ڊاڪٽر خانائي :هڪ مڃيل محقق

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالحئي چاچڙ

    ڊاڪٽر خانائي :هڪ مڃيل محقق
    سنڌ سونهاري جي املهه انسانن هر دور ۽ شعبي ۾ ،پنهنجو ڪردار مثالي طريقي سان پورو پئي ڪيو آهي. مخدوم ابوالحسن ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي صورت خطيءِ کي عربي رسم الخط جي روشني ۾ ترتيب ڏئي ،عالمن ، اديبن، شاعرن ۽ محقق لاءِ جديد سنڌي علوم ۽ فنون جو پايو وڌو. اهڙي طريح ،انگريزن جي دور ۾ سنڌي زبان کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ تي مسلمان ،هنڌو ۽ انگريز لسانيات جا ماهر متفق هئا.
    ڏسندي ڏسندي فارسي،عربي،ديوناگري،گرمکي ،چاليهه اکري (خواجڪي سنڌي)۽ انگريز ٻولين ۾ سنڌ بابت لکيل ڪتابن جا نئين سنڌي رسم الخط ۾ ترجما ڪيا ويا، جيئن فتح نامو سنڌ (چچ نامو ) ،جيڪو عربي ٻولي ۾ لکيل هو ان جو پهريائين فارسيءِ ۽ پوءِ سنڌي ءِ ۾ ترجمو ڪيو و يو.
    موجوده سنڌي صورت خطيءَ ۾ جڏهن قديم ۽ جديد تواريخ شهرن ماڳن،اوليائن،عالمن،شاعرن،مصنفن،بادشاهن،نوابن،قومن،مذهبن،هنرن،پکين،جيتن،جانورن،ريتن،رسمن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت ائين محسوس ٿي،جيئن اسلام جي شروعاتي دور ۾ صحيح ۽ منگهڙت حديثن کي پرکڻ لاءِ ”اسماءُ الرجال“ جو فن وجود ۾ آيو هو. ڏسندي ڪيتريئي عالم،اديب،تواريخدان ۽ محقق سنڌ جي قديم توڙي جديد تواريخ کي سهيڙڻ ۾ مگن ٿي ويا.
    سنڌ ۾ سنڌين لاءِ تواريخ سهيڙيندڙن جي هونئن ته وڏي تواريخ آهي، پر جن عالمن ،اديبن،تواريخدانن ۽ محقق شاه عبداللطيف ڀٽائيءِ جي هن شعر وانگر:
    جان ڪتين تان ڪت ،هيءِ هڏ وهائي
    ڪاپائتي سڀڪا ، ڪتي سيباڻي
    ٺاتو جن ڄاڻي ،تن هٿان پهي نه ڇڏي
    سنڌ جي تواريخ تي ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ مير علي شير “قانع“
    ٺٽوي ، ڀيرومل مهر چند آڏواڻِ،رحمداد خان مولائي شيدائي ،پير حسامالدين راشدي،پير علي محمد راشدي،جي ايم سيد ،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ،علام غلام مصطفيٰ قاسمي، قريشي حامد علي خانائي جا نالا سنڌ واسي فخر سان ڳڻآئي سگهن ٿا.
    ويجهڙائيءِ واري زماني ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رحه تحقيق جي مڙني (قديم توڙي جديد)اصولن پٽاندڙ سنڌ جي ميتري ئي اڻ لڀ وڃايل ۽ وساريل تواريخ تي کوجنا ڪري ائين عام ڪيو آهي، جيئن اڏامندڙ پکي نظر جي تيزيءَ سان پاڻيءَ مان مڇيءَ کي ٻاهر ڪڍندو آهي. ڊاڪٽر بلوچ ۽ علامه قاسمي صاحب جي نقش قدم تي هلندي ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي به سنڌ جي وساريل تواريخ ۽ تواريخي ماڻهن کي عام ڪري سنڌ ۽ سنڌين مٿان وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن لاءِ سنڌي قوم صدين تائين سندس ممنون ۽ مشڪور رهندي .
    دراصل ڪنهن خاص علائقي يا شهر تي سڀ کان پهريون مسند ڪم سيد طاهر محمد ڪيو ٺٽي شهر جي تواريخ تي سندس ڪتاب ( تاريخ طاهري ) هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. رحيمداد خان مولائي شيدائي پڻ ( تاريخ سکر ) لکي سنڌ واسين تي احسان ڪيو آهي .
    ان کان پوءِ قريشي حامد علي خانائيءَ پراڻي نواب شاه ( موجوده نواب شاه ۽ نوشهروفيروز ) ضلعي تي مستند جامع ۽ محققانه ڪم ڪري لکندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ محققانه انداز ۾ شهرن توڙي علائقن تي ڪم ڪرڻ جو هڪ نئون لاڙو ۽ رجحان پيدا ڪيو .
    اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن شهرن توڙي شخصيتن تي بي شمار متاب ڇپجي پڙهندڙن جي هتن تائين پهتا آهن.
    نواب شاه خواه نوشهرفيروز تي بعد ۾ جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن انهن سڀني جو بنياد ماخذ ڊاڪٽر خانائي صاحب جو ڪتاب نواب شاه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون ئي رهيو آهي .
    اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر خانائي صاحب روهڙيءَ جي هڪ خاندان ( ڪوٽائي سادات ) تي ڪتاب لکيو سکر ۽ روهڙيءَ جي پوراني سادات تي پڻ ڪتاب لکيائين جهڙيءَ خرح پير حسام الدين شاه راشديءَ ( امير خاني ) خاندان تي ڪتاب لکيو هو.
    ڊاڪٽر خانائي صاحب جي ٽڙيل تحقيقي مقالن ۽ سندس اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپائڻ ۾ مانوار سائين بشير احمد هيسباڻي صاحب بئنڪ جهڙي مصروف نوڪريءَ جي باوجود دل وجان سان ڪوشش وٺي رهيو آهي اميد ڪجي ٿي ته سندس ڪوششون ضرور رنگ لائينديون ۽ ڊاڪٽر خانائي صاحب جا سمورا مقالا ڇپجي عام ٿيندا ۽ سنڌ واسين کي سنڌ ۽ سنڌين جي صحيح تواريخ جي ڄاڻ حاصل ٿيندي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون سائين اوهان سنڌ جي عالمن جي باري ۾ تحقيقي معلومات اسان سان شيئر ڪري ڪري رهيا آهيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو