غلام نبي آگرو جيئن ڏٺو مونزندگي جي ڪن پيارين گهڙين جون يادگيريون جي مون اياز سان گڏ گذاريون جيئن اڄ اسان سنڌ جي اڳوڻن مشاهيرن جو احوال هٿ ڪرڻ لاءِ هتان هتان نقل نظير گڏ ڪندا ٿا رهون.تيئن ڪو وقت ايندو جو سنڌ جا ايندڙ نسل هن دور جي مشاهيرن جو احوال گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا.يوسف شاهين جڏهن مون کي ”برسات“جي”اياز نمبر“ لاءِ ڪجهه لکي ڏيو؟واسطي چيو.تڏهن مون مناسب سمجهيو ته اياز جي زندگيءَ جا ڪي ننڍڙا ۽ غير اهم پر دلچسپ واقعا ،جن جو آئون چشم ديد گواهه آهيان کيس قلمبند ڪري ڏيان.مان سمجهان ٿو ٿو ته اهي واقعا اياز جي امنگن احساسن جو اندازو لڳائڻ ۽ سندس قداور شخصيت کي سمجهڻ ۾ به ڪارائتا ٿيندا. جن ڏينهن ۾ روزاني مهراڻ اخبار ۾ اياز ۽ سندس هم قلم ساٿين يعني سنڌي زبان جي جديد اديبن خلاف مهم هلائي ويئي انهن ڏينهن ۾ اياز تي اهو الزام به لڳايو ويوهو ته ڀٽائيءَ جي همسريءَ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ کي ”ڀٽائي ثاني“ سمجهي ٿو.روزانه مهراڻ جي ڪالمن ۾ انهيءَ الزام هيٺ اياز جي خلاف ڏاڍو گند ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جي مڻهن کي ڀٽائيءَ لاءِ جيڪا عقيدت۽ محبت آهي.انهيءَ جذبي کي ڀڙڪائي اياز جي خلاف نفرت اڀارڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويا هئا.ڪي ماڻهو جيڪي حقيقت کان اڻ واقف هئا.سي مهراڻ اخبار جي پروپئگنڊا کان مڙئي ٿورو گهڻو متاثر ٿيا.مثلا هيڪر مان ۽اياز هڪ دعوت ۾ ويٺا هئاسين اتي هڪ چڱو وڏو سنڌي زميندار به ڀرپاسي سان ويٺو هو.خبر ناهي ته ڪنهن اسان جي ساڻس واقفيت ڪرائي هو رڙهي اچي اسان گڏ ويٺو ۽ ڳالهيون ڪرڻ لڳو.جڏهن اسان پاڻ ۾ چڱو گهائل مائل ٿي وياسين ته انهيءَ اشراف اياز کي چيو ته”سائين معاف ڪجو اسان ته قسم سان لعنتون پئي موڪليون ته اهو ڪهڙو شاعر ساماڻو آهي جيڪو پاڻ کي ڀٽائي سان ٿو ڀيٽي.پر هاڻي سڀ ڀو ۽ ڀول دور ٿي ويا.مهرباني ڪري منهنجي دعوت قبول ڪريو.“اياز محسوس ڪيو ته مهراڻ اخبار جي زهريلي پروپئگنڊا عام ماڻهن جي هڪ طبقي تي ڪجهه نه ڪجهه غلط اثر ضرور وهاريو آهي.سو انهيءَ تاثر کي مٽائڻ ۽ ڀٽائيءَ لاءِ پنهنجي محبت ۽ عقيدت جي اظهار ڪرڻ لاءِ هن ڪيترائي بيت چيا جن ۾ هڪ هيءُ به هو آءٌ ڀٽائي تنهنجي گهرمنهنجون اکيون ڏس. مون تنهنجو ڪينرو پوريو ناهي ڀاءُ ساڳيو جوڳ جڙاءُ،ساڳيا سڏڙا ساز جا انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ رات مان اياز وٽ سکر مهمان هوس.اياز جڏهن موج ۾ آيو.تڏهن مونکي پنهنجو تازو شعر ٻڌائڻ لڳو.ڳچ دير کان پوءِ اوچتو بجلي فيل ٿي وئي.اياز موم بتي ٻاري۽ ڪچهري شروع ڪئي جو ڀٽائي ثاني واري الزام تي ڳالهائڻ لڳو ۽ مون کي چيائين ته توکي ته سڀ ڪجهه حقيقت معلوم آهي پر ڏس ته هي بيهودا انسان مون سان ڪيڏو نه ظلم ڪري رهيا آهن.مون کان وڌيڪ ڀٽائيءَ جي عظمت جو اندازو ڪير لڳائي سگهي ٿو؟مون ڀٽائيءَ جي ڪلام جهڙو هڪ بيت جي هڪ هڪ سٽ تي پهرن جا پهر ويچار ڪيو آهي؟۽ اٿلائي پٿلائي ڏٺو آهي ته هن اکر کي هيئن ڦيرائڻ سان ڪهڙو تاثربيهندوپر مان اها ٺلهي ڳالهه ڪانه ٿوڪريان توکي سنئين سڌي ثابتي ڏيان ٿو.“ائين چئي هو ميز تان اٿيو۽اندريون در کولي پنهنجي گهر ۾ ويو.رات ڪافي گذري چڪي هئي سندس گهر جا ڀاتي اگهور ننڊ ۾ هئا.هن ڪنهن کي به جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو موم بتيءَ جي مڌم روشنيءَ تي هيڏي هوڏي هٿوراڙيون ڏيندو رهيو.ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي هيٺ ڪرڻ جو آواز ٿي آيو.ڪڏهن ڪنهن شيءِ جو.ڪجهه دير بعد جڏهن هو مون واري ڪمري ۾ موٽي آيو ته سندس هڪ هٿ ۾ اڌ جليل شمع هئي۽ ٻئي ۾ شاهه جو رسالو هو ٿڙندو ٿاٻڙندو ميز تائين پهتو ۽ رسالو کولي چيائين”ڏس“ مان رسالو ڏسي حيران ٿي ويس.واقعي رسالي جو هڪ هڪ صفحو چٽيو پيو هو اهڙو ڪوبه بيت نه هو جنهن جي هيٺان اياز سٽن جون سٽون نه ليڪيون هيون هو چوڻ لڳو ته مون کي معلوم آهي ته رسالي ۾ ڇپيل لفظ جن کي مون درست ڪيو آهي.ڀٽائيءَ جا نه آهن.ڀٽائي به لفظن جو بادشاهه هو.پرڀٽائيءَ سان اهي پاڻ ڪاتبن يا ڳائڻن ڀلايا آهن.تون ڏس ته مون سندس ڪلام کي ڪيڏيءَ نه محنت،محبت سان پڙهيو آهي.ان کان پوءِ هو ڀٽائيءَ جا ڪيترائي بيت مون کي ٻڌائيندو رهيو.اهي بيت ٻڌي منهنجي روح مان ته سيسراٽيون ٿي نڪتيون انهن ۾ هڪ سٽ مون کي ياد آهي ڪا جا ڪن ڪرين ڀنيءَڀڻ جهڻ پاڻ ۾ ان مهل مون اياز جي روح ۾ ليئو پائي ڏٺو ته هن کي ڀٽائيءَ سان ڪيڏي نه سڪ هئي.اياز مسلسل ڳالهائيندو رهيو.مون سندس جذبات سان ڀريل چهري،پريشان وارن ۽ اڌ خماريل اکين ۾ چتائي ڏٺو ته مون کي اطالوي شاعر جي هڪ سٽ ياد آئي. پهاڙ جون چوٽيون ئي هڪ ٻئي کي ڏسي سگهنديون آهن .“ انهن ڏينهن ۾ اونهاري جي وئڪيشن ۾ جڏهن اياز کي ڪورٽن کان واندڪائي ملندي هئي.تڏهن هو اسان کي اطلاع ڏيندو هو پوءِ ڪجهه دوست گڏجي سنڌ گهمڻ نڪرندا هئاسين.اهڙن دوستن ۾ جويو صاحب،جمال ابڙو،تنوير،رشيدڀٽي ۽ ارباب نور محمد اڪثر ڪري شامل ٿيندا هئا.هڪ دفعي اسان ارباب نور محمد جي ڳوٺ وياسين هن اسان جي دعوت درياءَ تي رکي ٽن ٻيڙين جو انتظام ڪيائين.جن مان هڪ ۾ ڳائڻ وڄائڻ واراهئا ٻيءَ ۾ تازا پلا پچي رهيا هئا ۽ ٽين ۾ ڪجهه دوست چسڪيءَ جي چس وٺي رهيا هئا.سانجهيءَ جي مهل هئي ٿڌڙي هوا پئي لڳي.ٻيڙيون ڪنڌيءَ لڳ لهرن تي سڪي رهيون ٿيون.وقت گذرندو رهيو.رات لڙندي رهي.سرندا ٻرندا رهيا.ساغر ڇلندا رهيا۽ مهراڻ وهندو رهيو.پوءِ دير دير سان اسان خماريل اکيون ۽ ننڊ جا کيپ کڻي وڃي ارباب جي اوطاق تي آرامي ٿياسين.ٻئي ڏينهن اسان دڙو،ميرپور بٺورو،جاتي۾ مغل بين۽ مومل جو مائٽاڻو ماڳ نند ڪوٽ گهمڻ وياسين ۽ واپسيءَ تي ٺٽي وٽان درياهه ٽپي ڪينجهر تي اچي لٿاسين.سفر ڏاڍ مزو ڏنو پر سخت گرميءَ ڪري ٿڪي پياسين جڏهن ڪينجهر تي پهتاسين ته ڄڻ يڪ لخت سارو ٿڪ لهي ويو.نظارو پسي نيڻ ٺري پيا.ميلن ۾ نيرو نيرو پاڻي هو.جنهن تي اڇا اڇا پکي اڏامي رهيا هئا.اهڙي ٿڌي ٿڌي هوا ٿي لڳي جو ڄڻ ته ڪنهن بهشت جي دري کولي ڇڏي هئي.ڪينجهر تي جيڪو انجنيئر هو.سو ارباب نور محمد جو دوست هو.هن چيو ته رات اوهان هت ٽڪي پئو سڀاڻي گورنر جي ماني رکيل آهي.سو سارو سامان موجود آهي.گورنر اچي نه اچي في الحال بنگلو خالي آهي.اوهان کي ڪابه تڪليف ڪانه ٿيندي.اسان رات ڪينجهر ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو.ڏنڀرامارائي تازا ئي تازا پچراياسين ارباب ٺٽي مان سرور جو سامان وٺي آيو.بنگلي جو چوڪيدار دل جو ڦٽيل هو.هن اسان کي نوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ جو قصو ٻڌايو ۽ چيو سائين ڪينجهر ۽ سونهري جي ڪپر تي خبر ناهي ته ڪيتريون نوريون ڪيترا تماچي گهمايا آهن.هت عشق ۽ حسن پاڻيءَ ۾ پليا آهن.چوڻ لڳو ته سائين اڳي اڳي جڏهن ٻئي ڍنڍون اونهاري جي برسات ۾ ڀرجي تار ٿي هڪ ٿي وينديون هيون ته ماڻهو چوندا هئا ته ڪينجهر ۽ سونهريءَ لائون لڌيون آهن.پوءِ هو تو جي هڪ شاعر جو ٺاهيل راڳ ڏاڍي سوز سان ڳائڻ لڳو.جنهن جي هڪ سٽ مون کي اڃا ياد آهي. گڏي ويا لڏي ويا ڪينجهر کي ڇڏي ويا پکيئڙا ويچارا. اسان ديردير تائين مجلس ڪندا رهياسين.ان کان پوءِ هر هڪ سمهي پيو.رات جو ڪنهن مهل منهنجي اک کلي ۽ ڏٺم ته ورانڊي ۾ ڪو ماڻهو سگريٽ ڇڪي رهيو هو.اول ته مان گهٻرائجي ويس ته خبر ناهي ته هن بيگاهه وقت اهو ڪير آهي؟پوءِ خاموشيءَ سان اٿي ڪمري جي دريءَ وٽ آيس ته ڏٺم ته اياز هو.مون واچ ڏٺي ته رات جا ٽي ٿيا هئا.هو ڪرسي ڇڪي ورانڊي جي دروازي وٽ ويٺو هو.ڪينجهر جون ڇوليون دروازي جي ڏاڪڻ سان اچي ي ٽڪريون. هو پاڻي ۾ پير ٻوڙي سامهون ايندڙ ڇولين ڏانهن گهوري رهيو هو ان مهل منهن انڌارو هو.آسمان مان ايندڙ تارن جي جوت جو ٿورو ٿورو دئوڪينجهر جي اُڀ تي پئجي رهيوهو.سخت ٿڌيءَ هوا جا سوساٽ هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ رشيد ڀٽيءَ جي گونگهرن جو آواز جهاز جي گهوگهو وانگر ٻڌڻ ۾ پئي آيو.اياز ڪنهن وڏي ڌيان ۾ هو.جڏهن هن سگريٽ ٿي ڇڪيو ته سندس چهري تي روشنيءَ جو دئو ٿي پيو.نه ته هواونداهيءَ ۾ پورو سڃاڻپ ۾ مس ٿي آيو.مان ڪافي دير تائين خاموشيءَ سان اهو منظر ڏسندو رهيس.پوءِ وڃي بستري تي سمهي رهيس.صبح جو سوير اياز مونکي ننڊ مان اچي اٿرايو ته هل ته هلي سير ڪري اچون.مان سمجهان ٿو ته رات جو پويون پهر هو ستوئي ڪونه هو.خير اسان سئر تي نڪتاسين.سڄا پهريان پهريان ڪرڻاڪينجهر جي اڀ تي پيا هئا.مون اياز کي چيو ته تون رات ٽين بجي ڇا سوچي رهيو هئين؟هن چيو تون ڇا ٿو سمجهين؟پر تون جاڳي رهيو هئين ڇا؟مون چيو هائو ۽ ڀانيان ٿو ته ان مهل توتي الهام ٿي رهيو هو.اياز کلي ڏنو ۽ چيائين ائين ئي سمجهه.پوءِ هن مونکي پنهنجي مشهور وائي ٻڌائي نه تر تي تماچي نه گندريءَگذارا اُسارااُسارا ڪينجهر جا ڪنارا ٻئي هڪ سفر ۾ اسان هڪ دوست جي دعوت تي گهوڙاٻاريءَ وياسين.جتي هن جا ڪيلن۽ پپيتن جا باغ هئا.اسان کي ٺٽي وٽان ٻيڙيءَ ۾ درياهه ٽپڻو پيو.جڏهن ٻيڙي درياهه ٽپي ڪنڌيءَ جي ويجهو مس پهتي ته رشيد ڀٽي تڪڙ ڪري اٿيو ۽ سخت هوا جي باوجود سڙهه جي رسي کي قابو جهلي ٻيڙي جي پاسي کان ڪنڌيءَ تي ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو.ملاحن سڙهه کولڻ لاءِ رسي جي ڳنڍ کي مٿانئي مٿان ائين کوليو جو اسان کي ڪو پتو ڪونه پيو ۽ رسو جيڪو هونئن لوهي تار وانگر ڇڪيل هو.سو امالڪ ڇڙهيل اڳٺ وانگر ڍرڙو ٿي لڙڪڻ لڳو.ڀٽيءَ جو سڄو بار هو انهيءَ رسي تي.سو بيخبريءَ ۾ کيس اهڙو ته اوچتو جهٽڪو آيو جو هو ٻيڙيءَ مان اڇلجي ويو۽ درياهه ۾ ڪرڻ وارو هو ته سندس ٻئي هٿ وري رسي ۾ پئجي ويا.اهو ڏسي ملاحن رسي کي وٺي مٿي ڇڪيو ته ڀٽيءَ هوا ۾ قلابازي کائي اچي ٻيڙيءَ ۾ ڦهڪو ڪيو.اهو سڀ ڪجهه اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو.ڀٽيءَ جي حال تي هر ڪنهن کي همدردي ٿي.هن هوا ۾ قلابازي اهڙي نموني ۾ ڏني جو اسان کي زوريءَ کل ڇٽڪي وئي ۽ خود ملاح به کل روڪي نه سگهيا. رات جو اسان جڏهن گهوڙاٻاريءَ ۾ اچي لٿاسين ته اياز چيو ته مون هڪ ڳجهارت ٺاهي آهي.