سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
هو ويچاري هئي
يا مان بي قصور هئيس
مان ڀيڻ توکي ڀاءڪيو
تو سير ڏني مون ڀاء ڪيو
تو ڌڪ هنيو مون دعا ڪئي
مون پاڻ ساڙي شعاء ڪئي
نه تو لاء اونداه ٿيڻ ڏني
اگنيء کي پنهنجي ميڻ ڏني
تون اسان کي ڏاڍو پيارو هئين
تون ئي ته اسان جو سهارو هئين
تون روئين پيو مان ريجھايان پئي
توکي پيار ڏئي پرچايان پئي
گره گره ڏئي تو کي چڳايان پئي
تو به چيو توکي سک ڏيندس
تو تي آءُ ڪک نه سهندس
تو ننڍي هوندي واعدا ڪيا
تو پوء ڇو نه اهي پورا ڪيا
تو بدمعاش معاشري جو چيو مڃي
مون کان به ڪجھ ڪين پڇيئي
تو ڪهاڙي سان ڪنڌ ڪپيو
تو منهنجو سنڌ سنڌ ڪپيو
مان ته اڇي اجري هئيس
سج جئيان مان اڀري هئيس
مون ۾ نه ڪو داغ هئيو
پر تنهنجو وحشي دماغ هئيو
بس ! ڏوه منهنجو مان ناري هئيس !
آخر بي گناه مان ماري ويس !
مان آخر تائين ويچاري هئيس
مان آخر تائين ويچاري هئيس !!!!!