هر جنم اي يار ! طلبگار تُنهنجي آهيان وائي نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
توهان دوستن جي نظر هڪڙي نئين وائي هر جنم اي يار طلبگار تُنهنجي آهيان
وائي​
نثاراحمدناز​
هر جنم اي يار ! طلبگار تُنهنجِي آهيان​
طلبگار تُنهنجِي آهيان​
مون مڃو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!​
طلبگار تُنهنجِي آهيان .​
وائِي ٻي نه ٻوليان، تون ئي تُون جي تنوار !​
طلبگار تُنهنجي آهيان .​
موهين سارا لوڪ تُون ، جانبَ جلويدار !​
طلبگار تُنهنجِي آهيان.​
ڍوليا مُون مسڪين جِي ،سگهڙو لهجان سار!​
طلبگار تُنهنجِي آهيان .​
پيارَ تُنهنجي ۾ پاڳل مان “ ناز” مٺا نثار !​
طلبگار تُنهنجي آهيان​
533578_10151720552018216_1769778488_n.jpg
 
موهين سارا لوڪ تُون ، جانبَ جلويدار !
طلبگار تُنهنجِي آهيان

بهترين وائي ، لفظن جو سهڻو جڙاء
 
Back
Top