ڀلاري مهيني رمضان ڪريم جي آمد سموري عالمِ اسلام لاءِ خوشي جو باعث آهي۔۔۔ هن مهيني کي ان ڪري به خاص اهميت حاصل آهي ته هن مهيني ۾ قران پاڪ جو نزول ٿيو۔۔۔ هن ڀلاري موقعي تي خاص طور اسان کي گهرجي ته قرآن پاڪ کي سمجهي پڙهون يا ٻڌون ۽ ان تي عمل ڪريو۔۔۔ سنڌ سلامت پنهنجي سمورن رڪنن کي هن مهيني اهميت کي ياد ڏيارڻ ۽ ان مان ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ هر سال وانگر هن سال پڻ پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي۔۔ ان سلسلي ۾ گذريل رمضان ۾ سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي سجايل قرآن پاڪ جي تلاوت کي هن دفعي نئين صفحي تي منتقل ڪيو ويو آهي۔۔ جتي رهي ڪري توهان قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌي به سگهو ٿا ۽ هر آيت جو سنڌي ۾ ترجمون پڻ پڙهي سگهو ٿا۔۔ ڊيفالٽ طور تلاوت واري آواز کي بند رکيو ويو آهي پر اسپيڪر نما بٽڻ تي ڪلڪ ڪري آواز کي فعال ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ ان کانسواءِ سنڌي ترجمو جا لفظ ننڍا يا درست نه ڏسڻ ۾ اچڻ تي Don't close(moveout the mouse to show next versusلفظن اڳيان موجود چيڪ باڪس تي ڪلڪ ڪريو۔۔ جيڪو ڊيفالٽ طور لڳل هوندو آهي۔۔۔ نئين صفحي جو لنڪ هيٺ ڏجي ٿو۔۔۔ قرآن پاڪ پڙهو، ٻڌو ۽ سمجهو۔۔ اميد ته رمضان ڪريم جي آمد تي سنڌ سلامت طرفان قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ترجمي ٻڌڻ لاءِ هي نواڻ توهان کي پسند آئي هوندي۔۔۔ وڌيڪ توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت