ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.
    شايد توهانکي خبر هُجي تي ڊسڪ کي بار بار ڊيفريگنگ ڪرڻ سان توهان پنهنجي ايڪس پي جي پرفارمنس کي وڌائي نٿا سگھو، تنهنڪري مان هتي توهان کي مختلف ٽيويهه طريقه ٻُڌايان ٿو، جنهن تي عمل ڪرڻ سان توهان پنهنجي پي سي جي ايڪس پي ونڊو کي بهترين پرفارمنس واري ونڊو بڻائي سگھو ٿا. الاهي طريقن ۾ خرچ رتيءَ برابر به ناهي.
    1. توهان پنهنجي سسٽم جي بُوٽ ٽائيم کي گھٽ ڪري، سسٽم جي پرفارمنس کي وڌائي سگھو ٿا. هن لاءِ توهان کي ڪو به سافٽ ويئر خريد ڪرڻو نه پوندو پر، سسٽم جو بلٽ ان ونڊو ڊيفريگمينٽر بهترين ڪم ڪندو. بس توهان صرف پنهنجي ڪمپيوٽر کي الٽرا_133 يا سيريل اي.ٽي.اي هارڊ ڊرائيو جنهنجو ڪيشي بفر 8 ايم بي جو هُجي، لڳايو.

    2. جي توهان جي پي سي جي ريم 512 ايم بي کان گھٽ آهي، ته وڌيڪ ميموري لڳايو، هي سستي پوندي ۽ آرام سان اپ گريڊنگ ٿي ويند، هن سان توهان جي سسٽم جي پرفارمنس به امپرووِ ٿيندي.

    3. توهان کي يقين هُجي ته توهان جو ايڪس پي ونڊو جي اين ٽي ايف ايس فائل سسٽم تي انسٽال ٿيل هُجي، جي پڪ نه هُجي ته، توهان کي ٻُڌايان ٿو ته پڪ ڪيئن ڪري چيڪ ڪبو. توهان پهرين ماءِ ڪمپيوٽر آئڪن کي ڊبل ڪلڪ ڪريو، سي ڊرائيو تي رائيٽ ڪلڪ ڪريو، پراپرٽيز کي سليڪٽ ڪريو، ۽ پوءِ فائل سسٽم ٽائيپ کي اگزيمن ڪريو. جي اُهو ٻُڌائي ٿو فيٽ 32، ته پنهنجي ڪنهن به امپارٽنٽ ڊيٽا جي پهرين بيڪ اپ ٺاهيو، پوءِ، وري اسٽارٽ کي ڪلڪ ڪري، رَن ۾ سي.ايم ڊي ٽائيپ ڪري اوڪي ڪريو، پرامپٽ اچي ته لکو: ڪنورٽ سي ڪالن ايف.ايس ڪالن اين ٽي ايف ايس ۽ اينٽر ڪي کي پريس ڪريو.( عمل پهرين به ٻُڌايل آهي. ) هي عمل ٿوڙو ٽائيم وٺي سگھي ٿو، ياد ڪرجو توهان جي ڪمپيوٽر تي ٻيو ڪو ڪم نه هلي ۽ وائرس فري هُجي، فائل سسٽم جيڪو بُوٽ ايبل ڊرائيو جو هُجي لازمي طرح اُهو ٿئي فيٽ32 يا اين ٽي ايف سي هُجي. مان رڪامنڊيڊ ڪندس ته توهان جي هارڊ دسڪ جڏنهن به فارميٽ ٿئي ته لازمي اين ٽي ايف ايس تي هُجي.

    4. فائل انڊيڪسنگ کي ڊس ايبل ڪريو، ڇو جو انڊيڪسنگ سروس، ڊاڪومينٽ فائلس مان ڊيٽا کڻي ٿي ۽ ٻين فائلن مان پِڻ جيڪي هارڊ ڊسڪ تي هونديون آهن ۽ پوِ پاڻهين ئي ”سرچ ايبل ڪي ورڊ انڊيڪس “ ٺاهي ٿي. توهان اندزو لڳائي سگھو ٿا ته هي پراسيس ڪنهن به سسٽم تي گھني ڀاڱي ڇڪجندو آهي. آئڊيا اهو آهي ته يوزر ڪنهن ورڊ، ڪنهن فيريز، ڪنهن پراپرٽي جيڪا ڊاڪومينٽ ۾ هُجي ٿي کي سرچ ڪندو آهي، ۽ اها هزارن جي تعداد ۾ به ٿي سگھي ٿي. اهٽيءَ طرح ونڊو ايڪ پي جو بلٽ ان سرچ پراسيس هي اندران ئي اندران پوءِ به سرچ ڪري سگھي ٿو، جي اسان انڊيڪسنگ سرچ کي ڊس ايبل ڪنداسون ته. بس اهو وقت وٺندو، ڇو جو آپرٽنگ سسٽم هر فائل پنهنجي وقت سان اُن کي کوليندو ويندو آهي. اڪثر ماڻهن کي سرچ لاءِ ته هن فيچر جي ضرورت به نه پوندي آهي ، اُهي جيڪي وڏن ادارن ۾ ڪم ڪندا آهن، جتي هڪ ئي سرور تي لکن ۾ رڪارڊ پيل هوندو آهي، پر جي توهان سسٽم بلڊر آهيو ته پر توهان جا ڪلائينٽ اڪثر ٿوڙا هوندا آهن يا ڪو وچولو بزنيس ڪندا آهن ۽ جي توهان جي ڪلائنٽ کي هن سرچ فيچر جي ضرورت ئي ناهي، ته مان مشورو ڏيدس ته هن کي ڊس ايبل ڪري ڇڏيو. هاڻ اچو ته توهان کي ٻُڌايان ته ڪيئن:
    پهرين ماءِ ڪمپيوٽر آئڪن کي ڊبل ڪلڪ ڪريو، پوءِ سي ڊرائيو کي رائيٽ ڪلڪ ڪريو، پوءِ سليڪٽ ڪريو پراپرٽيز کي، هان ان چيڪ ڪريو جتي لکيل هُجي ” الئو انڊيڪسنگ سروس تو ڳنڊيڪس دس ڊسڪ فار فائل سرچنگ“ پوءِ طهانگيس اپلاءِ ڪريو سي جي سب فولڊر ۽ فائل ۾ وڃي ۽ اوڪي ڪلڪ ڪريو. جي وارنگ يا اِرر ميسيج اچي ته مثال ”ايڪسيس از ڊنائيڊ“ ته سڀني بٽڻن جي اگنور کي ڪلڪ ڪريو.

    5. پنهنجي پي سي جي مدر بورڊ ۽ چپ سيٽ ڊرائورس کي اپ ڊيٽ ڪندا رهو، گڏوگڏ، پنهنجي سسٽم جي بايوس کي پڻ اپ ڊييٽ ۽ ڪنفگر ڪندا رهو. وڌيڪ معلومات لاِ ته بايوس کي ڪيئن پراپر طريقي سان ڪنفگر ڪبو، مُهنجو آرٽيڪل هنن ئي پيجن تي ڏسجو، ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.

    6. پنهنجي ونڊو جي پري فيچ فولڊر کي هر ٽن مهنن کان پوءِ خالي ڪندا وڇو. ڇو جو، ونڊو ايڪس پي پري فيچ پورشنن جيڪي ڪيشي ۾ رڪارڊ ٿي ويندا آهن کي، انهن جي ڊيٽا ۽ اپليڪيشنن کي فريڪئنٽلي استعمال ڪندي رهندي آهي. حالنڪه يوزر چواڻي ته هن پروسيس ڪرڻ سان لوڊنگ تيز ٿي ويند آ، ها پر اوور لوڊ جو خطرو به رهي ٿو، تنهنڪري جيڪي فائل، فولڊر استعمال ٿيڻا ئي ڪافي عرصي کان نه هوندا آهن، اُنهن جو ضاع ڪرڻ لازمي آهي. جي نه ته ويچارو ونڊو ايڪس پي صرف پنهنجو وقت وڃائيندو آهي هنن فالتو فئل ۽ فولڊر ڪي پڙهڻ لاءِ، ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي توهان جي سسٽم کي ئي سلو ڪري ڇڏيندو آ. باقت توهان جي مضي آ گاربيج جمع ڪريو يا جان ڇڏايو.، هنن فولڊرن ۾ ڪا شي ڪرٽيڪل نه هوندي آ، هي آرام سان ڊليٽ ڪري سگھجن ٿا.

