سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
وڃايل خواب نيڻن ۾ نهاريندي رات گذري وئي
پرين توکي پڪاريندي وري صبح ابهري وئي
اداسيءِ جا رهيا پاڇا رڳو تنهنجي تلاش ۾
سزا ء سور سان وڙهندي اها جنگ گذري وئي
کنيون تو مونڏي نازڪ نگاهون ناز سان ڏسندي
ائين محسوس ٿيو ٿر تان وسي برسات گذري وئي