نثارناز
سينيئر رڪن
توهان دوستن جي نظر هڪڙي نئين وائي هر جنم اي يار طلبگار تُنهنجي آهيان
وائي
نثاراحمدناز
هر جنم اي يار ! طلبگار تُنهنجِي آهيان
طلبگار تُنهنجِي آهيان
مون مڃو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
طلبگار تُنهنجِي آهيان .
وائِي ٻي نه ٻوليان، تون ئي تُون جي تنوار !
طلبگار تُنهنجي آهيان .
موهين سارا لوڪ تُون ، جانبَ جلويدار !
طلبگار تُنهنجِي آهيان.
ڍوليا مُون مسڪين جِي ،سگهڙو لهجان سار!
طلبگار تُنهنجِي آهيان .
پيارَ تُنهنجي ۾ پاڳل مان “ ناز” مٺا نثار !
طلبگار تُنهنجي آهيان