    7. مهني ۾ هڪ دفعو ڊسڪ ڪلين اپ ضرور ڪجي. ڪيئن، هن طريقي سان:
    ماءِ ڪمپيوٽر آئڪن تي و ڃي ڊبل ڪلڪ ڪريو، سي ڊرائيو تي رائيٽ ڪلڪ ڪري، پراپرٽيز سليڪٽ ڪريو، ۽ اُتي ”ڊسڪ ڪلين اپ“ بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو، هي بس ڪئپيسٽي جو پاءِ گراف آهي جيڪو سڀني ٽمپرري فائس کي ڊليٽ ڪري ڇڏيندو آهي.
    ٿڪجي پيو آهيان باقي آئنده
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

    سائين عبدالرزاق صاحب اوهان جي محنت کي سلام آهي ۔۔ اوهان نهايت ئي سٺي ۽ سهڻي طريقي سان ڪمپيوٽر جي ستل اسپيڊ کي اٿارڻ جا طريقا ٻڌايا آهن۔۔۔۔ اميد ته اسان جي گهڻن دوستن کي هن مان مدد ملندي۔۔۔
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

    پر ماڊريٽر کان علاوه ڪو وِيوئَر ته اظهار ئي نٿو ڪري، شايد شرمائي پيو،
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

    ادا سنڌي اهڙي ڳاله نه آهي ادا اوهان پاڻ ڏسو ته اوهان ٽويويه طريقن جو ستن طريقن تائين ٿڪجي پيا ۔۽ صرف ست طريقا ڏسيو اسان جو سائين رحيم جن ڪجه چست ماڻهون اهين اسپيڊ سٺي اٿن سو انهن ست ئي ٽپ آزمائي اوهان کي ريپلائي ڪيو باقي اسان جهڙين جهونن کي ست ڏينهن کپن :D:D اهي ٽپس آزمائڻ لاء هاڻي پاڻ اندازو ڪر ته هتي بدنام رڳو ما ن آهيان ته مان جهونو آهيان باقي عملي طور مون جهڙآ به کوڙ اٿئي ادا هاڻي تون ست ڏينهن صبر ڪر سڀ دوست اجهو ٿا ريپلائي ڪن
    ادا اوهان جي محنت لا جواب آهي مهنجو پي سي به مون وانگر جهونو آهي سو مان ان تي اها تجربا ڪرڻ شروع ٿو ڪيان باقي مارڪيٽ واريون ٽپون پاڻ ڪون آزمائيندا سي سنگت ۾ ڳاله صاف ڇو ته جهوني جو ڪو به پراڻو پرزو ناهي مٽائڻو :D اسان جهونن کي جهونيون شيون ڀليون لڳنديون آهين :D
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

    سائين علي علي اوهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي ليڪن هر دوست کي ايپريشيئيٽ ته ڪرڻو پوندو آهي ڪير به محنت ڪري ته ان کي داد ڏيڻ ته گهرجي باقي سائين کي عرض آهي ته پاڻ رهيل ٽپس به ٻڌائين پوء هر ڪو دوست ڪا نه ڪا ٽپ آزمائي ان جي رزلٽ متعلق جواب لکندو اوهان هفتي جي عرصي تائين پنهنجي تجرباتي ۽ مشاهداتي نتيجن کان نوازڻ نه وساريندا اسان کي ته ڪمپيوٽر گهٽ ايندو آهي بس سنڌي لکون ٿا ان ۾ به کوڙ ساريون غلطيون ٿيو وڃن ذهن ۾ ڪجهه هوندو آهي اسڪرين تي وري ان ۾ ڪافي ڪاتاهيون نظر اينديون آهن بهرحال اوهان جي عنايت سان اوهان جي پويان پويان اچڻ جي ڪوشش ڪبي۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

