عبدالحئي چاچڙ تاجپوري لغارين جو هيرون نواب مير ولي محمد خان ”ولي“ لغاري نواب ولي محمد خان لغاري ولد غلام محمد خان لغاري جي ولادت 1165هه ۾ ٿي. نواب صاحب جي والد جو تخلص ”نگار“ هو انهئ مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهو به شاعرهو جيئن نواب ولي محمد جو تخلص ”ولي“ هو ۽ اهوبه بلند پائي جو شاعرهو. نواب ولي محمد جو وڏو ڀاء نواب علي محمد خان لغاري به شاعر،مصنف ۽ خطاط هو ۽ ان جو تخلص ”علي“ هو. انيس السالڪين ان جي تصنيف آهي. نواب ولي محمد جو وڏو فرزند نواب الهداد خان به شاعر ۽ اديب هو ۽ تخلص ”صوفي“هيس. هو نقشبندي مجددي سلسلي سان وابسته هو جيئن انجي هڪ شعر مان سمجهه ۾ اچي ٿو شعر طعنه دارد از شريعت هر طريقه بيش وکم برطريق احمدي دائم قيام نقشبند نواب ولي محمد جو والد غلام محمد لغاري فوجي ماڻهوهو.۽ مير بهرام خان ٽالپور جو خاص معتمد عليه هو. جڏهن سرفراز خان ڪلهوڙي مير بهرام خان کي سازش ڪري مارايو ته مير صوبدارخان ۽ غلام محمد خان، سرفراز خان جي ملازمن ۽ جلادن سان موقعي تي وڙهندي شهادت ماڻي. انهئ وفاداري جي ڪري ٽالپور ميرن جو انهئ خاندان تي وڏو اعتماد رهيو. مير ولي محمد خان ”ولي“ 1165هه مطابق 1772ع ۾ ڄايو.ميرن جي دور حڪومت ۾ جسماني طرح جوان ٿيو ته عقل ۾ به جوان ٿيو. ميرن وٽ هن جي اهميت ايتري هئي جو ان کي سنڌ جو وزير اعظم بڻايائون ۽ ڪيترين مهمن ۾ ان کي سپه سالار ڪيائون. خاص ڪري شڪارپور کي افغانستان جي عملدارن کان آزاد ڪرائڻ ۾ هن اهڙي حڪمت عملي سان شڪارپور کي فتح ڪيو جو دنيا اچرچ ۾ اچي وئي ”سنڌ جي درٻار“ ۾ ڊاڪٽر جيمس برنس لکيو آهي ته ”حيدر آباد جي ويجهو پوئين منزل تي سنڌ جو وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري مون سان گڏيو“ ولي محمد خان لغاري انگريزن لاء نرم گوشو رکندو هو. انگريز ان کي پنهنجو دوست سمجهندا هئا. سنڌ جي درٻار ۾ آهي ته ” مير خود، نواب ولي محمد لغاري کي سنڌ جو وزير ڪري سڏيندا آهن. ميرن جي حڪومت ۾ ٽالپر گهراڻي جي ڀاتين کان پوء نواب کي هڪ اهم شخص ڪري سمجهڻ گهرجي. هو پاڻ هڪ با اثر قبيلي جو فرد آهي. جنهن هاڻوڪن حاڪمن جي سرفرازئ ۾ ميدان جنگ ۾ پاڻ موکيو هو. هو هميشه سندن وفادار ڪارائتو خادم ٿي رهيو آهي. هن ۾ نه رڳو سندس مالڪن جو پورو پورو ويساه آهي پر هن کي عام ماڻهن جي عزت ۽ محبت به حاصل آهي. جيڪا ڳالهه هڪ خود مختيار حڪومت ۾ غير معمولي آهي. هو حڪومت جي اندرونئ ڪاروبار ۾ ميرن جو صلاحڪار آهي. هن کي ايتري قوت آهي جو هو پنهنجي تدبير ۽ نرمئ سان دربار جي ظلم ۽ زبردستي جي تشدد کي گهٽائي سگهيگهٽائي سگهي ۽ هو جو اهڙو موقعو هٿن مان ڪڏهن ڪين وڃائيندو آهي. هن پوڙهي ۽ معتبر بزرگ کي پنهنجي مالڪن جي ڀلائي جي اوني سيکاريو آهي ته انگريز سرڪار سان دوستاڻا ناتا رکڻ ضروري آهن.ميرن مونکي هن جي صلاح تي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرايو ۽ رهايو آهي. ولي محمد خان چڱو خاص ستر ورهين جي ڄمار جو هوندو.جيڪڏهن هو گذاري ويو ته مير هڪ وفادار خادم ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ مهربان محافظ وڃائيندا.هن جو پٽ عياش جوان آهي جنهن ۾ پئ جي ڪا به وصف ڪانه آهي.نواب هڪ چڱي پائي جو شاعر آهي.هو سنڌ ۾ هڪ وڏو فاضل سمجهيو ويندو آهي. هن ڪيترن مرضن جي علاج تي هڪ ننڍڙو رسالو پڻ لکيو آهي جيڪو مير مراد علي جي نالي پٺيان سڏبو آهي ۽ مير صاحب ان تي فخر ڪندو آهي. مير اسماعيل شاه سرڪار جو پر ڏيهي مامرن جو صلاح ڪار آهي جيئن نواب ولي محمد خان گهرو مامرن جو صلاحڪار اٿن. مير اسماعيل شاه کي نواب ولي محمد کان پوء ٻئي نمبر تي عزت ڏيندا آهن“انگريز اسماعيل شاه تي سڙندا هئا ۽ مير نواب ولي محمد خان کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. مير ولي محمد جي معرفت انگريزسفارتڪار پنهنجي هڪ قاتل سپاهي کي سزا کان بچائي ورتو جنهن هڪ سنڌي ماڻهو کي ناحق قتل ڪيو هو.سنڌ جي دربار ۾ آهي” نواب ولي محمد جي غلام الله لغاري جو به درٻار ۾ چڳو اثر آهي“ ڊاڪٽر جيمس برنس وڌيڪ لکيو آهي ته ”موڪلاڻي جي موقعي تي منهنجو پراڻو دوست ولي محمد به هو. هن موڪلائڻ وقت مونکي پنهنجو ديوان به ڏنو. گڏوگڏ هن ڪيتريون ڪمائتيون شيون منهنجي مسافري لاء منهنجي سامان سان گڏ موڪليو هيون. لطف الله بدوي مرحوم تذڪره لطيفي ۾ فرمايو آهي.”نواب صاحب نه فقط هڪ لائق سپه سالار يا وڏو سياستدان هو مگر وقت جو وڏو اديب ۽ شاعر به هو.سندس تصنيفن مان ديوان ۽ هير رانجهو جي مثنوي مشهور آهي. نواب صاحب وڏي عمر ۾ سال 1832ع ۾ وفات ڪئي.حيدرآباد ۾ سندس نالي پوئتان ٽنڊو ولي محمد مشهور آهي.سندس پوئنر تاجپور شهر تعلقه هالا ۾ رهي ٿو“ علامه مولانا غلام مصطفي قاسمي فرمائن ٿا ” نواب ولي محمد خان کي چار پٽ هئا (1) نواب الهداد (وفات1300هه) هن جو تخلص ”صوفي“ هو فارسي جو سٺو شاعر ۽ ديوان جو مالڪ هو. (2) احمد خان وفات 1870ع هن جو پٽ نواب ولي محمد ثاني (1295هه1332هه) پنهنجي ڏاڏي وانگر شاعر هو ۽ ديوان جو صاحب هو (3)غلام حيدر خان (4) محمد خان نواب صاحب 1247هه ۾ وفات ڪئي ۽ هيٺيان ڪتاب سندس تاليفات ياد گار ڳڻيا وڃن ٿا (1) ديوان ولي فارسي (2) نزهة الابدان طب فارسي هن ۾ نواب صاحب پنهنجا طبي نسخا ڏنا آهن.(3) ساقي نامه (4) موعظت نامه فارسي (5) مثنوي هير ورانجها فارسي مطبوعه“ (مقالات قاسمي) نواب مير ولي محمد خان جي جنهن طبي ڪتاب جو ڊاڪٽر جيمس برنس ذڪر ڪيو آهي ته نواب صاحب ان ڪتاب کي مير مراد علي خان ٽالپر جي نالي منسوب ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿي ته اهو ”طب مراد“ هجي جنهن جي قلمي جو فوٽو اسان وٽ آهي پر ان جي مقدمه مان پتو پوي ٿو ته اهو ڪتاب مير مراد علي خان جو پنهنجو تصنيف ڪيل آهي خالي منسوب نه آهي.والله اعلم بالصواب. مير نواب ولي محمد خان جو ٻيو ڪتاب آهي حسام الادويه جنهن جو ڪنهن به تذڪره ۾ ذڪر نه آهي. انهئ جو هڪ قلمي نسخو اسان جي ڪتب خانه ۾ آهي جنهن جي ڪتابت منهنجي ڏاڏا سائين استاد العلماء حضرت مولانا نور محمد چاچڙ ڪنڊوي رحه ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهئ رساله جو ٻي ڪنهن هنڌ ٻيو به قلمي نسخو هجي پر اسان کي معلوم نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي طرح اسان جي معلومات مطابق رساله جو اهو واحد نسخو آهي. جنهن کي هن مجموعه ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
نواب ولي محمد جي باري ۾ اهم معلومات پڙهي خوشي ٿي۔ نواب ولي محمد لغاري جو ڳوٺ نيشنل هاء وي تي ايندو آهي ۽ وڏن بورڊن تي سندس نالو آويزان هوندو آهي۔