• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Need SindhSalamt Chatt Room

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ JamalSamo
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

JamalSamo

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم:
سائين منهنجا، جيڪڏهن سنڌ سلامت تي چاٽ روم شامل ڪريو ته بهتر ٿيندو، جنهن ۾ اسان جا سنڌي ڀائر هڪٻئي سان سڌي گپ شپ ڪري سگهن، مان وري به وس وارن ڀائرن کي اهو عرض عاجز ڪريانٿو ته جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته اها اسان تي مهرباني ڪريو۔
__________________
جمال سمون
 
جواب: Need SindhSalamt Chatt Room

سائين اوهان جي مشورو نوٽ ڪيو ويو آهي اوهان ڪوشش ڪيو ته سنڌي ۾ لکو اميد ته اوهان سنڌي لکڻ ۾ ماهر ٿي ويندا ۔ فورم تي ايندا ڪيو پنهنجون بهترين لکڻيون فورم تي شيئر ڪيو۔
 
جواب: Need SindhSalamt Chatt Room

ادا جمال سمان صاحب، سنڌي ٻولي جي هن بهترين فورم تي اوهانکي ڀليڪار چئجي ٿي، مٺا دوست! اوهانجي صلاح وس وارن تائين پهچي چڪي آهي ۽ اهڙو هڪ منصوبو زير غور پڻ آهي، انشاء الله ويجهڙائي ۾ هن فورم جي سالگره تي ڪجهه نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ٿئي پئي ۔۔۔ بس ٿورڙو صبر ۽ انتظار ڪريو ۔۔۔ تيستائين اوهان سنڌي لکڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي انسٽال ڪري وٺو ۽ اسان سان پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ ڪچهريون به ڪريو ۽ جي ڪو اهڙو مواد هجي جو اسان دوستن سان ونڊ ڪرڻ چاهيو ته به اسانجون اکيون ٿڌيون ۽ فورم تي موجود مواد پڻ ڪارائتو آهي ۔۔۔ سکڻ ۽ سيکارڻ اسانجو نعرو آهي، سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ اسانجو نصب العين آهي ۔۔۔ اميد ته اوهان اسانجي مدد ضرور ڪندا ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ
 
جواب: Need SindhSalamt Chatt Room

سائين جمال پيارا اوهان جي مهرباني جو اوهان پنهنجي تحرير کي ترميم ڪري سنڌي ۾ تبديل ڪيو سائين قبلا نثار ابڙو جن اسان جي فورم جا سپر ايڊيٽر آهن پاڻ اوهان جو مشورو نوٽ ڪيو اٿن اوهان پنهنجون علمي تحريرون اسان سان شيئر ڪندا ته اوهان جي مهرباني۔ سدا سلامت هجو شال ۔
 
جواب: Need SindhSalamt Chatt Room

سچ چوان ته اگر چات روم آيو ته سنڌ سلامت ۾ جيڪو لکڻي جو مزو آهي اهو ختم ٿي ويندو ؟؟

باقي توهان وڏن جي مرضي

ادا جمال سمون توهان پهريان سنڌي ته لکو بعد ۾ ٻيا ڪم ٿي پوندا
 
جواب: Need SindhSalamt Chatt Room

ادا جمال سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد

ادا اوهان پهنجي قيمتي مشوري سان هن فورم جي عزت ۾ اڃا به اضافو ڪيو اوهان جا لک ٿورا

ادا مون جهوني جو خيال آهي ته في الحال اسان ان موڊ ۾ نه آهيون جو فورم تي چيٽ روم هڻون ۽ هتي فورم تي ايندڙ اڪثر دوست هڪ ٻئي سان ياهو تي چيٽ ڪري وٺندا آهين ۔ يا وري ڪوبه ڪم ڪار يا سار سنڀال لهڻ لاء هڪ ٻي کي ذاتي پي ايم پڻ ڪندا اهين ۔ ۽ اهو ئي بهتر طريقو آهي
چيٽ روم جي لڳائڻ ۾ ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي پر ان مان پيدا ٿيندڙ مسائل ڪافي آهين ائين چوان ته فايدو گهٽ ۽ نقصان وڌ آهي ۔

ادا باقي مستقبل ۾ اگر ڪو حل يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪو طريقو نڪتو ته گهٽ نه ڪبي ۔ اوهان جي مشوري جي تمام گهڻي مهرباني سائين اميد ته اوهان پهنجي لکيڻ سان هن فور،م جي سونهن ۾ اڃا به اضافو ڪندا ۔ ۽ اسان کي اوهان جي اهڙي قيمتي مشورن جو انتظار رهندو​
 
جواب: Need SindhSalamt Chatt Room

ASN KHE BUDAYO ASAN SINDH MEN KEEN LIKHONsindhsalamatsaathsal

ادا محمد صالح صاحب
حق موجود
اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ايم بي سنڌي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ سنڌي لکڻ شروع ڪريو ۔۔۔ هي وٺو لنڪ، هن لنڪ تي لڳل وڊيو ۾ ايم بي سنڌي ڊائونلوڊ ڪرڻ جو طريقو سيکاريل آهي ۔۔۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1623

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: Need SindhSalamt Chatt Room

ادا بلڪل هن فورم تي چيٽ روم جو هجڻ لازمي آهي۔ اسان پنهنجي سنڌي ڀائرن سان آرام سان دوستي ڪري ٿا سگهون۔
 
Back
Top