    مٺا سائين عبدالرزاق تمام بهترين مشورا ڏنا اٿوَ۔۔۔ سچي به ته اهڙي سلسلي جي تمام گهڻي ضرورت هئي ته ڪي اهڙيون ٽپس به شيئر ٿيڻ گهرجن جن ذريعي بغير ڪنهن سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر جو اعلاج ڪري سگهجي۔۔۔۔
    ماشاء الله ڏينهون ڏينهن توهان جي لکڻين ۾ اضافو ۽ انگريزي بجاءِ سنڌي لفظن جي گهڻائي به وڌي آهي۔۔۔ ان جو واضح ثبوت توهان جي تحريرن ۾ دوستن جا جواب آهن۔۔۔ ۽ توهان ۽ ادا علي علي کي ياد ڏياريان ته پهريون جواب ادا مست ڏنو جيڪو نه سائين رحيم آهي ۽ نه ڪو ايڊيٽر يا موڊيريئٽر۔۔۔۔

    باقي توهان پنهنجي تحريرن ۾ جيڪڏهن سڪرين شاٽس لڳايو ته اصل چار چنڊ لڳي ويندا۔۔۔ ۽ ها ڪجهه ٽيڪنيڪل ورڊ انگريزي ۾ ئي ڀلا لڳن ٿا جهڙوڪ۔۔۔
    جنهن سان دوست توهان جي ڳالهه کي بهتر طريقي سان سمجهي سگهندا۔۔۔۔

    اسان کي فخر آهي ته اسان جو قابل ساٿي محترم عبدالرزاق ميمڻ المعروف سنڌي ميڊيا هر فن مولا آهن۔۔۔ پاڻ انگريزي تي عبور حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ، اداڪاري، ڊائريڪشن ۽ خاص الخاص وڊيو ايڊيٽنگ پڻ خوب ڄاڻين ٿا۔۔۔
    ان ڪري سائين کي وڊيو ايڊيٽنگ سيکارڻ لاءِ درخواست ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

    محترم رشيد سمون صاحب ۽ ٻين محترم دوستن خدمت ۾
    يقين ڪريو ته الله مُهنجي دماغ جي ميموري ۾ ايترو ته مواد موجود ڪري ڇڏيو آهي جو آئون چاهيان ٿو ته هڪدم ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪريان نه ته ڪٿي...؟ پر ڇا ڪريان اسپيڊ مئچ نه ٿئي،ه هئنگ ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو، مان جنهن به ٽيڪنڪ سان ڪا ڳالهه ڪريان ٿو، جي توهان اُن تي غور ڪريو ته اُهي ملٽي ڊاميشنل هونديون آهن ۽ آئون بحيثيت ريسرچ اينالائيزر ڄاڻي واڻي اُن کي ملٽي ڊائمشنل رکان ٿو، ان عمل کي ڪمپيوٽر جي زبان ۾ فيچنگ چئبو آهي.

    توهان کي لڳندو ته مان شايد ڪا ڳالهه پيو ڪريان، ڪا ڪهاڻي پيو ٻُڌايان ، ڪنهن تي تنقيد پيو ڪريان ، پر ائين نه آهي، توهان ان مان ادبي ۽ سائنسي ، نفسياتي نُقطا به ڪڍي سگھو ٿا، هيءَ هاڻ توهان جي دماغ جي سيلف ٽيسٽ آهي ته توهان جو فيچنگ جو عمل ڪيترو تيز آهي. مان اُنَ انجڻ جيان آهيان جن کي اهڙن دٻن کي به گهلڻو اهي جنهن جا ويل جام ٿيل آهن، جنهن ۾ ڪٽ چڙهي وئي آهي، ڪنهن اُن کي مصنوعي جام ڪيو آهي، ڪنهن هُن کي ڪنهن ميڊيم سان ٻڌي ڇڏيو آهي، پر مونکي هُن کي گھلڻو لازمي آهي اهو مان پنهنجي قومي ذميورا سمجھان ٿو. ائين جيئن مون سان ڪي به، مُهنجي رفتار کان گھٽ هلندڙ ساٿي، هڪ اهڙي جنگل ۾ اچي فاٿا آهن، جتي بس بچڻو آهي ته ريس ڪرڻي پوندي، نه ته پوئتي رهيلن جو نقصان يا انت ايندو، ڇوجو يا ته ڪا بلان پويان آهي يا ٻي ڪا مُصيبت، هاڻ پاڻ کي اُتيرکي تصور ڪريو، ته توهان جي فيچنگ توهان جي مرضيءءَ سان ئي ٿي پئي نه.. بس اهي ئي مُهنجا سائڪلاجي ٽپس آهن.

