پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر عرف جمال ناصر چاچڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر عرف جمال ناصر چاچڙ
    عبدالحئي چاچڙ

    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر عرف جمال ناصر چاچڙ ولد مولانا مفتي عبدالوهاب ولد مولانا عبدالقادر چاچڙ ولد مولانا نور
    محمد چاچڙ ڳوٺ مولوي محمد يوسف چاچڙ تعلقه ۽ ضلع گهوٽڪي ۾ 5 آگسٽ 1969ع تي تولد ٿيو.
    پرائمري تعليم پرائمري اسڪول محمد علي چاچڙ مان ماستر علي انور ۽ ماستر محمد ابراهيم ملاح وٽ ۽ قرآن شريف ملان محمد اسحاق چاچڙ وٽ پڙهيو.
    فارسي مولانا مفتي عبدالحق چنه ، سيد خليل احمد شاه مهمتم مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ، مولانا عبدالحڪيم پٺاڻ مولانا محمد اسماعيل چاچڙ ۽ پنهنجي والد ماجد مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ وٽ چڙهيو.
    عربي جي گهڻي تعليم جامعه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ۾ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ ، مولانا محمد اسماعيل ، مولوي عبدالغفور کوسو، مولانا ڪريم بخش چکڙو ۽ مولانا غلام حسين جتوئي کان حاصل ڪيائين. دوره حديث سکر جي مشهور ديني درسگاه جامعه اشرفيه سکر مان سال 1990ع ۾ پڙهي فارغ التحصيل ٿيو.دوره حديث ۾ سندس استادن ۾ شيخ الحديث حضرت مولانا عبدالهادي ميمڻ (جيڪو سندس والد ماجد جو به استاد هو.) مولانا مفتي عبدالمجيد رياستي مولانا قاري خليل احمد بندهاني سکر وارو، مولانا مفتي محفوظ احمد رياستي مولانا عبدالحق رياستي مولانا عبدالاحد هئا
    سندس گڏ پرهندڙ ۾ مولانا عبدالمجيد ڀيو، مولانا عبدالمجيد چاچڙ، مولانا شفيع محمد چاچڙ ، مولانا عبدالشڪور کوسو، مولانا عبدالغفور کوسو، مولانا غلام رسول ڪلهوڙو ، محمد شريف ڊنڊڻ ، ذولفقار علي چاچڙ شامل آهن.
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ديني تعليم سان گڏ دنيوي تعليم کي جاري رکيو.1990ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول روهڙي مان 1993ع ۾ گورنمينٽ عطا حسين ڊگري ڪاليج مان انٽر پاس ڪيائين . ساڳي ريت مدرسه دارالعلوم االشرعيه جي سرٽيفڪيٽ سنڊ الفراغ تي ( جيڪا بي _اي جي برابر هوندي آهي.)شاه عبداللطيف يونيورسٽي مان ايم _اي اسلامڪ ڪلچر ڪيائين ۽ ساڳي ريت يونيورسٽي مان ايم فل ( ماسٽر آف فلاسافي) جي ڊگري 1997ع۾ حاصل ڪيائين . سندس مقالي جو عنوان هيو”ڪتاب شرح وقايه جي اهميت ۽ ان ۾ آيل حديثن جي تخريح “ سندس گائيڊ هيو پروفيسر حافظ محمد يوسف ميمڻ مٽياري وارو.
    22فبروري 1992ع تي اورنٽيئل ٽيچر جي حيثيت ۾ گورنمينٽ جي ملازمت اختيار ڪيائين . 1998ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي گورنمينٽ اسلاميه آرٽس ڪامرس ڪاليج سکر ۾ اسلامڪ ڪلچر جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ نومبر 2003ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اسلامڪ اسٽيذيز ۾ اسٽنٽ پروفيسر خور پاس ٿيو آهي.
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر جو تعلق هڪ علمي گهراڻي سان آهي. سندس والد محترم سنڌ جو مشهور محقق ، اديب ، تاريخدان ۽ ڏاهو آهي. جنهن جي ڇانو هيٺ رهي علم ادب جون خدمتون ڪندو رهيو آهي.
    اولاد : ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن .
    عبدالسلام (2) عبدالهادي (3) عبدالحئي ۽ نياڻن ۾ (1) ثريا (2) ناياب (3) ظهيران
    گهو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو