تاجل بيوس ڪراڙ! ڪويءَ جي پارت ٿئي شيخ اياز سان منهنجي ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ ستر واري ڏهاڪي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٿي.جڏهن وائيس چانسلري واري زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ اچي گلشن اقبال واري پنهنجي جاءِ تي رهندو هو.ان کانپوءِگارڊن روڊ تي واقع منهنجي سرڪاري رهائش تي کيس گاڏيءَ۾ ويهاري شام ويلي يوسف شاهين مون وٽ ڇڏي ويندو هو۽کلندي پارت به ڪري ويندو هوته اياز کي ڪوڙي پاڻي پيارڻ کان پرهيز ڪيان ۽ ايئن هڪ ٻئي جي رهائشگاهن تي پيو ملڻ جلڻ ٿيندو هو.هڪ دفعي ته اياز چئي ڏنو هو ته”تاجل! ڪوئيٽا مان آندل تنهنجا فرانس جا گلاس ڏسندي دل ٿي چوي ته هاڻي ئي مرزا غالب ٿي وڃجي. ان زماني ۾ ڪوئيٽا آفيس جي مون وٽ اضافي چارج هوندي هئي ۽ مان ڪوئيٽا جي دفتر هلائڻ لاءِ مهيني ڏيڍ ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا ويندو هئس.جتان کيسي جو خير هوندو هو ته جپان،فرانس،۽ ايران جو ڪپڙو ۽ ڪراڪري پاڻ لاءِ به وٺي ايندو هوس ته دل گهرين دوستن لاءِ به.اها چارج مون وٽ 1982ع تائين پورا نو سال رهي. هڪ لڱا اياز ۽ منهنجي ملڻ جي جڳهه وي سي هائوس ڄامشورو طئي ٿي.جنهن لاءِ اياز اسان جي ملاقات ۾ هڪ اها ڪشش به پيدا ڪئي ته هو هن دفعي مانواري محمد ابراهيم جويي کي به دعوت ڏيئي گهرائيندو ۽ اسين پاڻي به گڏ پيئنداسين ته ماني به گڏ کائينداسون ۽ پوءِ هئو مئو ٽرڻ کانپوءِ اسان ويهي ڪچهري ڪئي هئيسين.اياز جي ٻڌايل شعرن سرور ۾ سرور عطا ڪيو هو.مان ۽ جوئي صاحب کيس وري وري ٿي داد ڏنو ۽ اياز اسان جي داد ۽ پسنديدگيءَ جي اظهار تي مست الستي بڻجي ويو هو.اياز کي جوئي صاحب ۽ سندس فرمائش تي مون ڏهه وايون ٻڌايون هيون.جن کي اياز ايڏو ته پسند ڪيو هو جو مون کان ڏهه ئي وايون وٺي چيو هيائين ته يونيورسٽي طرفان نڪرندڙ ڇهه ماهي”پرک“ رسالي ۾ جتي سندس ڪلام ختم ٿيندو.اتان هو منهنجيون سڀ جو سڀ وايون ڇپيندو.۽ اياز ائين ڪيو هو.جيئن ته اڃا منهنجو ڪو ڪتاب ڪڙو نه ڇپيو هو ۽ ادب ۾ منهنجو قد بت مقرر نه ٿيو هو.ان ڪري سندس ڏنل داد مان محسوس ڪيو هو ته منهنجي ڪلام ۾ ڪا اهڙي خوبي ضرور آهي جنهن اياز ۽ جوئي صاحب کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو.منهنجي لاءِ در اصل سندس ڀرپور قسم جو داد اتساهه ڏيڻ جو وڏو وسيلو بڻجي سامهون آيو هو.۽ جلد ئي مانواري اياز پنهنجن ڇپيل ڪتابن جي هڪ هڪ ڪاپي اچي مون کي گارڊن روڊ جي سرڪاري رهائشگاهه تي عنايت ڪئي هئي.جنهن سان گڏ دستور موجب يوسف شاهين هو.مون سر جهڪائي سندس ٿورا مڃيا هئا. مون کي يادآ،جوئي صاحب کي به ياد هوندو ته وي سي هائوس ۾ ڪچهريءَ دوران اياز جو شعر ٻڌي جڏهن مون دل کولي داد ڏنو هو ۽ کيس ايئن به چيو هو ته سندس بيتن ۽ واين ۾ ”لطيفي لات“ ماکيءَ جي لاري جيان ٽپڪي رهي آهي.تڏهن هڪلڪري مونکان جوئي صاحبپڇيو هو ته ”تاجل ٻڌاءِ! ته تنهنجي پسند جا شاعر ڪهڙا آهن؟“جنهن تي مون جوئي صاحب کي عرض ڪيو هو ته ”جيئن ته منهنجو اڃا نه ڪتاب ڇپيو آهي ،نه وري ادبي قد بت طئي ٿيو آهي ۽ جيئن ته اهي ڳالهيون ايندڙ وقت جون آهن.انڪري اهڙي راءِ کي اڳتي هلي کولينداسون.“پر پوءِ به اياز ۽ جوئي صاحب جي اسرار تي مون کين کل خوشيءَ واري انداز ۾(۽ ها ان وقت رات جو هڪ وڳو هو ۽ اسان زمين ۽ آسمان جي وچ تي سير به ته ڪري رهياهئاسون)ٻڌايو هو ته سنڌ جي موجوده سڀني شاعرن کي ۽ اسان کان جدا ٿي ويل قاضي قادن،سچل،لطيف سميت کين دعوت ڏئي گڏ ڪري ميڙاڪو مچايو،جتي مان به ميزبان طور موجود هجان ته پوءِ مان جڏهن ٻن شاعرن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندس ته چئي ويهندس ته هننٻنهي شاعرن جي ميزباني ۽ شعر ٻڌڻ لاءِ مون کي پوري هڪ هڪ جنم، جي ضرورت پوندي.“منهنجي ان قسم جي پڌرنامي ايڏو ته تجسس پيدا ڪيو هو،جو هي چئي ويٺا ها ته ”هاڻي تاجل! تون انهن ٻنهي شاعرن جا نالا ڀلي نه ٻڌاءِ پر اسان سمجهي ويا آهيون.“۽ پوءِ هو مون کي دل ۾ ويهاري مون سان پيار ڪرڻ لڳا هئا.“هي اهو زمانو هو جڏهن جنرل ضياءَ ملڪ جو حڪمران هو۽ شهيد ڀٽو پنجاب جي هڪ زندان جو باندي بڻيل هو. شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ هو سکر بدران ڪراچيءَ اچي رهڻ لڳو هو ۽ مون وٽ گارڊن تي وري وري پيو ايندو هو.جن ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن شمشيرالحيدري،هدايت بلوچ،يوسف شاهين،علي بابا،نثار قريشي،امام الدين پٺاڻ به اچي اسان سان شامل ٿيندا هئا.اياز ڳالهائيندو رهندو هو ۽ اسان کيس ڏسندي ۽ ٻڌندي پنڊ پهڻ بڻجي ويندا هئاسين. ڊسمبر 1983ع ۾ مونپروموشن ملڻ ڪري.اسلام آباد بدلي ڪيو ويو هو.۽اتي چار سال گذرڻ کانپوءِ 1987ع وري به ڪراچيءَ موٽي آيو هوس.جنهنکانپوءِ به اياز سان منهنجي ساڳي ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ رهندي آئي.جيئن ته مون هڪ سس تي قسم جي ڪار خريدي هئي.انڪري هاڻي اسان ڪلفٽن وٽان سمنڊ جو درشن ڪرڻ،صدر ۽ ڪلفٽن مان ڪتاب خريد ڪرڻ،ڊاڪٽر جي هدايت موجب اياز لاءِ پپيتا ۽ ڪدو خريد ڪرڻ۽ ڪڏهن ڪڏهن منجهند جي ماني کائڻ لاءِ پنهنجي گاڏيءَ وسيلي وڃڻو پوندو هو.اياز جڏهن سمنڊ ڪناري بوٽ لاهي پنهنجي هشاش بشاش طبيعت جو مظاهرو ڪري ۽ ڳاڙهن توڙي سبز لباسن ڏانهن اشارو ڪندي ڪناري تي ٽيلار ڪندو هو ته سندس سارا ٿڪ لهي ويندا هئا ۽ هو تازو توانو ٿيو پيو گهمندو هو. هڪ ڏينهن اياز فون ڪري چيو هو ته سڀاڻي اچين ته ڪچيجي زندگيءَ باري ۾ ٺهيل ڪجهه وايون کنيون اچان.