پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته يونان ۾ هڪ عقلمند فلاسافر رهندو هو۔۔۔۔ جنهنجي علم جي ڄاڻ ملڪان ملڪ پکڙيل هئي۔۔۔
هڪ ڏينهن سندس هڪ واقفڪار ان عقلمند ماڻهون سان ملڻ آيو ۔۔۔۔ ۽ کيس چيائين ۔۔”ڇا توکي خبر آهي ۔۔۔۔ جيڪو مون تنهنجي دوست بابت ٻڌو آهي۔۔۔؟“
عقلمند ماڻهون وراڻيو۔۔۔۔”هڪ منٽ ترس۔۔۔! ڪجهه ٻڌائڻ کان اڳ مان چاهيان ٿو ته تون منهنجي هڪ ڏنل ٽيسٽ پاس ڪر۔۔۔ جنهن کي مان ٽه سوالي ٽيسٽ چوندو آهيان۔۔۔۔“
”ٽه سوالي ٽيسٽ۔۔۔۔؟“ واقف ڪار حيران ٿيندي پڇيو۔۔۔
”ها تو صحيح ٻڌو۔۔۔“ عقلمند ماڻهون وراڻيو۔۔۔”ان کان اڳ جو تون منهنجي دوست بابت ڪجهه ٻڌائين۔۔۔ ڇو نه ڪجهه وقت ٽه سوالي ٽيسٽ تي لڳائي تنهنجي ڳالهه جي جانچ ڪجي۔۔۔“
”پهريون سوال ”سچ“ بابت آهي۔۔۔۔ تون جيڪا ڳالهه مون سان ڪري رهيو آهين ۔۔۔۔ ڇا اها سچي آهي۔۔۔؟“
”نه۔۔۔۔“ واقفڪار وراڻيو۔۔۔۔”اصل ۾ اها ڳالهه مون ڪنهن ٻئي جي واتان ٻڌي آهي۔۔۔۔“
”ان جو مطلب ته جيڪا ڳالهه تون مون سان ڪري رهيو آهين ۔۔۔ ان بابت توکي پڪ نه آهي ته سچ به آهي يا نه۔۔۔ چڱو ٻيو سوال ”ڀلائي“ بابت آهي ۔۔۔ جيڪا ڳالهه تون ٻڌائي رهيو آهين اها منهنجي لاءِ ڀلي آهي۔۔۔؟“
”نه۔۔۔ ڳالهه اهڙي به نه آهي۔۔۔“
”ان جو مطلب ته تون جيڪا ڳالهه مون سان ڪرڻ وارو آهين اها ڀلي به نه آهي ۔۔۔۔ پر ان جي باوجود به تون آخري سوال جو جواب ڏئي ٽيسٽ پاس ڪري سگهين ٿو۔۔۔۔ آخري سوال ”فائدي“ بابت آهي ۔۔۔ ڇا منهنجي دوست بابت ڳالهه منهنجي لاءِ فائديمند آهي۔۔۔۔؟“
”نه۔۔۔ پڪ ناهي۔۔۔“
تنهن تي عقلمند ماڻهون چيو۔۔۔۔”ان جو مطلب ته تون منهنجي دوست بابت اهڙي ڳالهه ٻڌائي رهيو آهين۔۔۔ جيڪا سچي به ناهي ته ڀلي به ناهي ۽ ان جي ٻڌائڻ سان ڪو فائدو به نه آهي ۔۔۔ ته پوءِ تون اهڙي ڳالهه مون سان ڇو ٿو ڪرڻ چاهين۔۔۔۔“
سبق: دوستو اسان کي گهرجي ته پنهنجن پيارن، دوستن ۽ ويجهن بابت ڪابه ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ اهڙي ٽه سوالي ٽيسٽ رکي پوري ڳالهه جي جانچ رکون ۔۔۔۔ متان ڪنهن غلط ڳالهه ڪري پنهنجي عزيزن کي وڃائي ويهون۔۔۔۔۔