نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ ماڻهون هوٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ... ڏٺائين ته ڪمپيوٽر پيو آهي ۽ انٽرنيٽ به چالو آهي ... کيس خيال آيو ته ڇونه گھر واريءَ کي نياپو ڪري ... نياپو لکيائين پر جلديءَ ۾ زال جي پتي بجاءِ ڪنهن غلط پتي تي موڪلي ڇڏيائين ...
ٻي طرف هڪ عورت، اڃان پنهنجي مڙس جي ڪفن دفن مان فارغ ٿي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي ڪمپيوٽر کوليائين ته مٽن مائٽن جا تعذيتي نياپا پڙهي وٺي ته کيس هڪ نياپي تي نظر پوندي ئي بيهوش ٿي وئي ...
عورت جو پٽ ڀڄندو آيو ته ڏسي ته سندس ماءُ بيهوش ڇو ٿي وئي ... ڪمري ۾ گهرندي ئي ڪمپيوٽر جي کليل نياپي تي نظر پئي ۽ نياپو ڪجه هن طرح هو ...
” منهنجي پياري زال! آءُ هاڻ هاڻ پنهنجي منزل تي پهتوآهيان ... مونکي خبر آهي ته تون منهنجو نياپو پڙهي حيران ضرور ٿيندينءَ ... هت هر سهولت موجود آهي ۽ ڪمپيوٽر پڻ مهيا ٿيل آهي ۽ پنهنجن پيارن کي نياپن موڪلڻ جي سهولت پڻ ڏنل آهي ... ۽ مون تنهنجي اچڻ لاءِ سڀاڻي جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، بس تنهنجي جلد ملڻ جو انتظار آهي ... ۽ اميد ته تنهنجو سفر پڻ خوشگوار گذرندو ...“