اها هيءَ آهي ته ”هاٿي منجهه هوا ٿڌي لهرن وچ ۾ “ڀٽيءَ سان اها رات ڏاڍو کل ڀوڳ ٿيو.ٻئي ڏينهن اسان جو ميزبان اسان کي ڪيلن جو فصل ڏيکارڻ هليو.هڪ هنڌ هڪ واٽر ڪورس هو.جنهن کي ٽپڻ لاءِ هڪ ڪيلي جو ”ٿڙ“ ٻنڌ جي سوني تي رکيو هو.سڀ کاناول ڀٽيءَ اتان ٽپي هليو ويو.پوءِمون پير رکيو.ڪيلي جو ٿڙ ڏاڍو ترڪڻ هو.پير کپيوئي نه پئي.بهرحال جيئن تيئن مان به ٽپي ويس.آخر ۾ اياز جو وارو هو.اياز جي عادت هئي ته انهن ٻهراڙين جي سفرن ۾ به ٻه ٻه چار ٿري پيس،گرم سرد سوٽ،نيڪٽايون اڌ ڊزن نوان بوٽ ۽ جوراب کڻندو هو.ان مهل به کيس هڪ نئون بوٽ پيل هو.جنهن جو ترو ته اصل گٿوئي ڪونه هو انڪري ڏاڍو ترڪڻو هو.هوڏانهن ڪيلي جو ٿڙ اڳيئي سخت ترڪڻو هو،مڙس ڳورو هڪ ته وڏو شاعر ٻيووري ڀاري ڀريل جسم جو بار،سو ڪيلي جو ٿڙ تي پير رکي جيئن پهرين وک اڳتي مس کنيائين ته پير ترڪي ويس.ائين ڏسندي اتر طرف لامارو ڏنائيناسان ڏٺو ته اجهو ٿو واٽر ڪورس ۾ ڪري سو وٺي واڪو ڪيوسين ”متان متان“ ته گهٻرائجي وٺي ڏکڻ طرف لامارو ڏنائين.پوءِ ته کل ۾ ويڙهجي وياسين.رات جو جڏهن ڪچهري شروع ته ڀٽيءَ ڏينهن وارو واقعو ياد ڏياري چيس ته”استاد تو ڪالهه ڳجهارت ٻڌائي هئي اڄ ڇا ٿو ٻڌائين“ڀٽيءَڏي نهاري کلي چيائين اڄ به ڳجهارت ٺاهي اٿم ٻڌ ”ڪيهر ڪيلي تي لڏي لهرن وچ ۾ “ * ٻئي هڪ سفر ۾ اسان اهو هنڌ ڏسڻ وياسين جتي سنڌو سمنڊ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا چيائون کاري ڇاڻ وڃو.ارباب نور محمد ساڻ هو.انهيءَ تر ۾ به سندس ڏيٺ ويٺ هئي.اسان حجامڙو درياءَ ٽپي نيرڙيءَسانجهيءَ ڌارا وڃي کاري ڇاڻ پهتاسين.عجيب ملڪ هو۽ عجيب ماڻهو هئا اها به سنڌ هئي جايون اڪثر ڪاٺ جون ٺهيل ۽ انهن جون چانئٺيون ايڏيون اوچيون.جو اسان کي پرانگهه مٿي کڻي.ڪمري ۾ اندر گهڙڻو پيو.جڏهن پڇا ڪئي سون ته هيئن ڇو آهي؟ تڏهن چيائون ته هتي زمين پوسيل واري آهي.بارش جي ڪري هي گهر آهستي آهستي هيٺ زمين ۾ گهڙندا ويندا.ڪن سالن کانپوءِ اهو ٻه چار فوٽ اوچي چانئٺ سڄي جي سڄي زمين ۾ هلي ويندي ۽ زمين کان مٿڀرو ڪاٻه ٽي انچ مس بيهندي ٻيون به ڪيئي اهڙيون عجيب خبرون ٻڌايائون.ائينسفر ٿئي درياهه رستي ۽اهو به عجيب طرح سان.ڇو ته ساڳيو درياهه،سمنڊ جي وير چڙهي ته کاٻي کان ساڄي ويهي ۽ وير ٺهي وڃي جنهن کي هن مقامي اصطلاح ۾ ”الڙ“ ٿي ڪوٺيو.ته پوءِ درياهه ابتو يعني ساڄي کان کاٻي وهي.گويا مسافر ڪڏهن اڳتي پيا وڃن ۽ ڪڏهن پوئتي.اتي سنڌو ندي هٿ جي آڱرين وانگر ڪيترن ئي شاخن ۾ ورهائجي ٿي وڃي ۽ هر شاخ جدا جدا درياهه جي نالي سان سڏجي ٿي.اسان ان رات ٿڪل هئاسين.سو سوير ئي سڀطن کي ننڊ اچي وئي.صبح جو مان پسار ڪرڻ نڪري ويس.جڏهن موٽيس ته ڪنهن اڻڄاڻ تاثر جي ڪري منهنجن چپن تي مصري شاهه جو بيت هو ته ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾ جوڳي جيڪس ويا جبروت مان جهنگ مان اهو بيت جهونگاريندو جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڏٺو ته اياز ڪنهن محويت جي عالم ۾ هو ۽ آهستي آهستي پنهنجي منهن ساڳيو بيت جهونگاري رهيو هو. ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾ جوڳي جيڪس ويا جبروت انهيءَ ڏينهن شام جو اسان ڪيٽي بندر روانا ٿياسين ٻيڙي شايد اسان کي ٻن ڏينهن ۾ به ڪونه پهچائي ها پر جهينگن سان ڀريل هڪ لانچ ملي وئي ۽ لانچ وارن اسان کي ڪيٽي بندر تائين ويهارڻ قبول ڪيو.ڪيٽي بندر تي لهڻ مهل نه فقط هنن اسان کان ڀاڙو نه ورتو.پر رشيد ڀٽيءَ کي پنج ست سو جهينگا به مفت ڏنائون. هونئن ته سنڌ جي هر حصي کي پنهنجي نرالي سونهن آهي پر ڪيٽي بندر جي شام مونکان زندگيءَ ڀر نه وسرندي.مون شفق جا سوين سهڻا نظارا ڏٺا آهن.پر ڪيٽي بندر جي آسمان تي شفق جا ڪي عجب انگ ۽رنگ هئا.اياز انهيءَ شام هڪ تصوير ڪڍي آهي جا سندس ڪتاب”ڪي جي ٻيجل ٻوليو“ ۾ ڇپيل آهي ڪوڍاري جيئن ڪيٽي بندرسانجهيءَ سون پگهاريو آهي. ڪيٽي بندر ۾ اسان هڪ رات رهياسين.ميزبان هڪ سيٺ هو سندس اوطاقغريباڻي نموني جي هئي.جيتوڻيڪ سندس ڪاروبار لکن ۾ چيو ٿي ويو.اسان کي ٻڌايائين ته ڪيٽي بندر مان اوهان جي نموني جا اڳ ۾ فقط ٻه ماڻهو ٿي ويا آهن.هڪ پير علي محمدشاهه راشدي صاحب جو اليڪشن جي ورڪ ۾ آيو هو۽ ٻيو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو لوڪ ادب جي ڳولا ۾ آيو هو. * هڪڙي سال تنوير جي وڏي ڀاءُ جي دعوت تي دادوضلع گهمڻ وياسين.ڪوٽڙيءَ کان ريل ۾ چڙهياسون ۽ سن تي لٿاسون جوانسپيڪشن بنگلي تي اسان جي رهائش جو انتطام ٿيل هو.صبح جو سوير اسان جيپ ۾ رني ڪوٽ ڏسڻ وياسين جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو چيو وڃي ٿو.ان جي ايراضي چوويهن ميلن ۾ آهي.سڄوئي گهڙيل تراڇيل پٿر مان ٺهيل آهي ۽ اڏاوت چين جي ديوار وانگر اٿس.رني ڪوٽ ۾ اندر ڪيئي ننڍا ننڍا ڪوٽ آهن.جن تائين پهچڻ لاءِ اٺن تي سواري ڪرڻي پوندي.اياز اٺ جي سواري کان ونءُ ويندو آهي.اها مونکي ان ڏينهن خبر پيئي.خير اسان اندران قلعو گهمي ڦري جڏهن وڏي قلعي جي ٻاهرئين دروازي وٽ موٽي آياسين ته اياز هڪ ٻروچ سان ڪچهري ڪري رهيو هو.جنهن کي اٺن جا وڳ هئا جڏهن اسان ان ٻروچ کي ٻڌايو ته هي شخص سنڌ جو وڏي ۾وڏو شاعر اٿيئي تڏهين ان چيو ”هائو سائين ته پوءِ مان کيس ڳجهارت ڏيندس“اياز چيس ڀلي ڏي ٻروچ چيو”ڪاٺئون لاٺ پياس هن مرون نه منهنجي وس.اياز کڻي چيس”ٻروچ اها ڳجهارت مان سڄي سنڌ کي ڏيندس.“ * سن جي ڀرسان لڪيءَ جي ننڍڙي بستي آهي جا مسلمانن جي زيارت گاهه به آهي ته هندن لاءِ به تيرٿ جو هنڌ هوندي هئي.دراصل اتي گرم پاڻيءَ جي چشمن ڪري بيمار ماڻهو غسل ڪرڻ ويندا آهن.رني ڪوٽ سان واپسي بعد سن کان سيوهڻ ويندي اسان لڪي وٽ لٿاسين ۽ گرم پاڻيءَجا چشما ڏسڻ وياسين .بيشمار ماڻهو ،ٻڍا،ٻار چشمن ڏانهن غسل لاءِ وڃي رهيا هئا.چشمن ڏانهن وڃڻ لاءِ جيڪو رستو ٺهيل هو.ان تي پٿر جا ڏاڪا هئا هڪ معذور پر خوبصورت زائفان جنهن جو ڌڙ شايد سڪي پيو هو.پنهنجن هٿن جي سهاري سان آهستي آهستي رڙهندي چشمن ڏانهن وڌي رهي هئي.اياز به اهو نظارو ڏٺو جڏهن اسان چشمن تان گهمي ڦري موٽي آياسين تهمون محسوس ڪيو ته اياز جومن وياڪل هو.هو ڪجهه سوچي رهيو هو.ڪافي سفر گذرڻ بعد هن مونکي چيو”رباني تو چشمن وٽ هوءَ معذور عورت ڏٺي؟“مون چيو هائو.هن چيو ته ڇا محسوس ڪيو؟مون چيو ”مون کي مٿس ڏاڍو ترس آيو“پوءِ مون محسوس ڪيو ته اها سنڌ هئي جا پنهنجي هئي حال جي باوجود منزل ڏانهن رڙهي رهي هئي!“ * جڏهن اسان سيوهڻ پهتاسين ته سارو شهررات جي سياهه چادر سان ڍڪيل هو.شهر جي ٻاهران هڪ شاهي دڙو هو.جنهن لاءِ ٻڌايائون ته سڪندر جي قلعي جا کنڊر آهن.انهيءَدڙي جي مٿان انسپيڪشن بنگلو هو.جنهن ۾ اسان جي رهائش جو انتطام ٿيل هو.جڏهن مان رات جو انهيءَ دڙي تي ٽنگون ساهڻ لاءِ چهل قدمي ڪرڻ لڳس ته منهنجي اکين اڳيان تاريخ جا ڪيئي ورق ورڻ لڳا.حضرت عيسيٰ جي ڄم کان به ٽي سو ورهيه اڳ جڏهن دنيا جو فاتح سڪندر اعظم سنڌ ۾ آيو هوته سيوهڻ پنهنجي جوڀن تي هو.ان جي بندر بازارين ۾ وڻج واپار جو چهچٽو هو.سيوهڻ جا اهي ڏينهن سينهن وانگر گجندڙ هئا ۽ ان راتين ۾ محبوبن جون ملاقاتون ۽ برهه جون باتيون هيون.پر تنهن کان به گهڻو اڳ جڏهن مهاڀارت واري لڙائي لڳي هئي تڏهن به سيوهڻ جو سان اعليٰ هو.مندرن ۾گهنڊ گهڙيال وجي رهيا هئا. سج ۽ چنڊ کان سهڻيون سيوهڻ جون اسپرائون رنگ برنگي ساڙهيون پائي ڊيل وانگر ٽلنديون،درياءَ شاهه ۾ اکا وجهڻ اينديون هيون.سيوهڻ جون صدين مٿان صديون ائين اوج ۽ اقبال سان گذرنديون رهيون.............................. جڏهن محي الدين اورنگ زيب جي حڪم کي سندس سپاهي سندس وڏي ڀاءُ دارا جو رت پيئڻ لاءِ ڪوڪراٽ ڪندا.سندس پٺيان ڊوڙندا ٿي آيا تڏهن اورنگزيب جي فوجي عقاب جو ٻيو ولر وري سيوهڻ وٽ دارا جو دڳ جهليو بيٺو هو.جتان هن جي اهل عيال جو قافلو ٻيڙين جي رستي لنگهڻ وارو هو.ڪيڏو نه قيامت خيز منظر هو! ڀاءُ ڀاءُ جي رت جو پياسي هو.پر قدرت کي ائين منظور هو ته مظلوم جي گرفتاري جو گناهه سيوهڻ جي دامن تي نه پلجي.سو دارا جو قافلو سک سانت سان سيوهڻ وٽان لنگهي ويو ۽ اورنگ زيب جا سپاهي حيرت سان هٿ مهٽيندا رهجي ويا. منهنجي اکين اڳيان تاريخ جا پردا ائين لهي چڙهي رهيا هئاته اوچتو مون کي نغارن جو آواز ٻڌڻ ۾آيو.قلعي جي چوڪيدار ٻڌايو ته قلندر شهباز جي درگاهه تي ڌمال ٿي رهي آهي.نغارن جو ڌڪ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.هر ڌڌڪي ۾ مون کي صدين جون صدائون ٻڌڻ ۾ آيون.ڇڙو سيوهڻ نه ساري سنڌ ۾ ڌڌڪا هئا.سڏڪا هئا.ڳوڙهن ڀريل اکيون دانهون۽ آهون هيون.صدين کان ستايل لتاڙيل،چيٿاڙيل ۽ چيڀاٽيل سنڌ،ٻئي هٿ مٿي کڻي ڏڍ ۽ ٻاجهه لاءِ ٻاڏائي رهي هئي. ماوان جنون پيرا پٽڙي ڏيوين جهولي لالڻ! چار چراغ تيڏي ٻرن هميشه پنجوان ٻالڻ آئي ڀلا جهولي لالڻ! * سنڌ صدائون ڏيندي رهي ۽ ڏيئا ٻاريندي رهي جڏهن رات جي تاريڪي وڌي ويئي ته اهي ڏيئا آسمان جي تارن وانگر ٽمڪڻ لڳا.آهستي آهستي قلندر جي درگاهه تي سناٽو ڇائنجي ويو ۽ سيوهڻ سمهي پيو.مان سڪندر جي قلعي تي ڌيري ڌيري قدم کڻندو بنگلي ۾ وڃي بستري تي ليٽيس.خبر ناهي ته ننڊ ڪيڏي مهل آئي.صبح جو اٿيس ته سڀ دوست سفر لاءِ تيار هئا.هڪڙن جو خيال هو ته منڇر هلون.ٻين جي راءِ هئي ته اول نئين گاج هلون۽ واپسي تي منڇر ڏسون.آخر اسان هڪ فيصلو ڪري سيوهڻ ڇڏيو ۽ دادوءَ جو رستوورتو. جڏهن اسان سيوهڻ مان نڪتاسين ته مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍي حيرت لڳي ته سيوهڻ پنهنجي سموريءَ قدامت ۽ عظمت جي باوجود اياز کي متاثر ڪري نه سگهيو هو.وڏو فنڪار ڪيڏو ته بي نياز ٿئي ٿو.ڪڏهن ته آسمان ۾ هڪڙي ڪڪري ئي سندس من کي جهريو وجهي.ڪڏهن ته ٻوڙان ٻوڙ برساتون به سندس دل جي دنيا کي ڀڄائي نه سگهن. سيوهڻ مان اسان اول دادو ۽ پوءِ نئين گاج وياسين اتي انسپيڪشن بنگلو نهايت نظاري واري هنڌ تي مٿي ٽڪر تي ٺهيل آهي.هڪ طرف نئن گاج وهي ٿي ۽ ٻئي طرف وڏو وسيع ميدان سامهون اٿس.مان ڀانيان ٿو ته اونهاري جي برسات۾ هن بنگلي ۾ ٻه چار ڏينهن رهڻ ڄڻ بهشت جي موج ماڻڻ هوندي مون اکيون ٻوٽي تصور ڪيو ته مون کي ڀٽائي جي هن بيت جو منظر ياد آيو. اڱڻ تازي،ٻاهر ڪنڍيون،پکا پٽ سونهن سرهي سيج پاسي پرين مر پيا مينهن وسن اسان ۽ پرين ، شل هئن برابر ڏينهڙا بنگلي جي چوڪيدار اسان کي ٻڌايو ته ٿورا سال اڳي بلوچستان جي ڪن خانه بدوشن شورش ڪئي هئي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ نئن گاج تائين آيا هئا.پوءِ هو اسان کي اهو هنڌ ڏيکارن وٺي هليا جتي نئن گاج جي ڪنڌي تي انهن خانه بدوشن جو مقابلو ڪيو ويو هو.چوڪيدارن چيو ته انهيءَ چڪريءَ ۾ ڪيترا وحشي جانور پڻ مري ويا هئا.جي نئن گاج تي پاڻي پيئڻ ايندا هئا .هن دعويٰ ڪئي ته انهن پهاڙن ۾چيتو پڻ ڏٺويو آهي.اسان کي اهي پهاڙيون بلڪل سڃون نظر آيون ۽ حيرت لڳي ته انهن ۾ ايترا سارا جانور ڪيئن ٿا رهن۽ ڇا ٿا کائن.پر ان ڳالهه جي ثابتي اسان کي ستت ئي ملي ويئي.سڏيائون اچي ناشتو ڪريو.نالي ۾ ناشتي جي ماني هئي پر ميزبان پورو ڇيلو پچايو هو.ان جي گوشت ۾ اهڙو ته سواد هو جونه فقط مون پر ڪيترن ئي دوستن چيو ته اسان اهڙو اڳي ڪڏهن ڪونه کاڌو آهي.ان تي ميزبان ٻڌايو ته ان جو سبب اهو آهي ته ڪوهستاني ٻڪر جبلن ۾ مختلف قسمن جا گاهه کائين ٿا.جنهن ڪري انهن جو گوشت غير معمولي طور سوادي ٿيو پوي. نئن گاج مان اسان کي نئنگ گهمائڻ وٺي ويا.رستي تي اسان کي ڪاڇي مان لنگهڻو پيو.اتي هڪ نرالي نموني جو قبرستان ڏٺوسين جنهن جي قبرن ۽ قبن تي نهايت شاندار گلڪاري ٿيل هئي.قبن ۾ زمين کان وٺي ڇت تائين چئن ئي ڀتين تي نه فقط رنگ برنگي گل چتيل هئا.پر وال پيسٽنگ جي نموني کي شڪار جا ۽ شراب ۽ راڳ جي مجلسن جا عمدا نظارا چٽيل هئا ڪنهن نظاري ۾ ڏسو ته وڏو ڪو راجا يا امير گهوڙي سوارن جي فوج سان ڪتا ۽ شڪاري ساڻ وٺي شڪار تي وڇي رهيو آهي۽ حيرت آهي ته انهن قبن ۾ اسان کي نه عربي ڪتبا نظر آيا۽ نه وري دستور موجب ڪي فارسي بيت.مون بعد ۾ پروفيسر ائنميري شمل سان انهيءَ قبرستان جو ذڪر ڪيو.هن ان جون تصويرون ڪڍايون ۽ تحقيق ڪري ان بابت مضمون لکايو.جو سئزرلينڊ جي هڪ رسالي ۾ ڇپيو ۽ بعد ۾ ان جو ترجمو بورڊ جي مهراڻ ۾ به شايع ٿيو.ڊاڪٽر بلوچ صاحب مونکي ٻڌايو ته اهڙا قبرستان شهدادپور جي پاسي به آهن.بهرحال اتان اسان نئنگ وياسين.جاکيرٿر جبل ۾ ائين ئي آهي جيئن صحرا ۾ خيابان. ڀانئجي ٿوته اوائلي دور جي ڪا بستي آهي.جنهن جي آبادي۽شادابي جو ڪارڻ هڪ قدرتي چشمو آهي.جنهن جي نديءَ جو ٿڌو ۽ مٺو شفاف پاڻي ٻارنهن ئي مهينا وهندو رهي ٿو.مان جڏهن ننڍڙو هوس ته ٻڌندو هوس ته جوهيءَ پاسي جبلن ۾ چشمو آهي.جتي بيهي جيڪڏهن ماڻهو”ياعلي“ جو نعرو هڻي ٿو ته پاڻي هڪدم مٿي چڙهي ٿو.ٽيهن ورهين کانپوءِ مون کي اهو چشمو ڏسڻ جو موقعو مليو.مون ميزبان سان هي ڳالهه ڪڍي انهن جي نوڪر چيو ته سائين اها ڳالهه بلڪل صحيح اهي.هلو پاڻ هلي اهو ڪرشمو اکين سان ڏسو.اسان کي ويساهه ڪونه ٿي آيو پر پوءِ رونشي خاطر هلياسين ته نوڪرن کي چيوسون”بابا نعرو هڻو“هنن چيو ته ”سائين آزمودو اوهان کي ڪرڻو آهي نعرو به اوهان هڻو“اسان سڀني اياز ڏي نهاريو.جنهن ڀٽيءَ کي اشارو ڏنو.ڀٽيءَ پنهنجا ڦڦڙ ڦوڪي زور سان نعرو هنيو يا علياسان سخت انتظار سان چشمي جي پاڻيءَ ڏانهن نهاريندا رهياسين ته اجهو ٿو مٿي چڙهي.ميزبان جا نوڪر هاڻي ششدر ٿيڻ لڳا.نيٺ هڪ ڄڻي شرم کي پرچائڻ لاءِ چيو ته سائين هو ڏسوڏسو ته پاڻي مٿي چڙهي پيو نه؟ اسان چتائي ڏٺو ته اتي جو اتي هو.چڱي چڱي دير تائين جڏهن اوٻاسيون ڏيئي ٿڪاسين۽ پاڻي مٿي ڪونه چڙهيو.تڏهن پوئتي موٽياسين پڇا ڳاڇا تي خبر پيئي ته جيئن اوائلي زماني ۾ نيل نديءَ ۾ پاڻي وڌائڻ لاءِ هر سال هڪ نينگري قربانيءَ طور ٻوڙي ويندي هئي تيئن هن چشمي ۾ پاڻي وڌائڻ لاءِ اڇا تائين هر سال جانور جو رت قرباني طور وڌو ويندو آهي.چشمي جي ڀرسان گاجي پير جي درگاهه هئي.جمال ابڙيان جي ڪافي جاچ جوچ ڪئي ۽ آخر نتيجو ڪڍيائين ته اهو گاجي پير دراصل غازي پير جو بگڙيل اصطلاح آهي.اتي ٻه پٿر به کتل آهن.جن مان هڪ لاءِ روايت آهي ته اها راجا جي ڌيءَ هئي جا پنڊ پهڻ ٿي ويئي هئي ۽ ٻئي پٿر تي هر سال قربانيءَ جو جانور جو رت هاريو ويندو آهي.ڀرسان ئي لکمير جي ماڙيءَ جا ڦٽل نشان آهن.جتان برسات پوڻ تي ٻار پراڻا سڪا ڳولي لهندا آهن.ڀانئجي ٿو ته نئنگ سنڌ جي آٿار قديمه مان آهي۽ ان تي اڃا تائين ڪنهن به اطمينان جوڳو ڪمنه ڪيو آهي.چشمي تان واپسيءَ تي اسان گهاٽن وڻن جي هڪ جهڳٽي هيٺان هڪ تلاءَ ۾ غسل ڪيو.جنهن ڏاڍو لطف ڏنو.اياز وري وري ارمان ظاهر ڪرڻ لڳو ته تلاءُ تمام ننڍو آهي.ترڻ جو مزو ڪونهي.مون کانئس پڇيو ته تون ترڻ ڄاڻين؟ هن چيو ته مان ته فقط چڱي موچاري واهه مثلا رائيس ڪينال يا ناري ڪئنال کي ڪيئي دفعا بنا ساهيءَ آرپار تري ويندس پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻيءَ ۾ بنا ساهي کڻڻ جي به ترڻ ڄاڻان.ٻه ٽي سال پوءِ هن ان ڳالهه جي اسان کي ٿابتي ڏني.جڏهن سندري ا تم چنداڻيءَ وارا سنڌ گهمڻ آيا هئا.تڏهن سکر ۾ ڀٽيءَ رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي هڪ پڪنڪ رکي.