو ته ڪا تفصيلي ملاقات ڪنداسون پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو جو ڪجج ڏينهن کانپوءِ منهنجي بدلي ڪراچي ٿي ويئي.
    1988ع۾ جڏهن مان حيدرآباد ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي آيس ته مون غلام نبي مغل ،طارق اشرف کي ماهوار”سهڻي“ کي نئين سر شايع ڪرڻ اتساهه ڏياريو.اسان جي ان ڪوشش جلد ئي حقيقت جو روپ ورتو.هڪ ڏينهن طارق ٻڌايو ته هو”سهڻي، جو ”شيخ اياز نمبر“ ڪڍڻ جا سانباها ڪري رهيو هيو.مونکي به اياز جي شخصيت ۽ فن تي مضمون لکڻ چيائين.مان اڃا ان جي تياري ئي ڪئي پئي ته اچانڪ بدلي ٿي ڪراڍي هليو ويس.جتي هوم سيڪريٽري جي ذميدارين ۾ اهڙو وڪوڙجي ويس جو لکڻ ته ٺهيو.ڪنهن به ادبي مطالعي لاءِ به وقت نه ڪڍي سگهندو هيم.
    شاهه لطيف اسان جي ڪلاسيڪي شعري روايت جو امين آهي ۽ شيخ اياز جديد روايت جو.سندس ساعري گهڻ پاسائين آهي.ان کي مڪمل طرح سمجهڻ ۽ ساراهڻ لاءِ ساڃاهه ۽ سنجيده مطالعي جي ضرورت آهي .ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۾ ان تي جامع رٿا جي تحت ڪم ٿيڻ گهرجي.اياز جي شاعري مان مناسب چونڊ ڪري تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.ان کانسواءِ سندس مڪمل ادبي ڪم ،نثر خواهه نظم يا رسالي جي اردو ترجمي بابت ورڪشاپ،سيمينار ۽ سمپوزيم منعقد ڪرايا وڃن ته سندس ڪاوشن کي پورئتا ۽ سڦلتا ملي سگهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو