سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام​

    جيئن ته سائين نثار ابڙو اها ڳالهه ڇيڙي هُئي ته شايد دريا شاهه جو ڏهاڙو وڏي اڪثريت نه ملهايو ويو ان ڪري ان سلسلي ۾ ڪو اکين ڏٺو احوال ، ڪا تقريب ڪانه ٿي هوندي ادا نثار ابڙي کي ٻُڌائيندو هلان ته ڀائڙا نثار ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو ته اسان جا سنڌي سُورما ۽ سنڌي سورميون سنڌوءَ سان اظهار يڪجهتي نه ڪري سگهن، مٺا نثار باقائده اسان جا سنڌي سٻاجهڙا، سنڌو دريا جي ڪنڌيءَ تي لکن جي تعداد ۾ هڪ آواز ٿي گڏجي پهتا ۽ منفرد نموني احتجاج ڪري سنڌ جي دريا شاهه کي گُلڙن ۽ لُڙڪن جي ڀيٽا ڏئي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هاڻي دنيا جي ڪابه طاقت سنڌ جي وسيلن تي راتاهو نٿي هڻي سگهي اهو ٻيو سبب آهي ته دوستن ان سلسلي ۾ اکين ڏٺي معلومات سنڌ سلامت سان شيئر ڪانه ڪئي، دوست مان پوڙهو مڙس هي اکين ڏٺو احوال انهيءَ وينتي سان پيش پيو ڪريان ته متان دل لاهيو سنڌيو، اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي متان ائين سمجهو مُئا مور سارا۔۔۔۔۔۔ مٺا نثار جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان آهي۔۔۔
    ڪافي ڏينهن پهرين سنڌ ڌرتي جي مشهور ميڊيا چينل ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جي سرپرست اعلى محترم علي قاضي سنڌ جي جياپي جي وڏي ۾ وڏي وسيلي سنڌوءَ ۾ پاڻي جي کوٽ، ان جي پاڻيءَ تي هڪڙي صوبي جي پاران راتاها، ۽ ڌاڙا هڻڻ جي خلاف 24 جنوري 2010ع آچر جو ڏينهن سنڌو دريا جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو...... جنهن وقت اهو اعلان ٿيو ان وقت کان سنڌي ماڻهن اهو پڪو وچن ڪري ڇڏيو، ته بلڪل اهو ڏينهن احتجاج، طور، سنڌي ٻار، سنڌي نوجوان، سنڌي ٻُڍڙا ۽ سنڌي عورتون ٻڌي ۽ ايڪي طور هڪ آواز ٿي ملهائينداسين، جيئن جيئن اهو ڏينهن ويجهو ٿيندو ويو، ڪاوش ، ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جي آواز ۾ سموري سنڌ هڪ ٿي آواز ملائيندي وئي، ۽ اهي علائقا جتان جتان سنڌ جي دريا شاهه جو گُذر ٿيو پي ان علائقيءَ ۾ وڃي شاهه دريا جي سُڪل ۽ واري اُڏامندڙ هنج ۾ وڃي گُلن جا نذرانا، ڀيٽا طور ڏيندا رهيا، ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا ۽ چوندا رهيا ته......
    ويڙهه تنهنجي وهڪري لئه ، هر گهڙي هر پل ڪيون!
    معاملو مهراڻ تنهنجو سرِ ڏئي سڀ حل ڪيون!

    آ مياري سنڌ واسِي سِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم
    جا ورِي ناهي ورهين کان وِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم،
    پيٽ بُکئي هُنَ مُهاڻي مِيرَ تُنهنجي جو قسم،
    لُڙڪ لاڙي ٿي ڏکڻ کان هِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم
    سامراجن سان ته جهيڙي آخري ڪا مَلِهه ڪيون!
    معاملو مهراڻ تنهنجو سِر ڏئي سڀ حل ڪيون!

    آ ٽنگيل خالِي پَلي کان تنهن ته کارِيءَ جو قسم
    رت رُنِي آ هُوءَ مُهاڻِي تنهن ڏُکارِيءَ جو قسم،
    ٿي اُڏامي تو ۾ سنڌو روز وارِيءَ جو قسم،
    ۽ سُڃاتا ٿا وڃون تنهن سنڌ سارِيءَ جو قسم،
    خُونَ جِي ڀيٽا ڏئِي اڄ ريت تنهنجي شَلِ ڪيون!
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون !

    ڄامشوري جي ته اُجڙيل سڀ نظارن جو قسم،
    ڪوٽڙيءَ جي غمزده تن ٻن ڪنارن جو قسم،
    بيٺلن خالي بتيلن جِي قطارن جو قسم،
    ۽ اُجهاميل وقت کان اڳ ديپ سارن جو قسم،
    ڳاٽ اونچِي هٿ هٿن ۾ ڪا وڏِي مشعَلِ ڪيون!
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون !

    شل وهي سنڌو سدائين خُوب پاڻيءَ جو قسم،
    ”ناز“ المنظر ۾ پليل هر ڪهاڻِيءَ جو قسم،
    ديس مهڪي سنڌ مُنهنجو رات راڻِيءَ جو قسم،
    ۽ تماچِي تڙ ڌڻِي نُورِي نِماڻِيءَ جو قسم،
    هڪ ڪنڌي مهراڻ گُلَ ۽ ٻي چنبيلي وَلِ ڪيون!
    معاملو مهرڻ تُنهنجو سِر ڏئي سڀ حل ڪيون !​


    سنڌ جي ٻنين ، سنڌ جي باغن، سنڌ جي وستين واهن کي سيراب، سکيو ستابو ۽ سائو ڪندڙ سنڌو دريا جيڪو وقت جي ظالمن جي ستم ظريفي جي ڪري ، پنهنجي روانِي، پنهنجي لهرن، پنهنجي موجن ۽ پنهنجي جواني جي بدران صرف واري ۽ ڌُوڙ اُڏائي رهيو آهي،
    بلڪل ائين جيئن موت جو ڪو منظر هُجي، بلڪل ائين جيئن سنڌ جي سُهاگڻين جا ور مري ويا هُجن، جيڪو هن وقت جهيڻو، جهور ۽ بلڪل نٻل نستو آهي، اهو سنڌو جنهن جي وشال ڇولين تي سوين بتيلا، سوين ٻيڙيون، هلنديون هُيون انهن ٻيڙين ۽ بتيلن جا مانجهي ملاح ۽ مُهاڻا خُوب سنڌو دريا جِي روايتي سوکڙي پلا ماري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گُذر ڪندا هُئا جو اڄ ان سنڌوءَ جي پاڻي جي صورتحال اها آهي، جو چند بتيلن جو بار به سهي نٿو سگهي. ۽ سنڌوءَ مير مهاڻا، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

    اڄ چووهين (24) جنوري آهي، اڄ سنڌ جِي هر واهڻ وستي ۾ سنڌوءَ جي آجپي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جيجل سنڌ جي هر ماءَ، هر نياڻِي، هر سنڌي سُورمو، هر سنڌي سُورمي، هر ٻارڙو هر ٻُڍڙو، سنڌ ۽ دريا شاهه جي بقا جا نعرا هڻندو، پيادل، سائيڪلن، گڏهه گاڏين، ڍڳي گاڏين، ڪارن، ٽرڪن، بسن، الغرض هر سُوارِي جنهن جوخرچ سنڌي ماڻهو پنهنجي پنهنجي وس آهر برداشت ڪري پي سگهيو ان تي چڙهي دريا شاهه ڏانهن روانا ٿين پيا، سڀني جو رستو هڪڙو آهي، سڀني جِي منزل هڪڙي آهي، ، سڀني جو رستو اهو وشال سنڌو آهي، سڀني سنڌين جي هٿن ۽ جهولين ۾ گُلَ وري اکڙين ۾ لُڙڪ آهن، سنڌوءَ جي خالي ٿيل پيٽ ۾ سنڌو کي ڀيٽا ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرائيڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ سنڌوءَ جِي هر ڪنڌيءَ تي پهچن پيا .......
    جيئن ته ٽنڊو محمد خان شهر کان سنڌو دريا تقريبن 17 ڪلوميٽر پري جي مفاصلي تي اولهه طرف تاريخي مُلاڪاتيار شهر جي پاسي کان وهندو آهي اُتي پهچي اسان سڀني سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان وارن پڻ سموري سنڌ سان هڪ آواز ٿي پنهنجي هٿن ۾ گُل ۽ اکين ۾ لڙڪ کڻي سنڌو کي عقيدت سان ڀيٽا ڏئي احتجاج ڪيو، اسان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ شهر جي شاهه لطيف سنگيت ڪلب وارن گڏجي هن دفعي ساري دنيا سان هم آواز ٿي دريا شاهه جي ڪنڌيءَ تي” سنڌو کي ٿا ڪريون سلام“ جي عنوان سان هڪ ادبي مشاعرو ۽ راڳ رنگ جي محفل ، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب جي راڳي ميمبر شاعر دوستن سنڌوءَ کي پنهنجي گيتن پنهنجي نظمن وسيلي ڀيٽا ڏني، ان کان علاوه بدين شهر کان ڪهي آيل” مهان راڳي مرحوم اُستاد مٺو ڪڇيء“َ جو نوجوان راڳي ڀائيٽو ڪريم ڪڇي پڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان مشترڪه خاص دعوت تي شهر ملاڪاتيار َ پهتو، جنهن دريا شاهه جي حوالي سان تمام خوبصورت گيت سنڌوءَ جِي ڪُن وارِي ڪنڌيءَ (ڪناري)، تي دريا شاهه کي ڀيٽا جِي صورت ۾ پيش ڪيا ۽ اُتي پهتل سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سنڌوءَ جِي محبت ويتر وڌائي ڇڏي.
    پيش آهن سنڌوءَ جي ڪناري تي ڪيل سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران پيش ڪيل مشاعرو، ۽ راڳ رنگ جِي محفل، ۽ سنڌوءَ کي گُلن جي ڀيٽا سان دُعا گهرڻ جا منظر تصويري روپ ۾

    [​IMG]

    سنڌو جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان طرفان ڇپايل بينر جو تصويري عڪس

    [​IMG]

    سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان جا ميمبر پنهنجي سواري موٽر سائيڪل تي دريا شاهه کي ڀيٽا ڏيڻ جي تيارين ۾

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    دريا شاهه جي بيٺل پاڻيءَ کي سڪ منجهان گُلن جي ڀيٽا ڏني پئي وڃي​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي پوڙهي ۽ حقير ڪارڪن نثاراحمد ناز پڻ سنڌي اجرڪ جو پٽڪو پائي ۽ آلين اکين سان سنڌو دريا جي سلامي ڀري۔۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌوءَ ڪنڌيءَ تي آلين اکين سان هٿن ۾ گُل کڻي جيجل سنڌ ۽ وشال سنڌوءَ جِي سلامتي لاءِ دُعائون گهريون پيون وڃن

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌو ڪنڌيءَ تي راڳي ڪريم ڪڇي راڳ ڳائي ۽ شاعر پنهنجي شاعري ذريعي سنڌوءَ کي ڀيٽا ڏئي رهيا آهن
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    مهرباني دوست نثار ناز صاحب، پيرائيتي معلومات ڏيڻ جي ۔۔۔ حقيقت ۾ اکيون سڪي ويون هيون ته ان ڏهاڙي جي ڪا خبر ڪانه ملي هئي، سنڌي چينل ۽ اخبارون به ڪو خاص مواد پيش ڪري نه سگهيون ۽ پاڻ به ڌرتيءَ کان ڪوهين ڏور ويٺا واجهه وجهون ۔۔۔ اوهانجي هن خبر تتل واريءَ تي ڪجه پاڻيءَ ڦوهار ڪئي ۔۔۔

    سلام آهي انهن سورمن کي انهن جوڌن کي انهن ماروئڙن کي جي پنهنجي آجپي جي ويڙه ۾ پاڻ ملهائن ٿا ۔۔۔ اسانجهڙا هزارين انهن جي پيرن هيٺان پيل لڦن تان قربان ٿين ۔۔۔

    ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    مٺا نثار ابڙا سنڌ کان دور آهين پر سنڌ منهنجي جند تنهنجي تن ۾ تنهنجي من ۾ اصل رچي وسي پئي آهي، سلام تنهنجي انهي سڪ ، کي آهي، جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مون مسڪين جي وس جي ڳالهه ڪانهي، شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر ۽ ڪي ٽي اين جو ڪئيمرا مين سيد غلام علي شاهه پنهنجون ذميواريون پورو ڪندي سنڌو ڏينهن جِي ڪوريج ڪري رهيو آهي،​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    ڪجهه ٻيون به تصويرون سنڌي ڀائرن جون جيڪي هن ڏهاڙي ۾ محبتن سان شريڪ ٿيا​
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    سائين نثار ناز ۔۔۔ توهان جا لک قرب جو توهان هن ملهائجندڙ ڏينهن جي ڪوريج کي اسان سان ونڊ ڪيو۔۔۔۔۔۔ لک مهرباني۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    مهرباني ادا مست جو توهان روزانو منهنجون موڪليل رپورٽون پڙهندا رهو ٿا ۽ پنهنجي نيڪ راين ۽ مفيد مشورن سان نوازيندا رهو ٿا، جيڪا ڳالهه ئي منهنجي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿي، شال جُڙيا هُجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    لک لائق سائين نثار صاحب جو توهان سنڌوءَ ڏينهن کي ڪوريج ڪرڻ لاءِ موسمي حالتن، طبيعت جي ناسازي، سواري جي مسئلن ۽ انيڪ مونجهارن کي ڪراس ڪري۔۔۔۔ پنهنجي ميڙاڪي خاطر، سنڌ ۽ سنڌ سلامت خاطر ۽ سنڌ سان چاهه رکندڙ انهن جوڌن خاطر جيڪي ڪن مجبورين ڪري ماروي جي ديس کان دور آهن لاءِ اهڙيون رپورٽن کي ترتيب ڏئي پيش ڪري رهيا آهيو۔۔۔
    اسان جي دعا آهي ته شال سدائين سلامت رهو۔۔۔۔۔
     
  9. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    لاجواب >>------>
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    سائين قبلا نثار ناز صاحب اوهان هميشه جيان هن مرحلي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي ڏيکاريو اوهان اهڙي بهترين ڪوريج ڏني جو ڪنهن ٻئي نمائنده يا اديب جي اوهان سان ڀيٽ نا ممڪن آهي موقعي جي مناسبت سان پنهنجي شاعري سان اصلي چار چنڊ لڳائي ڇڏيوَ الله تعالي توهان کي صحت و عافيت سان سلامت رکي الله تعالي اسان جي سنڌ ۽ سنڌوء کي شاد و آباد رکي۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    مٺا رشيد شل سلامت هُجين۔۔۔۔ پيارا سائين اهو سڀ منهنجي فرضن ۾ شمار آهي، جيتوڻيڪ جو انيڪ پريشانين کي مُنهن ڏيڻو پئجي پيو، پيري جا سايا، توهان منهنجي چهريءَ تان ڀلي ريت ڏسي سگهو ٿا، پر جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پريشانين کي ڏسان ٿو ته قسم سان پنهنجي پريشانين کي ڀُلجي، انهن ديس واسين جي، سندن ماڳ مڪانن جي، سندن وستين واهڻن جي، سندن مسئلن جِي، ، سندن جياپي ۽ آجپي واري خبرن کي ساري دنيا سان ونڊ ڪرڻ منهنجي سڀني کان وڏي فرضن ۾ شمار ٿيو وڃي۔۔۔۔ شڪر الحمد الله جو سنڌ سلامت جو وشال اڱڻ انهن سنڌي ماروئڙن لاءِ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪري پيو جيڪي سنڌ ڌرتيءَ کان هزارين ميل پري، پنهنجي، پنهنجي ٻچڙن ۽ پنهنجي جيجل ڌرتيءَ کي سکيو ستابو ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن۔۔۔۔۔۔ توهان پنهنجي نيڪ جذبن سان منهنجي همت افزائي ڪئي انتهائي ٿورائتو آهيان توهان جو
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    مٺا محمد مگسي شال سلامت هُجين، توهان منهنجي هن غريباڻي ۽ نماڻي ڪاوش کي لاجواب چئي، لکين قرب ڪري ڇڏيا۔۔۔ مهرباني ڀاءُ
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    محترم سائين رحيم بخش ڏاهري صاحب، شال سلامت هُجو پنهنجي پيارن سان، مٺا اهي سڀ توهان جون همت افزايون ۽ محبتون آهن جو، مون ناچيز هڪڙي سسُت ۽ ڪاهل ماڻهوءَ کي جيجل سنڌڙي لاءِ، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جا ڏانءُ ڏَسي ڇڏيا اٿوَ، ادا توهان کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته مان اديب ناهيان، مٺا اديبن جا گس ۽ پنڌ مون جهڙي ٽي درجي واري شاعر کان الاهِي الاهِي پري آهن، بس دوست منهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي جو مان هن سنڌ ڌرتيءَ جو هڪڙو ننڍڙو ۽ پتڪڙو شاعر آهيان۔۔۔۔۔۔ توهان جهڙي ريت نيڪ جذبن سان مونکي همٿايو آهي، اهي ٿورا مان ته لاهي ئي نٿو سگهان، ها پر يا ڄمار توهان محب ماڻهن جا اهي ٿورا پيو ڳائيندس۔۔۔۔۔۔
     
  14. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    جواب: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام

    سائين تمام سٺي ڳالهه آهي۔ ته ڪي ٽي اين جي سڏ تي سنڌو جي ملهايل ڏهاڙي کي توهان ملهائڻ سان گڏو گڏ زنده به رکيو آهي۔ منهجو فوٽو لڳائڻ لا۽ به وڏي مهرباني ۔ ۽ سائين مون اديبن جي پريس ڪلب واري تقريب جي وڊيو يو ٽيوب تي اپلوڊ ڪئي آهي۔ اگر ضرورت هجي۔ ته کڻي وٺجو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو