هڪ بادشاهه کي خبر ملي ته هن جي شهر ۾ هڪ نيڪ بزرگ اچي رهيا آهن۔۔۔ بادشاهه ان سان ملڻ لاءِ روزانو شهر جي دروازي تي انتظار ڪرڻ لڳا۔۔۔ جيئن ته شهر جا ڪئي دروازا هئا ان ڪري بادشاهه هڪ ڏينهن هڪ دروازي تي ته ٻئي ڏينهن ٻئي دروازي تي وڃي انتظار ڪرڻ لڳو۔۔۔ ان باوجود کيس گمان گذريو ته ڪاٿي اهو نيڪ بزرگ ڪنهن مختلف دروازي مان داخل نه ٿين ۽ بادشاهه سندن آڌرڀاء ڪرڻ کان رهجي وڃي۔۔۔ اهو سوچي بادشاهه شهر جا سمورا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ صرف هڪ ئي دروازو کليل رکيو۔۔۔ جتي پاڻ ويهي نيڪ بزرگ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا۔۔۔ آخرڪار هڪ ڏينهن بزرگ جو اچڻ ٿيو۔۔۔ بادشاهه سلامت ساڻس ملاقات ڪئي ۽ چيائين ۔۔۔ ”جڏهن مون شهر جا سمورا دروازا بند ڪرايا تڏهن توهان سان ملاقات ٿي۔۔۔“ بزرگ جواب ڏنو۔۔۔ ”انسان کي رب جي راه به تڏهن نصيب ٿيندي آهي جڏهن سمورا دروازا بند ڪري صرف هڪ دل جو دروازو کليل رکندو آهي۔۔۔“
بزرگ جواب ڏنو۔۔۔ ”انسان کي رب جي راه به تڏهن نصيب ٿيندي آهي جڏهن سمورا دروازا بند ڪري صرف هڪ دل جو دروازو کليل رکندو آهي۔۔۔“ وڏو سبق سمايل آهي، هنن سٽن ۾ پر جڏهن ماڻهو ان منزل تي رسندو آهي ته پوء هن سڀ دروازا کلي پوندا آهن۔ جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن صاحب سامهون
رب جي راه حاصل ڪرڻ لاءِ سچي لگن ۽ محبت سان ان جي اڳيان سر سجدي ۾ رکي ۽ ٻاڏائڻ گهرجي۔ جيڪا انسان جي اصل منزل آهي۔ بزرگ جي جواب ۾ وڏو سبق سمايل آهي۔ انسان کي لالچ ۽ نفس جا رستا ڇڏي ڪري هڪ ئي رب جي راه وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ان ۾ ئي فتح ۽ ڀلائي آهي