ورسي جي مناسبت سان پروفيسر عبدالله ملاح سنڌ ۾ جيڏا وڏا جبل، رڻ ۽ دريا آهن، ماڻهو به ايڏا وڏا پيدا ٿيا آهن. جن ماڻهن جي ڳالهين ۽ عملن جي بهارن سنڌ جي زندگيءَ جي باغن کي سانڍيو، نپايو ۽ سلامت رکيو آهي. قومن جون تهذيبون، قومن جا وقار، قومن جون عزتون، قومن جون حياتون، تقدس رڳو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڦرلٽ کي جائز قرار ڏيندڙ سرڪارن ۽ درٻارن سان قائم نه رهندا آهن، پر ڪي دليون هونديون آهن، ڪي دماغ هوندا آهن، ڪي ضمير هوندا آهن، ڪي تاريخ جي حسن جهڙا لڄائتا بي مثال انسان هوندا آهن، جن جي وجود جي لازوال منور تبسم سان قومن جي حياتي، تاريخي وقار ۽ سونهن سلامت هوندي آهي. سنڌ ۾ وزير امير روز پيا پيدا ٿين، پر جن ماڻهن جون صورتون ڏسي وقت ۽ تاريخ جا نيڻ ٺري پون، انساني تهذيبن جو ضمير مرڪي پئي، اهڙا ماڻهو پيدا ٿين ٿا، پر صدين جي ڪاڙهن کان پوءِ. جيڪڏهن اسان چئون ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو به انهن ماڻهن مان هو، جن جون روز صورتون ڏسي سنڌ ٺرندي هئي، ته اها ڪا اجائي ڳالهه نه ٿيندي. ڌرتيءَ جون زمينون، ڌرتين جا آسمان، هميشه ان قسم جي باضمير ڏاهن انسانن جي ڊگھين ڄمارن جا دعاگو هوندا آهن. جيستائين هوندا آهن، ايستائين سندن وجود جي حسن جو وڻ وڻ منجھان واس ايندو آهي ۽ پوءِ جڏهن نينهن جا ڏينهن پورا ڪري پکي ٿي اڏامندا آهن، ته سندن ڳالهيون پيون ڳائبيون آهن. سندن ڪردار جي ذڪر جي روشنيءَ سان تاريخ جا مئڪدا منور ٿي ويندا آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار ڪچي واٽ تي مختصر گهرن واري هڪ سنڌ جي وساريل ڊگهن وڻن واري ڳوٺ فتح شاهه ۾ 1935ع ۾ ڄائو، جيڪو بدين کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. بدين جي ڏکڻ ۾ سمنڊ جون ڇاڙون، رڻ ۽ رڃ آهي. ان ڪري ان جي پٽن ۾ هڪ غربت، ٻي ذهانت ڏسڻ وٽان آهي. شيخ محمد سومار، مولوي حاجي احمد ملاح، شمشير الحيدري بدين جي ان ڏاکڻي سمنڊ جي ڇاڙن، رڻ جي ويراني ۽ رڃ جي پٽن ۾ ڄاوا ۽ اچي بدين شهر جي گھٽين ۾ رانديون ڪري پڙهي وڏا ٿيا. سندن تخليق سندن ڳالهين ۽ سندن اکين جي ماڻڪين ۾ ان ديس جي رڻ جي ويراني، سمنڊ جي آخري دم ٽوڙيندڙ ويرن ۽ رڃ جي دغابازيءَ جي شڪايتن ۽ ڏکن جا اهڃاڻ ۽ عڪس نمايان ۽ چٽا رهيا. شمشير الحيدري ۽ مولوي احمد ملاح شاعري ڪئي، شيخ محمد سومار ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار نثر جا درياءَ واهي ڇڏيا. پير حسام الدين راشدي کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هو، جنهن سنڌي زبان جي ادب جي تاريخ کي ٻوليءَ جي حسن سان سينگاري قوم اڳيان رکيو. تحقيقي ڪم ۾ ٻولي جي حسن ۽ تاريخي حقيقتن کي توازن سان چٽو ڪرڻ سولو ڪم ناهي. ٻولي جي سونهن به سلامت رهي، تاريخي حقيقتون به چٽيون هجن. ان هنر ۾ پير حسام الدين کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو دنگ هو. سندس خاندان ۾ سندس ڏاڏو حيدر خان ۽ والد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو ۽ سندس ڀائر آفتاب احمد، عبدالحميد، عبدالمجيد نالي وارا مڙس هئا. پنهنجي تڏي توري وارا هئا. ڊاڪٽر صاحب شروعاتي تعليم ڳوٺ فتح شاه جي اسڪول مان حاصل ڪري مير غلام محمد ٽالپر جي قائم ڪيل اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو، پوءِ نوابشاهه ۾ پڙهيو. 1956ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي. حسابن ۾ ڪچو هو، ان ڪري مختلف اسڪولن مان ڀڳو به سهي، حسابن ۾ هو عمر ڀر ڪچو هو، ان ڪري ڪڏهن به هن ڏک سک جا حساب نه رکيا. هن کي زندگي جا نشا ايترا هئا، جو هن عمر ڀر ٻيو ڪوبه نشو ڪونه ڪيو. سٽي ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪئي. 1960ع ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مان بي اي آنرز ڪئي. 1962ع ۾ ايم اي سنڌي ڪئي، ان سال هو سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1966ع ۾ چين ويو، جتان بيجنگ يونيورسٽي مان چيني زبان ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. ڪامريڊ چو اين لاءِ سان ملاقات ڪئي. چيني سوشلسٽ انقلاب ۽ طرز حيات جو هن تي عمر ڀر اثر رهيو. ٻئي کي ڪم جو نه چوندو هو، هر ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندو هو. گاڏي ۾ ويٺي ڪڏهن هن دڪان تان شئي نه ورتي. هارين سان حساب نه ڪندو هو. زمينداري حيثيت کي هن ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ جي پروفائيل ۾ باعث فخر حيثيت نه ڏني. پنهنجي وڏن جو ذڪر ڪندو هو، تڏهن به سندن علمي پاسي جو ذڪر ڪندو هو. سندن گهر ۾ نوڪر نه هو. چين مان واپس اچي هن مشهور ڪتاب ”مائو جي ملڪ ۾“ لکيو، جيڪو تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. 1976ع ۾ ’فارسي زبان جو سنڌي ٻولي تي اثر‘ جي عنوان سان پي ايڇ ڊي ڪئي. ايران جي مرڪزي خانه فرهنگ حيدرآباد مان فارسي ۾ ڊپلوما ڪئي. 1988ع ۾ لنڊن مان ٻولي تي ڊپلوما ڪئي ۽ واپس اچي ”ونڊسر محل جو مسافر“ ڪتاب لکيو. 94-1993ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو. انگريزي، چيني ۽ فارسي زبان ڄاڻندو هو، پر لکت توڙي ڳالهه ٻولهه ۾ نج سنڌي زبان جو استعمال ڪندو هو. 1995ع ۾ ڊين آف فيڪلٽي سنڌ يونيورسٽي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي شام جي ريل گاڏي ۾ چڙهي رات جو بدين پهتو ۽ اچي وري لکڻ تي ويٺو. ريٽائرمينٽ کان لاڏاڻي تائين، هن 20 ڪتاب لکي ڇپايا. ڪنهن به ماڻهو جي ڏاهپ توڙي چڱائي سان نا انصافي نه ڪئي. سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن جون قدردانيون ڪندي، انهن تي ڪتاب لکيا. شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخشي بلوچ، شيخ محمد سومار، سچل ۽ شاهه سائين، تنوير عباسي، الهداد ٻوهئي، خواجه غلام فريد، بلي شاهه تي هن تمام گھڻو تحقيقي ڪم ڪيو. ڪٺمال شاهه لطيف جي شاعري، ڪشف البيت، لطيف ڪوئيز سندس شاهڪار ڪتاب آهن. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران سندس ٽي جلد سنڌي ادب جو مطالعو ڇپيا آهن، جنهن ۾ هن سنڌ جي تمام گھڻن لکندڙ ماڻهن کي ياد ڪيو آهي. اداڪار شام کان متاثر ٿي هن پاڻ تي ’شام‘ تخلص رکيو. شمشاد بيگم، طلعت محمود، دينا ناٿ، مسعود رانا، استاد منظور علي خان سندس پسند جا فنڪار هئا. هڪ اندازي موجب هن پنهنجي رهبري ۾ 20 شاگردن کي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرائي ۽ 10 شاگردن کي ايم فل ڪرايو. جن اسڪالرن پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل ڪيو اهي اڃا حال حيات آهن، انهن کان پڇي سگھجي ٿو. هن ماڻهو پنهنجي شاگردن تي ڪڏهن گلن جيترو به بار نه وڌو ۽ سندس رهبري ۾ جن به پي ايڇ ڊي ڪئي، جن به ايم فل ڪئي انهن مان هڪ به شاگرد اهڙو ناهي، جنهن کي سيمينار دوران ڊاڪٽر ماني جو يا چانهه جو چيو هجي، بلڪه سيمينار ۾ چوندو هو، منهنجا شاگرد ڪيڪ، پيسٽريون کارائي پاس ڪونه ٿيندا، جيڪو پڇڻو اٿئو، اهو پڇو. هن 65 ڪتاب لکيا. پهريون ڪتاب هن ”افسانن جو مجموعو“ 1956 ۾ ”سوکڙي“ لکيو ۽ آخري ڪتاب ”مڌوبالا“ هو. انهن ڪتابن ۾ ناول آهن، شاعري آهي، ڪهاڻيون آهن، تاريخ آهي، پر انهن ڪتابن مان ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ ڪو هڪ جملو به اهڙو ناهي لکيل، جيڪو سنڌ جي خلاف هجي، سنڌ جي زبان جي خلاف هجي، انسانيت ۽ انسان جي خلاف هجي يا ڪنهن نظريي، ڪنهن شخص جي غير ضروري ۽ غير حقيقي طرفداري ۾ هجي يا بي سبب رڳو پنهنجي طبيعت جي چڙ ڪڍڻ خاطر ڪنهن جي خلاف هجي. يا سرڪار کي ڪنهن وڏي ماڻهو کي راضي ڪرڻ لاءِ هجي. هن جيڪو لکيو، اهو سچ ۽ ايمانداري جي مقدس ڪپڙي مان ڇاڻي لکيو. پنهنجي زبان، پنهنجي ادب، پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي لازوال محبتن ۾ لکيو.
ڊآڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي شخصيت سنڌي ادب ۾ هڪ ستاري مثل آهي۔ سندس تحقيق ۽ لسانيات تي وڏو ڪم ٿيل آهي۔ لاڙ ميوزم به سندس ئي ڪاوشن جو ثمر آهي۔ سندس ورسيء تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