خالد ڪنڀار ڊيني ته بينن جي ڌيءُ هئي.بينن پنهنجي انهي ڌيءَ جي پٺيان انهي فارم جو نالو ڊيني سر فارم رکيو هو، جيڪو نبي سر ٽيشن سان لڳو لڳ ڏهاڪو ڪلوميٽر اوڀر طرف، نبي سر ٿر واري روڊ تي آهي. هونءَ ته ڊيني ۽ بينن جو اصل وطن برطانيا هو، پر هتي اوڪاڙه پنجاب ۾ رنالا خرد اسٽيٽ هئي، جتان مچل فروٽ جون ٽافيون اچن ٿيون. هتي برٽش گورنمينٽ بينن کي ويهه هزار ايڪڙ زمين فضل ڀنڀري کان وٺي ويندي رسول آباد، ٽالهي، نبي سر تائين سموري ويهه هزار ايڪڙ زمين نوانوي سالن لئه ليز تي ڏني هئي.1915 ۾ اها زمين بينن کي ملي، جنهن وقت اها زمين هن کي ليز تي ملي هئي، تڏهن هتي ڪوبه زرعي نظام ڪونه هو. رڳو گهاٽا ٻيلا هئا. چون ٿا ڍڳي گاڏين ۾ نانگ چڙهي ويندا هئا. هي جيڪا گهڻي آبادي پنجابين جي نبي سر ۽ ٽالهي جي آس پاس ڏسو ٿا يا جيڪي هتي سک رهندا هئا، اهي سڀ وٺي اچڻ وارو بينن ئي هو. هيءَ اتان غلام محمد کي وٺي آيو. جنهن کي پوءِ خانصاحب جو لقب به مليو، جيڪو هتي هنن جي اها ڊيني سر فارم واري ويهه هزار ايڪڙ واري اسٽيٽ سنڀاليندو هو. شير احمد ۽ چوڌري انعام وارو والد صاحب چوڌري برڪت الله انهيءَ اسٽيٽ جا اسسٽنٽ مئنيجر هئا. ايئن هتي پنجابين جي آبادڪاري ڪئي وئي. باقائده ڊيني سر فارم تي انهن پنجابين جون ڪالونيون انهيءَ دور ۾ ٺاهيون ويون، جڏهن هو هتي آيا هئا. تڏهن اڃا نبي سر واري ريل به ڪونه هلندي هئي. اها ته پوءِ هنن جي ئي ڪري 1925ع ۾ هلڻ شروع ٿي. انهيءَ کان اڳ۾ اهي جهڏي مان اٺن ۽ گهوڙن تي ڊيني سر ايندا هئا. اهي انگريز، گهوڙو ٿورو پوڙهو ٿيندو هو ته انهيءَ کي گولي هڻي ماري ڇڏيندا هئا. جيڪو گهوڙو پنڌ ڪرڻ جهڙو نه هوندو هو، اهو جهڙو ڪر ويو بندوق جي گوليءَ جي منهن ۾. پوءِ جڏهن نبي سر واري ريل پٽڙي وڇاڻي ته هنن جهڏي مان گهوڙن ۽ اٺن تي اچڻ ڇڏيو. ريل مان اچي نبي سر تي لهندا هئا. انهيءَ زماني ۾ هن تر جي ماڻهن مان صرف بينن ۽ خانصاحب غلام محمد ٻه اهڙا ماڻهو هئا، جن وٽ چڙهڻ لئه ڪار هئي. پر اها صرف نبي سر کان ڊيني سر تائين ايندي ويندي هئي. انهيءَ ڪري جو انهي زماني ۾ ڪو روڊ يا رستو ته هو ڪونه. گاڏين لئه صرف اٺن ۽ گهوڙن لئه واٽون هونديون هيون. پوءِ هنن نبي سر کان ڊيني سر تائين سرن جي بٺي واري سرن جي چوري جو روڊ ٺاهيو. انهيءَ سان لڳو لڳ ڍڳي گاڏين لئه به رستو ٺاهيو. انهي جي ٻنهي پاسن کان واٽر ٺهرايا، جن جي پاڻي مان انهي روڊ ۽ رستي تي روز صبوح جو ڇٽڪار ٿيندي هئي. هنن انهي زماني ۾ اتي ئي سرن جو بٺو لڳايو، جنهن مان پنجابين لئه انهن ڏينهن ۾ ڊيني سر ۾ پڪيون ڪالونيون ٺهيون ۽ بينن ٻه هڪجهڙا بنگلا پنهنجي لئه ٺهرايا. چون ٿا اهڙا ئي هوبهو بنگلا هنن جا اوڪاڙا ۾ رنالا واري اسٽيٽ ۾ به آهن. پر اها رنالا اسٽيٽ هينئر آرمي وٽ آهي ۽ هي ڊيني سر چوڌرين وٽ آهي. 1919 ۾ اتي اسڪول به ٺهيو، جنهن ۾ پنجابين جا ٻار پڙهندا هئا. پر هينئر تازو ئي اهو اسڪول موجوده ڌڻين بابو انور وارن ڊهرائي ڇڏيو. خير اهو بنگلو ته ٽٽي ويو، پر اڃا هڪڙو بنگلو بچيل آهي. اهو بنگلو جيڪڏهن ڪير اڄ ڏسندو، تڏهن به اهڙو لڳندو، جهڙو تازو ٺهيل هجي. انهن ڏينهن ۾ به ڪاري تيل تي جنريٽر هلندو هو. اهو رات جو ٻارنهن بجي تائين مقرر هو، جيڪو مستري سلطان هلائيندو هو. انهي بنگلي جي اڳيان پارڪ آهي، جنهن ۾ ويهڻ سان اوهان اڄ به اهو محسوس ڪندا ته اوهان سنڌ ۾ سانوري شاخ جي پوڇڙي واري ڳوٺ ۾ نه، پر ڪنهن سڌريل ملڪ جي سڌريل شهر جي ڪنهن بنگلي ۾ ويٺا آهيو. هر قسم جو وڻ اوهان کي اتي ملندو. ڊيني سر جا موجوده رهاڪو اڃا ميندي شهر مان ناهن وٺندا. هتي ميندي جا جام وڻ آهن. چڪن جو باغ ، انبن جو باغ، ليمن جو باغ، نر کجين جا وڻ، گدامڙي سميت هر وڻ آهي. انهي ئي بنگلي جي بلڪل پٺيان پاڻي جو فلٽر پلانٽ لڳل آهي، انهن ڏينهن ۾ هو پاڻي فلٽر ٿيل پيئندا هئا. انهي فلٽر پلانٽ جا ٽي حصا آهن، جيڪي ٽي تلاءِ آهن. هيٺ آڏيون مٿان ابتيون سرون رکي مٿان ڏيڍ فٽ جيترا ڪاٺين وارا ڪوئلا ڀري، انهي مٿان وري ڏيڍ فٽ سنهي صاف واري وجهي مٿان پاڻي وجهندا هئا. اهو پاڻي اتان سيمون ڪري واري، ڪوئلن ۽ سرن مان فلٽر ٿي گذرندو هو. اهو پلانٽ اڃا به نبي سر جي ڪافي پنجابين جي گهرن ۾ لڳل آهي. چوڌري طارق وٽ اڃا گهر ۾ لڳل آهي. انهي بنگلي سان لڳو لڳ هنن ٽينس کيڏڻ لئه ميدان ٺاهيو، جنهن ۾ رڳو انگريز ٽينس راند ڪندا هئا. هنن نه رڳو مسجد ٺهرائي هئي. پر انهيءَ مسجد لئه اٺ ايڪڙ زمين به مخصوص ڪئي هئي. جنهن جي ڪمائي مسجد کي ويندي هئي. جيڪا اڃا تائين مسجد کي ئي وڃي ٿي. مهمان خانو وغيره هر شئي هئي. هتي هو هتان جون رانديون به ڪرائيندا هئا. ڍڳن جي ڊوڙ، گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙو.. چون ٿا بينن پاڻ رسي ڇڪڻ واري راند کيڏندو هو. انهي بنگلي ۾ هڪڙو چئين تي پکو هو، جيڪو اڃا آهي. هو جتي وهندا هئا، چئين جي مدد سان پکي کي اوڏانهن ڇڪيندا هئا، پکو اتي اچي پهچندو هو. بنگلي جي دروازي تي پليٽ لڳل هئي، جتي گهر ۾ داخل ٿيڻ مهل جتي صاف ڪري سگهبي هئي. ٻاهرين ڇٻر جي مٿان ڇٽيون لڳل هونديون هيون، جنهن هيٺ هو وسندي برسات ۾ وهندا هئا. انگريز شڪار به ڪندا هئا. انهن ڦٽيءَ جو ڪارخانو به انهي اسٽيٽ جي ڪري نبي سر ۾ ٺهرايو، جيڪو هاڻ ڪجهه عرصو ٿيو، جو ناهي رهيو. هن اسٽيٽ ۾ انڊيا جي ضلع مٿرا جا ماڻهو به ڪم ڪندا هئا. ڀنگي، لوهار، ڪاسائي هر ضرورت واري ذات هنن لڏائي اچي هتي ويهاري هئي. اسٽيٽ جي اندر سڌا ۽ ساريکا روڊ هئا، جن تي ڀنگي ٻهارو ڏيندا هئا.مالٽي جا وڻ جام هئا. انهيءَ اسٽيٽ جو هڪڙو باقائده زرعي نظام هو. ڦٽي ۽ مرچ کان سواءِ هر فصل جو حصو کري تي ملندو هو، جيڪو اڃا به ملي ٿو. باقي ڦٽيءَ ۽ مرچ جو وهنوار اوڏي مهل ملندو هو. مڪمل نظام ۽ سسٽم هو، هر شئي انهيءَ سان هلندي هئي. ويهه هزار ايڪڙ زمين ئي هنن آباد ڪئي. هنن جهنگل ۾ منگل ٺاهي ڇڏيو. هو هٿرادو ڀاڻ استعمال ڪندا هئا. 1947ع ۾ انگريز ليز تي مليل اها زمين وڪرو ڪري ويا. جيڪو جتي ويٺو هو، انهي کي اتي زمين ڏنائون. تڏهن زمين ٽيهـ کان چاليهه رپيا ايڪڙ هئي. نبي سر وارو ڦُٽِيءَ جو ڪارخانو خانصاحب غلام محمد کي ڏئي ويا ۽ انهي ويهه هزار ايڪڙ زمين مان هزار ايڪڙ بودر فارم تي رهندڙ غلام حسين کي مليا. اسٽيٽ ٽٽي ايڪڙ ايڪڙ ٿي وئي. انهيءَ تر ۾ اڄ به گهڻي زمينداري پنجابين جي آهي. هاڻ اهو ئي جهنگل مان سرسبز ٿيل علائقو وري پاڻي جي کوٽ ۽ چوريءَ جي ڪري ديوين جي جهنگ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر لڇمڻ جهڙا ڊيني سر جا رهاڪو ته اهو ٿا چون ته هي جيڪو ڊيني سر آهي، انهيءَ جي پنجين پتي به ناهي رهيو، جيڪو رڳو ويهه سال اڳ ۾ هو. سڄي اسٽيٽ جي ٻنن تي وڏا وڏا وڻ هئا، جيڪي وڍجي ويا. ڊيني ۽ بينن جو سنڌ ۾ ڳوٺ ۽ اسٽيٽ ويران آهن. بس بينن جي بنگلي جي چوڌاري سوين مور ۽ ڊيلون ڪوڪي رهيون آهن. ڪٿي انهن مورن ۽ ڊيلن ۾ بينن ۽ ڊيني جو روح ته ڪونهي !هاڻ ٻاويهه سالن جي ڊيني جي اسٽڪ جو آواز ڪير به نٿو ٻڌي هن ڳوٺ ۾.. هن ڳوٺ ۾ نبي سر کان ايندڙ روڊ ته رڳو نالي جو روڊ آهي، جتان موٽر سائيڪل به هلائڻ مسئلو آهي. ديوين رستو ڍڪي ڇڏيو آهي. اڳوڻي مالهيءَ جو مال چاريندڙ پٽ اهو بينن جو ٺهرايل روڊ انهي روڊ ۾ ڳولي رهيو آهي ۽ چئي پيو،”سائين! ڪيا ٿا، بس ڊيني ٿي، بينن صاحب ٿي، مالٽون ڪي بڙي بڙي باغ ٿي، اور ڪيا... هم مٿرا سي آئي ٿي. اڙي سائين مروائو گي تو نهين... سڀ ڪجهه برباد هو گيا“. هاڻ هن جي اها ذهني حالت به ناهي رهي. هي اهي اکيون آهن، جن ڊيني سر جو اوج به ڏٺو ته زوال به. ڊيني به ڏٺي ته بينن به، ڊيني سر جي اسي سيڪڙو آبادي لڏي نبي سر اچي وئي آهي، باقي نبي سر اچڻ لئه سنڀريل آهن. ايئن نه ٿئي، جو اهو بنگلو اڪيلو رهجي وڃي.