سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
پنهنجي سيني سان سبي ڇڏيائين.
ايترو يار چمي ڇڏيائين،
ڪا بدن جي نه وٿي ڇڏيائين.
لوڪ ساري کان لڪائي توکي،
ساه پنهنجي ۾ وجھي ڇڏيائين.
توکي ڀاڪر ۾ ڪري سوگھو سڪ،
پنهنجي ٻانهن سان ٻڌي ڇڏيائين.
جي هجي وس ۾ مقدر منهنجي،
پنهنجي قسمت ۾ لکي ڇڏيائين.
گھر به مدهوش سڄو گھور ڪيائين،
هيءَ حياتي به ڏئي ڇڏيائين.