اسين سڀ واهه ۾ گهڙياسين۽ ڀرپاسي سان ئي ترندا رهياسين پر ايازٻه ٽي دفعا واهه آرپار تري آيو. نئنگ مان واپسي بعد اسان وري دادوءَ پهتاسين ۽ اتان منڇر هليا وياسين.منڇر موج ۾ ڪانه هئي پر تڏهن به رنگ لڳو پيو هو.منڇر جي دنيا ئي پنهنجي آهي.پير علي محمد راشديءَ جي چوڻ موجب منڇر ڍنڍ جي پنهنجي جدا تهذيب آهي.جنهن تي تحقيق ڪجي ته هوند انبار ڪتابن جا لکجي وڃن.منڇر تان موٽندي بوبڪن وٽانلنگهياسين.ننڍي هوندي سنڌي اسڪولن ۾ جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ پڙهيوهوسين ته بوبڪ ۾ ڀنگ جي پوک ٿيندي آهي.اسان ڏٺو ته بوبڪن ۾ وڻن هيٺيان خاص ڪري ٽيليفون جي تارن ۾ٿنڀن هيڍان بيشمار طوطا ۽ ڳيرا پٽ تي پيا آهن.اها ماجرا ڏسي حالي ته وائڙا ٿي وياسين پوءِ بوبڪن جي هڪ رهاڪوءَ ٻڌايو ته ”سائين هت ڀنگ جي پوک ٿيندي آهي.طوطاوڃي ڀنگ جو ٻجچڳندا آهن.جڏهن پيٽ ڀرجيويندو اٿن تڏهن اڏامي وڃي وڻن تي ياتيليفون جي تارن ۾ ٿنڀن تي ويهندا آهن.ڪجهه دير کانپوءِڀنگ جو نشو چڙهندو اٿن ۽ امالڪ ”ٻٽڪ“ ڪري اچي پٽ تي ڦهڪو ڪندا آهن.پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي نشي ۾ لڳا پيا هوندا آهن.ڀانئبو آهي ته مئل آهن.جڏهن نشو لهندو اٿن ۽ کنڀڙاٽيون هڻي اڏامڻ جهڙا ٿيندا آهن تڏهن اول منڇر تان پاڻي پي اڃ لاهيندا آهن ۽ پوءِ بک لاهڻ لاءِ وري وڃي ڀنگ چڳندا آهنوري ساڳيو حال ٿيندو اٿن ۽ نشي جي اهڙي عادت پئجي ويندي اٿنجو ٻيءَ ڪنهن پوک ڏي اصل نه ويندا آهن.اها ڳالهه ٻڌي اياز چيو”مون ڳالهه سمجهي هي طوطا سنڌ جي ماڻهن وانگر صوفي سڀاءَ جا اهن.نه ڪنهن کي ڏين نه ڏکوئين.نه پنهنجو هنڌ ماڳ ڇڏين.صلح سان پنهنجو انداڻو ڪيو حياتيءَ جا ڏينهنڙا پيا گذارين“،انهيءَ سفر ۾ يا ڪنهن ٻئي سفر ۾ اسان موهن جو دڙو گهمڻ وياسين.سنجها ويل موهن جي دڙي تي پهتاسين.پٽيءَ جو هڪ زميندار دوست مولانا ابوالڪلام آزاد جو شيدائي هو.اسان جي دعوت ڪئي.رات جو بحث جو موضوع موهن جي دڙي بدران مذهب ٿي پيو.جن ۾ جويي صاحب سرگرم حصو ورتو.رات جو ريسٽ هائوس ۾ سمهي پياسين۽ صبح جو سوير سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ ڏسڻ وياسين.موهن جي دڙي کي چڱي طرح ڏسڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هفتو کن گهرجي.۽ اهڙو ٻيو هفتو اڳ ۾ ئي ان موضوع تي لٽريچر پڙهڻ گهرجي.جيڪي سياح موهن جودڙو گهمڻ ويندا آهن.سي دڙو گهٽ ڏسندا آهن.اتي پنهنجون تصويرون وڌيڪ ڪڍائيندا آهن.اسان جي سنگت ۾ اهو فرض سدائين تنوير جي ذمي هوندو هو.پر نئنگ واري تلاءَ ۾ ڪئميرا ڀڃي وجهڻ کان پوءِ اهو شوق ڇڏي ڏنو.بهرحال موهن جي دڙي تي تنوير اسان جون هر هنڌ تصويرون وٺندو رهيو.پر هڪ شرارت ڪيائين جو ڀٽيءَ جي تصوير عجائب گهر جي انهيءَ ديوار وٽورتائين.جنهن تي سيمنٽ سان هڪ وڏو هاٿي ٺهيل آهي.چون ٿا ته موهن جي دڙي واري زماني ۾ سنڌ ۾ هاٿي عام جام هوندا هئا.تنوير ڀٽيءَ کي چيڙائيندو آهي ته تون پنهنجي ڊيل ڊول ۾ هاٿيڙو آهين7 سنڌ جي اڳوڻي عظمت جو يادگار آهين.ڀٽيءَ کي انهيءَ ڳالهه جي سمڪ ئي ڪانه رهي پر بعد ۾ جڏهن کيس پتو پيو ته هو تنوير ڏي ڏاڍي خار مان هوڪيندو رهيو. موهن جي دڙي مان سکر موٽندي اسان کي رات ٿي ويئي.رائيس ڪئنال انسپيڪشن باٿ موٽر جي سفر لاءِ تمام سٺو آهي خاص ڪري جيڪڏهن چانڊوڪي رات هجي.ان جي هڪ پاسي وڏا سايه دار وڻ آهن۽ ٻئي پاسي واهه جي پاڻيءَ جو نظارو.پر اها رات تمام اونداهي هئي ۽ ان زماني ۾ رائيس ڪئنال تي ڦرن ۽ ڌاڙن جا گهڻا واقعا ٿيا هئا.اسان مزي ۾ سفر ڪندا ٿي آياسين ته تنويراوچتو موٽر کي بريڪ هنئي.ڪنهن پڇيو ڇاهي؟تنوير چيو سامهون ڏسو اڃان جو ڏسون ته هڪ وڏو ساهي وڻ آهي جو رستي تي آرپار ڪريو پيو آهي۽ اڳتي وڌڻ جي ڪابه واهه ڪانهي.ڌاڙيلن جو اهو عام دستور هوندو آهي ته هو رستي روڪ لاءِ وڻ ڪيرائي رستو بند ڪري ڇڏيندا آهن۽ پاڻ پاسي سان لڪي ويهندا آهن.جڏهن گاڏيءَ وارو منجهي بيهي رهندو آهي ته هو مٿس حملو آور ٿيندا آهن.اسان مان ڪنهن چيو گاڏي پوئتي ڪر.ڪنهن چيو انجڻ بند نه ڪري بيهي رهه.ڪنهن چيو يڪدم نڪري هل!ڪجهه وقت ته ائين بنا فيصلي منجهيل رهياسين.پوءِ ڏسڻ ۾ آيو ته اسان کان به اڳ ڪي گاڏيون انهيءَ رستي روڪ ڪري رستو ڇڏي پاسي کان هيٺ لهي اڳتي هليون هيون ۽ انهن جي ڦيٿن جا نشان ڏسڻ ۾ ٿي آيا.اسان به اهو ئي گس ورتو ۽ ٿورو پنڌ هيٺ ڪرڻ بعد چارو ڏئي وري اچي انسپيڪشن باٿ تي چڙهيا سين.جڏهن هر طرح خير خيريت جو اطمينان ٿيو ته چيوسين ته هر هڪ پنهنجا تاثرات ٻڌائي ايازچيو”مون پنهنجي واچ لاهي ڪار جي سيٽ هيٺان لڪائي ڇڏي ۽ پوءِ بي اونو ٿي سگريٽ ڇڪڻ لڳس“.ڀٽيءَ جو اياز جي ڳالهه ٻڌي سو اچي ٽهڪن ۾چتڪيو.ڀٽي شل نه کلي جو اول هيٺئين گيئر ۾ کلندو آهي.اوڏي مهل محسوس ٿيندو آهي ته ڪنهن سائيڪل جي ڦيٿي جي تارن ۾ هلند هلندي ڪا ڍنگري اٽڪي پيئي آهي۽ اها ڪٺ ڪٺ ڪري رهي آهي.ڀٽي جڏهن ٻئي نمبر گيئر ۾ کلندو آهي تڏهن تمام خوبصورت لڳندو آهي سندس ٽهڪ وڏ ڦڙي مينهن وانگر وسندا آهن.