نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي مونسان گڏ منهنجي نڪور شاعري به ڏسڻ لاءِ گُم آهي اڄ کوڙ ساري پنهنجي شاعري پاڻ سان گڏ پيش ڪري ٿو ڇڏيان، هي شاعري وقتن بوقتن فيس بُڪ تي پيش ڪندو رهيو آهيان، ۔
بار ضميرَ جو هلڪو ڙي
وائي
نثاراحمدناز
بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي
سچائين جو ڏگرو نڪري،
ڪُوڙا تنهنجي سارِي سارِي!
بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي۔
اڇِي اُجري هُوءَ جا نياڻِي،
جرڳي ۾ ٿِي ڪارِي ڪارِي!
بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي !
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي
ڪونجَ نه ايڏو ڪُرنائي لا،
سَرَ ته سمورا مارِي مارِي !
بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي۔
مارئي تُنهنجا مارو ڀِي،
توکي سمجهن ڌارِي ڌارِي!
بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
بارُ ضمير جو هلڪو ڙي۔
”ناز” اياڻا پيار ته تُنهنجو،
وارِي مُٺ ۾ وارِي وارِي !
بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي۔
پرين هي ڪيڏو ستم ئي ته آهي ۔
آزاد نظم
نثاراحمدناز
پرين هي ڪيڏو،
ستم ئي ته آهي،
توهان جي به يادن تي پهرا لڳن ٿا،
اسان جي بدن ۾،
وسيل تُنهنجي خوشبو،
هتي هي ته نادان کُرچي ڪڍن ٿا،
اسان جي ڳچيءَ ۾ وجهي هي ته ڪپڙو،
تتل ڌوپ ۾ ۽ تتل ريت ۾ ،
اسان کي ٿا گهيلين اُگهاڙِيءَ پُٺيءَ سان،
کڻيو سنگريزا ،
هٿن ۾ هي ماڻهو،
سدائين اسان کي ٿا ٽياس ٽنگائين،
سموري وحشت جا بند ٽوڙي،
سدائين اسان کي ٿا گهاڻي پيڙهائن،
اسان جو ته بچپن امانت هو تُنهنجو،
اسان جي جوانيءَ ۾ تون پاڻ آهين،
اسان جي ته پوڙهپ ۾ پاڇو آ تُنهنجو،
اسان ۾ وسين پاڻ ويٺو،
ڏسين پاڻ ويٺو،
ڪڏهن ڀِي نه ٿيندي ڪا تُنهنجي پُڄاڻي،
نه مُنهنجي پُڄاڻي،
پنهنجو پيار هوندو اول کان آخر
۽ ظاهر کان باطن،
اول کان آخر ۔۔۔۔۔۔!
۽ ظاهر کان باطن۔۔۔۔۔!
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
وائي
نثاراحمدناز
ڪيڏا هي مڪروه ماڻهو
ساڙين هرهر رُوح ماڻهو
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
حُسن جنين جوتاب تجلا
ٽهڪِي نڪتا ٽُوهه ماڻهو
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
اندر ۾ ابليسَ سائين
ٻاهر مُوسا نُوح ماڻهو.
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
سرگم ڪهڙا راڳ ڳايون
پاسي ۾ بدرُوح ماڻهو
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
بيٺل پاڻِي “ناز” ٻو ڙِ ينِ
کاڻا اهڙا کُوهه ماڻهو
ڪيڏا هِي مڪروهه ماڻهو .