مون وٽ هڪيون تڪيون ايتريون وايون ڪونه هيون.ان ڪري موڊ بڻائي رات جو ويهي لکيم.جي ٻارنهن جي لڳ ڀڳ هيون.مون کيس ٻڌايو ته اهي سڀئي وايون مون گذريل رات لکيون آهن.جنهن تي چيو هيائين ته سندس رفتار به اهڙي ئي هوندي آهي.فرق اهو آهي ته هو صبح جو ويهي رات جون لکيل وايون ۽ بيت سنواريندو آهيان.وڌيڪ ٻڌايائين ته فيض احمد هڪويهڪ ۾هڪ غزل يا هڪ نظم به مشڪل سان لکي سگهندو آهي. وائيس چانسلر واري نوڪريءَ ڇڏڻ کان پوءِ اياز سکر جي گهر ڪنڊ واري زندگي گذارڻ لڳوپ هو ۽ ڪافي پريسان لڳندو هو.ايتري قدرجو فقط نثري نظم لکڻ تائين محدود ٿي ويو هو.جنهن لاءِ پاڻ به لکيو هئائين ۽ چوندو به هو ته ڪوتا ديوي کائونس رسامو ڪري ويئي هئي.اياز جي ماٺار ڏسي منهنجي دل جلڻ لڳي هئي.جنهن ڪري سندس شعر سخن جي ماٺي تالءَ ۾ پٿر اڇلائي،لهرون پيدا ڪرڻ لاءِ مون 1982ع ۾ اياز تي”مشورو“ جي عنوان هيٺ پورو باب لکيو هو. جو پوءِ ان ئي سال منهنجي پهرين شعري مجموعي”جڏهن ڀونءِ بڻي “۾ ڇپيو هو .کيس مخاطب ٿيندي مون،جوتي،وڻجار،راڳي،ڪاپڙي،پاتڙي،سواسير،رانول، ناکئو،جڳتي،گهڻو۽ مها جهڙيون طاقتور علامتون ۽لقب استعمال ڪيا هئا.هڪ وائي جون سٽون آهن. منهن تي پگهر ڦڙا منڊيءَ منجهه ٻڙا آهن پار اياز جا گڏي پيو گيت ۾ ڄڻ ڪي کير پڙا آهن پار اياز جا 1989ع ۾ مون اياز کي عرض ڪيو ته منهنجو شعري مجموعو”سنڌ منهنجي امان.“ڇپجي پيو.اوهان قرب ڪري ٻه لفظ مهاڳ جا لکي ڏيو.جنهن پنهنجين مصروفتين هوندي به منهنجو عرض اگهايو ۽ مون ڪمپوز ٿيل مواد سندس حوالي ڪيو.مواد پڙهڻ کانپوءِ اياز مون کي گهرايو ۽ ڪچي بابت استعمال ڪيل علامتون استعارا،تشبيهون ۽ اصطلاحن تي مون سان گفتگو ڪيائين.جن مان ڪجهه لفظ هن طرح هئا: ساندارو،اڃرا،ٺوٺ،پئنتلو،گودر،ساڳاهڻ،بيدي،لڙهه،ڦير،ڪوڇو،اوڌ،ائٽو،گڻنگ،اچٽ،گهنڊو پاڻي وغيره.اهڙن لفظن ۽ لفظن جي پس منظر،مفهوم،منظر ڪشي،مشاهداتي رنگ کان ماتثر ٿي.مهاڳ لکڻ کانپوءِ اياز چيوهو ته تاجل مان ڪچي ۾ دريائي پس منظر ۾ توتي هڪ ناول لکڻ ٿو چاهيان.شرط اهو آهي ته مان هفتو کن ويهيڪچي جي ندگيءَ ۽ پس منظر تي اياز سان ڪچهريون ڪيان.مون کيس چيو هو ته اياز جهڙي ادبي شخصيت مون تي قلم کڻي.ان کان وڌيڪ مانَ ڀري ۽ همت افزائي مون لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اياز چيو ته هن ڪم شروع ڪيو آهي.پر ناول جو نالو تاجل تون پاڻ تجويز ڪر!مان منجهي پيس ۽ کيس چيم ته هو مون کي پنهنجي تخليقي سفر ۾ دخل ڏيڻ کان پريرکي.جيئن سندس سوچيل خاڪي جو شيرازو بگڙي نه وڃي.ان ڪري اياز چيو ته هن ناولجو نالو”تاجل“ رکيو آهي.جنهن تي مون کيس چيو ته تاجل بيوس نه مان اڳ ئي آهيان.انڪري نالو ڳوٺاڻي ڪردار جهڙو ۽ تاثر ڇڏيندڙ هئڻ گهرجي.جنهن ۾ قدرت(Novelty) هجڻ به لازمي آهي.مون تي زور رکيائين ته مان به ڪو نالو تجويز ڪيان.جنهن تي مون کيس چيو ته تاجل کان وڌيڪ سٺو”تاجو“ٿيندو.اياز تپي باهه ٿي ويو.چيائين ته سڀاڻي تون مون تي نالي ج بگاڙڻتي ڪيس ڪندين.بس پوءِ ته”تاجو“۽ ڪورٽ جهڙا لفظ اياز کان وسرنئي نه پيا.جڏهن به ملياسون ٿي.تڏهن اياز”تاجو“۽ ڪورٽ لفظن ۾ محصور نظر ٿي آيو.مون جڏهن اياز جي ان ڪيفيت کان انعام شيخ کي واقف ڪيو هو ته هن وراڻيو هو ته اياز جي سادگيءَ۽ سچائي جو نتيجو آهي. 1992عجي پڇاڙيءَ ۾ شيخ اياز ستار پيرزادي ۽ رکيل مورائي سان گڏ مون وٽ عيادت لاءِ آيو.جنهنموقعي تي مون اياز جي مانَ ۾ منجهند جي مانيءَ جو به انتطام ڪيو.جنهن ۾ انعامشيخ،غفارتبسم،ادل سولنگي،نوراحمد ميمڻ،هدايت بلوچ ۽ ڪن ٻيناديبنکي به دعوت ڏئي گهرايم.انموقعي تي منهنجي ڏوهٽي(غلام مرتضيٰ لاشاريءَ جي ڌيءَ)کي ڄائي چار ڏينهن ۽ منهنجي پوٽي(نديم تاج جي پٽ)کي ڄائي ٽي ڏينهن ٿيا هئا.ڪڪيءَ جو نالو”سندرتا“ ۽ ڪڪي جو نالو”اياز لطيف“رکي مون نالن جي پڌرائي اياز کان ڪرائي هئي.جنهن آسيس وچان گلن جهڙن ٻارن کي هٿن ۾ کنيو هو ۽ دوستن فوٽو ڪڍيا هئا. شيخاياز 1989ع کان پنهنجي ڪلفٽن واري فليٽ ۾ اچي ويٺوهو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مان ٻارن سميت به وٽس وڃڻ لڳو هوس.۽ پاڻ به ڀاڄائي زرينه اياز سان اسان وٽ اچي گڏ ڪجهه پل گذاريا هئائين.مون کي لڳندو هو ته ڄڻ سنڌي قوم جي رسامي کان اياز ڪراچيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ گوشه نشينيءَ جا ڏينهن گذاري رهيو آهي. اسانب جا سنڌ واسي کيس پٺي ڏيئي ڄڻ ته وسارڻ لڳا هئا.جنهن تي اياز احتجاج طور مڙس ماڻهو ٿي هٿ ۾ لٺ کڻي”ايڪانت“۽”خلوت“جو مزو ماڻڻ لڳوهو.ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ واسين وٽ اياز کان رسامي جا ڪي سبب به هيا.جن کي اياز جي ڏنل جديد فڪر ۽ ناياب شاهڪارن کي سامهون رکي اسان درگذر به ڪري ٿي سگهياسون. 1997ع شيخ اياز جي زندگيءَجوآخري سال ثابت ٿيو ۽ مون ڏٺو ته هن سال ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اسان جا جهونڙااديب ۽ ڏاها وٽس لنگهي آيا۽ سندس عيادت ڪيائون.جن ۾ منهنجي ڄاڻ ۽ ٻڌ مطابق سوڀو گيانچنداڻي،محمد ابراهيم جويو،سراج،ڄام ساقي،جمال ابڙو،غلام رباني آگرو ۽ ڪي ٻيا شامل آهن اياز جي سارسنڀال،ستار ۽ رکيل پيا لهندا هئا.جن کان اڳ سندس پر گهور قاضي منظر حيات لهندو هو.جنهن پڇاڙيءَ تائين اياز کان ڀيرو نه ڀڳو. جنهن رات اياز کي ڦڦڙن ۽ ڇاتيءَ ۾ بلغم ڄمي وڃڻ ڪري مڊ ايسٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.اها 24 اگسٽ 97ع جي رات هئي.جنهن رات اٽڪل نائينوڳي مون کيس فون ڪري خير و عافيت معلوم ڪئي هئي.ان رات مون وٽ علي بابا ۽ ڪجهه ٻيا دوست آيل هئا.اياز جي ڏوهٽيءَ فون تي ٻڌايو ته بابو وڏو ٻئي ڪمري ۾ ستو پيو آهي.جنهن تي مون کيس گهرائڻ لاءِ منع ڪئي.ٻه منٽ مس گذريا ته فون آيو ۽ اياز ڳالهائي رهيو هو.جنهن ڏوهٽيءَ تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ”تاجل جو فون آيو ۽ منهنجي ڏوهٽيءَ مون کي ڇونه ٻڌايو”اياز جو ڳالهائڻ حد کان وڌيڪ چچريل ۽ سمجهه ۾ نه اچي سگهندڙ ۽ وقفن سان ڳالهائڻ وارو هيو.جو پهريون دفعو منهنجي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو هو.علي بابا به کانئس خيريت دريافت ڪئي.مون علي بابا کي چيو ته ”ڌڻي خير ڪري جو ان قسم جي تڪليف ڏيندڙ ڳالهائڻ مون اڳ ڪڏهن به اياز جو نه ٻڌو آهي.“علي بابا به چيو ته ”خير جو والي خير ڪندو.“ هن دفعي اياز اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان ٽي چار هفتا اڳ سمنڊ جي ان جاءِ تي هلڻ لاءِ چيو جتي سمنڊجي پاڻيءَ ۾ پٿر ۽ پنجو وجهي زمين ليول تي آڻي چائنا جي ڪي واپاري هڪ وڏو هوٽل تعمير ڪرڻ گهرن ٿا.ان پڇوائنٽ جي ڀرسان هڪهوٽلآهي.جنهن جو نالو آهي ريڊ اونين(Red Onion) جتي اياز مڇي ۽ پيپسي ڪولا پيئڻ جي به خواهش ڏيکاري.مون کي ٻن چئن ڏينهن کان وٺي نوجوان شاعر ساجد سومري ۽ آزاد شر به اياز سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري هئي.ان ڪري اياز کي گاڏيءَ ۾ ويهاري اسان سمنڊ ڪناري پهتاسون ۽ هلڪو ادبي بحث به ڇڙي پيو.هوٽل ۾چٻو ڦٻو ڪر اياز کي گهر پهچائي پنهنجي گهر پهتاسين. ان کان ٻه هفتا کن اڳ به ستار،اياز ۽ مان چائنا ٽائون ۾ منجهند جي ماني کائڻ ويا هئاسون.ڪهڙي خبر ته اياز جلد ئي اسان کان وڇڙڻ وارو آهي.جنهن لاءِ خود اياز چئي ويو آهي. ڪنهن جي واٽ وٺيو ويٺو آ ڪاريهر جي ڪنهن کي ڪل شيخ اياز جي هن ڀيري مڊايسٽ اسپتال داخل ڪرائڻ کي راز ۾ رکيوويو هو،جنهن جي مون کي به سڌ ڪانه هئي. 28 ڊسمبر97ع تي صبح جو ستين وڳي فون آيو ته شيخ اياز مڊ ايسٽ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.شيخ ايز جي فليٽ تي وڃڻ کان اڳ ٻه چار حيدرآباد فون ڪري پوءِ روانو ٿيس.ٻه چار لڙڪ لاڙي موت جي مات قبولي پٿر تي ويهي رهياسين ۽ ٻئي ڏينهن بزرگ ٽهيءَ جي وڏي ۾ وڏي شاعر اياز جي خاڪي جسم کي سندس ئي گيتن جي گونجار ۾ سڏن ۽ سڏڪن جي پڙاڏن ۾ وڃي مٽيءَماءُ جي گود حوالي ڪيوسون. ٻه شاهه جا ۽ ٻه اياز جا بيت پڙهي هيئن چئي واپس حيدرآباد ۽پوءِ ڪراچي پهتاسون. ”ڪراڙ! ڪويءَ جي پارت ٿئي.“