سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
جتي حسن سيرت جو سائل هجي
محبت هوس ڏي نه مائل هجي
ڪدورت ء مطلب جي دنيا کان دور
جتي هر ڪو الفت جو قائل هجي
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو
جتي چنڊ دريا ڪنارو بهار
ٿين ٿا اچي پاڻ ۾ همڪنار
فضا حسن قدرت جي ميخاني جا
لٽي ء لٽائي ٿي ساغر هزار
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو
جتي آبشارن جا نغما سدا
پهاڙن جي عظمت جي ڪن ٿا ثنا
شفق آسمان بوس ڪهسار کي
تو زر جي ڊڪائي قبا خوشنما
اتي منهنجي دل ڪجو جستجو
جتي درد بڻجي اچي غمگسار
هجن لڙڪ ڄڻ بيڪسئيءِ جي مزار
زمين فرش ء آسمان ڇت هجي
هجي زندگي ابن آدم تي بار
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو
جتي عزم سينن ۾ ڀرپور آه
نه مظلوم ڪوئي نه مجبور آه
صداقت رهي ٿي جتي سربلند
مساوات انسان جو منشور آه
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو
جتي آگه پيدا ڪري گلستان
رهي زنده توحيد جو داستان
هڻي حق جو نعرو جتي جو ڪليم
ڪري ناس فرعونيت جو نشان
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو
جتي ٻچو ٻچو هجي سرفروش
هجي دل ۾ غيرت هجي دل ۾ جوش
جتي ديس جي آبرو واسطي
شهادت جو ڪوئي ڪري جام نوش
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو
جتي شاعري دلربا نازنين
بڻائي ڇڏي لحظو لحظو حسين
جتي شعر ڏي زندگيءَ جو پيام
جتي گيت منهنجو هجي دلنشين
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو