• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“

عبدالحئي چاچڙ

سينيئر رڪن
عبدالحئي چاچڙ

پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“​

پروفيسر عطا محمد عرف”حامي“ صاحب خير پور لڳ ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ پيدا ٿيا.سندس گهراڻو وچولو ۽ متوسط هو. ننڍڙا زميندار هئا.ذات جا سوهو ۽ سندن لقب ”حامي“هو.اڪثر شاعر پنهنجي پسند جو تخلص رکندا آهن پر انهيءَ تخلص ۽ لقب جي بوءِ به انه ۾ ڪونه هوندي آهي.پر سندس تخلص ”حامي“ حقيقت ۾ سو سيڪڙو صحيح ڏٺو.هو صاحب هر غريب ، امير ، فقير شاهوڪار ۽ پنهنجي ۽ ڌاري ماڻهو جي مدد ڪندو هو.

وفات: هر انسان کي هلڻو آهي سائين جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪمزوري وڌندي رهي نيٺ ڊاڪٽر اميد علي خميساڻي جي زور ڀرڻ تي يورين ٽيسٽ ڪرايائين ته شگر ظاهر ٿي ۽ ڪجهه عرصي بعد وري ٽيسٽ ۾ ڪجهه آثار خراب بيماري جا نظر آيا ۽ ڪراچي وڃڻ لاءِ مشورو مليو. پوين ڏينهن ۾ سائين چوندو هو ته بابا 63 سال پورا ٿيا اها عمر نبي پاڪ ۽ سندس پيارن جي آهي ۽ هاڻي بونس ۾ پيو هلان . هاڻي هلڻ جو وقت آهي.جڏهن ڪراچي جناح اسپتال ۾ ملڻ وياسون ته پاڻ چيائين ته بابا وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون ته جگر ۾ ڪان لڳا آهن جن جو نالو مٽائي هاڻي ڊاڪٽر چون ٿا ته ڪينسر آهي. اسپتال ۾ هڪ سهڻو سرجن هو جنهن کي سائين چيو ته تنهنجي آپريشن ۾ جي مري به وڃان ته خوش نصيبي سمجهندس ، آپريشن کان ڳوٺ واپس اچي سڀني کان موڪلايو
 
Back
Top