پر جڏهن هو ٽئين گيئر ۾ کلندو آهي تڏهن اوڙي پاڙي ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويندو آهي.سته ڪو ڀونچال اچي رهيو آهي ؟ڀٽي،اياز جي ڳالهه تي ٽنهي گيئرن ۾ کل کان پوءِ مونکي سرٻاٽ ڪري چيو”مان ملفوظات ٿو لکان“،”ڪنهن جي؟“ مون پڇيس جواب ڏنائين،”اياز جي“ ڳالهه هيئن هئي ته ٻه ٽي سال اڳ ڀٽيءَ ۽ مان هڪ مشهور درگاهه ڏسڻ ويا هئاسين.اتي مجاورن اسان کي بزرگ جون گهڻيون ئي ڪرامتون ۽ عقل ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ آخر ۾ ٻڌايائون ته سائين جي ملفوظات به چيل آهي.اها ملفوظات اسان خريد ڪئي.رات جو جڏهن اسان ٻه چار صفحا پڙهيا ته وائڙا ٿي وياسين ۽ ايڏو کلياسين جو پيٽ م سور پئجي ويو.خير،سو ڀٽيءَ چيو ته مان اياز جي ملفوظات ٿو لکان.ٻئي ڏينهن هن مون کي ملفوظات جو پهريون صفحو ڏيکاريو جو هن طرح هو: ملفوظات مرشدنا و هادي نا شيخ المشائخ حضرت مبارڪ علي اياز مدفيوضہ خليفو عبدالرشيد ڀٽيءَ اصل ساڪن اروڙ،جيڪو پوءِ لڏي اچي سکر شهر جي بندر وٽ جاگيراڻي محلي ۾ سڪونت پذير ٿيو.نقل ٿو بيان ڪري ته حضرت شيخ المشائخ هن دنياداري جي ڪابه سڌٻڌ ڪانه رکندا هئا.اڪثر ڪري استغراق جي عالم ۾ رهندا هئا.هڪ دفعي مان حضرت جن سان لاڙڪاڻي کان سکر تائين هم رڪاب هوس جو ڏسون ته رستي تي ڪو وڻ ڪريو پيو هو.انديشو ٿيو ته ڪن چورن مسافرن کي ڦرن لاءِ سانگ رٿيو آهي.ڪنهن وقت ته منجهي پياسين پر پوءِ واهه جي ڪڙ ڏئي سلامتي سان اڳتي نڪري وياسين.جڏهن خوف خطرو ٽري ويو تڏهن حضرت شيخ المشائخ فرمايو ته اسان چورن جي خوف کان پنهنجي واچ لڪائي ڇڏي هئي. (نقل ٻيو) ساڳيو خليفو عبدالرشيد ڀٽي نقل بيان ٿو ڪري ته غلام نبي آگرو ويٺل ڳوٺ آگرا تعلقو ڪنڊيارو جو پوءِ روزگار جي سانگي سان حيدرآباد ۾ سڪونت پذير اچي ٿيو ۽ ميان نور نبي سونارو،جيڪو پوءِ شاعر ٿيو ۽ تنوير عباسيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو،سي ۽ ٻيا رفيق هڪ دفعي شيخ المشائخ سان گڏ لاڙڪاڻي جي بازار پيا گهمون.آسپاس گلن جا دڪان هجن جو حضرت شيخ المشائخ فرمايو ته اي عبدالرشيد ڀٽيءَ اسان کي گلاب جا گل وڻن ئي ڪونه .جڏهن اسان گلاب جا گل ڏسون تڏهن ياد پوي ته اهي جنازي کي سينگارڻ لاءِ وجهبا آهن.سو اسان جي طبيعت ملول ٿيو وڃي.ٻئي ڏينهن اسان موهن جو دڙو گهمڻ وياسين ۽ شام جو ريسٽ هائوس جي اڳيان چمن ۾ ڪرسيون وجهي ويٺي چاءِ پيتي سون جو غلام رباني آگري حضرت شيخ المشائخ کي مخاطب ٿي چيو ته سائين هي گلاب جا گل ته ڏسو ڪيڏا نه خوبصورت آهن.اهڙا سهڻا گلاب مون سڄيءَ عمر ۾ ڪونه ڏٺا آهن ان تي حضرت شيخ المشائخ جن فرمايو! اوهان کي گلاب ڏسڻا آهن ته هن غريب جي ڪکن تي تشريف فرماٿيو.مون لاهور مان اهي گلاب جون چڪيون گهرايون آهن.جتي سڄيءَ سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ ته ڇا پر قاضي احمد واري ناز باغ ۾ به نه هونديون.“اهو ٻڌي شيخ المشائخ جن فرمايو ته ”اي عبدالرشيد ڀٽي! توکي خبر آهي ته اسان کي گلاب جا گل ڏاڍا وڻندا آهن.گلاب ڏسي اسان جي اندر ۾ جيڪو شاعر آهي سو گل وانگر ٽڙي پوندو آهي.تون لاهور وارين چڪين مان گلابن جون ٻه ٽي چڪيون اسان کي نه ڏيندين.“ خبر ناهي ته ڀٽيءَ ملفوظات کي پورو ڪيو يا اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.سکر ۾ رات رهي اياز ۽ ڀٽيءَ کان موڪلائي اسان خيرپور ۾ تنوير کي ڇڏيو ۽ پوءِ باقي دوست حيدرآباد هليا آياسين. *ٻئي سال اسان خيرپور رياست جي اورئين پاسي گهمڻ جو پروگرام رٿيو.چيائون ته اتي درياهه جي سڪل ٻيٽ جا نشان آهن ۽ آڳاٽي زماني جو ٻيلو آهي.چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته صاحب جي من ۾ ٻي.انهيءَ سال 1965ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي.سنڌ جي دشمنن اياز جي خلاف حڪومت وٽ پڪاريو هو ته هي ون يونٽ جو دشمن آهي.ان زماني ۾ ان کان وڏو الزام ڪوبه ڪونه پئي ٿي سگهيو.حڪومت اياز کي گرفتار ڪيو ۽سکر جيل ۾ رکيو.پٺيان ڪيترائي بي شرم انسان سندس گهر تي وڃي پٿر هڻندا هئا ته هي غدار جو گهر آهي.مون ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ ڊڪ ڊوڙ ڪئي ته ڪنهن وڏي ماڻهو جي ذاتي اثر رسوخ ۽ سفارش سان اياز جي جان آجي ڪرايون.پر سنڌ جي وڏيري کان نه اڳي ڪو اهڙو چڱو ڪم ٿيو آهي نه هاڻي ٿيو.البته انهيءَ سلسلي ۾ هڪ عجيب تجربو ٿيو.هڪ انڌو انسان سڄن کي لڳي ويو.سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهو انهيءَ انڌي وٽ ٽڪيل هو.مان کيس منت ميڙ ڪرڻ ويس ته اسان کي اياز ڇڏائي ڏيو.هن کي خوف پئي ٿيو ته جنگ جي زماني م انهيءَ ڳالهه ۾ هٿ وجهڻ پاڻ کي ڦاسائڻ آهي.سو خاموش رهيو.پر سندس انڌي ميزبان مون کي چيو ته خيرپور جو ڪمشنر منهنجو دوست آهي.اوهان جي مرضي هجي ته مان ان کي چوان مان اهو ٻڌي لالچ ۾ اچي ويس.هن چيو ته ڪمشنر جو پٽ هت پڙهندو آهي.ان کي پڻس ڏانهن خط لکي ڏنو اٿم.هاڻي توهان کيس ڀاڙي جا پئسا ڏيو ته وڃي.ڪمشنر جو پٽ آهي.سو ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏي ۾ سفر ڪندو.مون کيس هڪ سؤروپيا ڏنا.جي وٺي انڌي پاڻ وٽ رکيا ۽ چيائين ته جيئن ئي جواب آيو ته اوهان کي ٻڌائيندس.ٽئين ڏينهن هن فون ڪئي ته هليا اچو مان خوشيءَ مان وٽس ويس.هن چيو ته جواب آيو آهي ڪمشنر چوي ٿو ته اياز جو پٽ يا ٻيو ڪو وارث درخواست ڪري ته مان ان تي سٺو نوٽ هڻي سرڪار کي موڪليندس.مون اهو ٻڌي سمجهي ورتو ته هي انڌو پاڻ کي ٺڳي ويو.جڏهن کانئس موڪلايم ته چيائين نينگر جو هڪ سو ويهه خرچ ٿيو آهي.سو ويهه روپيه ڏيو.مون اهي ويهه روپيه به ڀري ڏنا.بعد ۾ پڇا ٿي معلوم ٿيو ته خيرپور جي ڪمشنر جو ڪوبه پٽ يا ڀائيٽو حيدرآباد ۾ ڪونه پڙهندو هو. اهو اياز جو پهريون جيل هو.سڄي سنگت تي ان جو وڏو اثر ٿيو.اسان کي پهريون دفعو ان ڳالهه جو صحيح معنيٰ ۾ احساس ٿيو ته اياز اسان کي ڪيڏو پيارو هو.ماڻهوءَ جو قدر ان جي وڃڻ بعد ٿيندو آهي.اياز کانسواءِ اسان جون مجلسون ويران ٿي ويون هيڪر مان سکر ويس.اياز جي آفيس جت اصيلن جا ميڙا هوندا هئا۽ دوستن جا ٽهڪڙا سا سنسان لڳي رهي هئي.اهو منظر ڏسي منهنجون اکيون آليون ٿي ويون ۽ فيض ياد آيو ویران ہیں میکدہ خم وساغراداس ہیں تم کیا گئے کہ روٹھ گئے دن بہار کے رشيد ڀٽي مليو .هو اياز لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيو هو.لاهور ۽ ڪراچي جا پنڌ به ڪيا هئائين پر اها خبر ڪانه ٿي پئي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو ڀٽيءَ چيو تون ڏينهن اڌ ترس ته توکي جيل تي اياز سان ملاقات ڪرائينداسون.مان ٽڪي پيس.اياز جو دوست ڪوٽ سلطان جو زميندار آغا گل حسن خان جيل جي سپرنٽينڊنٽ جو دوست هو.هن جيل جا گلم خريد ڪرڻ جو بهانو بڻايو۽ مون کي ساڻ وٺي هليو.سپرينٽينڊنٽ کي چيائين يار ”اياز سان ملاءِ“ صاحب گهنٽي وڄائي ۽ پٽيوالي کي حڪم ڏنو منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي ويئي .مان سوچڻ لڳس ته ”اياز کي قيد جي صورت ۾ ڪيئن ڏسي سگهندس شايد منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن.اياز اداس هوندو.مون سان ملندو ته ڳراٽڙين ۾ پئجي وينداسين.قسمت اسان کي ڇا ڇا نٿي ڏيکاري! مان اجهو ائين سوچي رهيو هوس ته اياز اچي ويو.هن اول سپرنٽينڊنٽ کي هٿ ڏنو پوءِ گل حسن خان سان مليو۽ بعد ۾ مون سان ڀاڪر پائي چيائين”ڪيئن خوش آهين نه“ پوءِ هن ڪرسيءَ تي ويهي سگريٽ دکايو.سپرنٽينڊنٽ چاءِ جو آرڊر ڏنو.مون اياز ڏانهن نهاريو.هو بهترين قسم جو بلو سوٽ ۾ ملبوس هو.ائين ئي محسوس ٿيوته ڄڻ هاڻي ڪورٽ مان ڪيس هلائي آيو آهي.سندس چهري تي ڪنهن به قسم جي گهٻراهٽ يا پريشاني نه هئي نه جذباتي هو ۽ نه سندس ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابه غير معمولي تبديلي هئي.هن مون کان دوستن جي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ چيائين ته بورڊ جا ڪي نوان ڪتاب شايع ٿيا هجن ته موڪلجان.ايتري ۾ اسان چاءِ پي واندا ٿياسين ۽ ملاقات جو وقت به پورو ٿي ويو.اياز موڪلائي اندر ويو.اسان ٻاهر نڪتاسين. *1965ع واريءَ جنگ کانپوءِ ملڪ ۾ ايوب خان جي خلاف عوامي تحريڪ زور وٺي ويئي.سنڌ ۾ سمورا دوست ون يونٽ کي ٽورائڻ جي جدوجهد ۾ لڳي ويا.اسان ڪاڏي گهمڻ ڦرڻ نه وڃي سگهياسين.اهو دور هڪ عجيب ڪشمڪش وارو دور هو.مون کي ڪڏهن فرصت ملي ته ان دور جا حالات بيان ڪندس.ون يونٽ جي ٽٽڻ ۾ عام چونڊن کانپوءِ وري ٻي جنگ لڳي.اياز وري جيل ويو.ان ڀيري ڀٽيءَ کي به جيل ياترا ڪرڻي پيئي.اياز جيل مان نڪرڻ بعد سخت بيمار ٿي پيو۽ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ داخل ٿيو.هو سارو وقت موت ۽ حيات جي سرحد تي رهيو.مان ۽ جويو صاحب واري واري سان سندس تيمارداريءَ ۾ رهياسين.اها رات جڏهن هو حياتيءَ لاءِ سخت جدوجهد ۾ هو.مان ساڻس گڏ هوس ۽ مون سان گڏ منهنجو دوست نٿار ميمڻ هو.اسان سڄي رات اياز جي سيرانديءَ کان ويٺا رهياسين.واري واري سندس وات مان رت ڦوهارا ڪري ٿي نڪتو.ڊاڪٽرن کيس بچائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي.مون محسوس ڪيو ته هي ماڻهو جو سڄي عمر موت کان ڇرڪندو رهيو آهي.اڄ سڀ کان وڌيڪ بهادر آهي.هن جي چهري تي ڪنهن به قسم جي گهٻراهٽ نه هئي.رات وهامي ويئي پر اياز جي زندگي جي شمع کي اڃا جڳ کي جوت سان جرڪائڻو هو.صبح جو جڏهن هو انجيڪشن جي نشي جي اثر مان بيدار ٿيو ته هو بهتر هو.نه هن جي گفتگو ۾ فرق آيو ۽ نه ڪنهن ٻي ڳالهه ۾.هن گهران ڪجهه ڪتاب گهرايا هئاانهن ۾ هڪ لٻيٽ ۾ روحاني زندگي بابت هو.ساندهه ست ڪلاڪ ڪتاب پرهندو رهيو.۽ مون سان ڪچهري ڪندو رهيو .هڪ خوبصورت ڊاڪٽرياڻي جڏهن رائونڊ تي آئي.تڏهن اياز کي بستري سان ٽيڪ ڏيئي ڪتاب پڙهندو ڏسي مرڪي ۽ مون کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري چيائين ”تو ڳڻتي نه ڪر،تنهنجي دوست کي ڪوبه لوڏو ڪونهي.هن کي زندگي پياري هجي يا نه پر هي زندگيءَ کي پيارو آهي. نوٽ:غلام نبي آگري جون هي املهه يادگيريون ”برسات“ جي ”اياز نمبر“ تان ورتيون ويون آهن.جيڪو يوسف شاهين ڪراچي مان ڪڍندو هو.