    جڏنهن مان ڪنهن پوليٽيڪنيڪل اداري ۾، يونيورسٽيءَ ۾ يا پاڪستان نيوي ۾ جنرل ليول جي آفيسرن کي پڙهائندو هُئس ته انهن ٽپس سان ئي کين مُتاسر ڪندو هوئس، نه پاس ٿيندڙ به فيچنگ ٿي 80 سيڪڙو گھٽ ۾ گھٽ مارڪو کنندا هُئا. بس الله جي ڏات اهي، ڇهين حس سان، پرڊڪٽ ڪري سگھان ٿو اڄ تائين مُهنجون 80 سيڪڙو پرڊڪشن صحيح نڪتيو آهن.

    دوستو شايد توهان کي خبر هُجي ته ڪنهن به شي جي آگَهِي جو هُجڻ فرد لاءِ پڻ ڪيترو نه خطرناڪ آهي ، ان ڪري مون لاِ به، جيئن جج ڊاڪومينٽڪ ايويڊنس تي ڊسيشن ڏيندو اهي، مان به اهري طرح ٽيڪنيڪلٽي، اپلائيڊ سائڪلاجي ۽ ذاتي آزمايل طريقن سان ٽپس تيار ڪريان ٿو، جي ڪڏهن لڳندو آهي ته شايد مان ڪنهن جي مُوافقت ۾ آهيان يا وري ڪنهن جي مُخالفت ۾ پر ائين هرگز نه سمجھجو، بس قوم جي نفسيات سمجھان ٿو، توهان جي ڪمينيڪشن مان ڪجھه سکان ٿو جنهن کي اسين نفسياتي زبان ۾ ٽرانس چئون ٿا ، ڳالهائي تريڪ ڪريان ٿو ، جيڪي ڳالهائين ٿي، ڀلي ڪيترو به رموٽ ايڪسس تي هُجن، اُتان ئي لمحن ۾ دوستي جيئن رشيد صاحب سان، ۽لمحن ۾ دُشمي به جيڪي گُفتن ۾ ٽريپ نٿا ٿين ۽ لنوائي وڃن ٿا، ۽ جهڙا به جواب ڏيان ٿو پر اُن جواثر صرف پازيٽو هوندو آهي علم وڌائڻ علم جي زڪوات آهي، وڌايان ٿو وڪڻان نٿو، اُن ڪري الله سائين مختلف علم مُهنجي ذهن ۾ ٺونسي ڇڏي آهن ، پر ڇا ڪريان ، مُهنجي ڊيٽا آر ايس 323 تحت بٽ باِءِ بٽ ٿي نڪري نه ڪه پيريلل، ڇو جو مضمون ملٽي ڊائريڪشنل آهن ، جنهن جو ذڪر رشيد صاحب جن ڪيوآهن هر مضمون سان اڳتي وڌڻو اهي. سنڌي انگريزي اسپيلن لاءِ معافي، اهي ٽئپو گرافڪ ارر آهن، اگنورر ڪري سگھجھن ٿا ،جي ڳالهه سمجھجي وئي ته ري ايڊٽ ڪندو رهندُس. جزاڪ الله.
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٽيويهه طريقه جنهن سان توهان جي اڪس پي ونڊو تيز ڪم ڪندي.

    سائين عبدالرزاق صاحب تمام بهترين ٽپس آهن مون جو اهو خيال هو ته توهان سڀ طريقا شيئر ڪريو ته انهن کي آزمائي ڪري پو۽ ئي پنهنجي را۽ ڏبي پر توهان جا هي ست ئي ٽپس لاجواب آهن

    سائين توهان جي محنت جي جيتري به داد ڏجي سا گهٽ ٿيندي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو