• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

من اندر ۾ ملڻ جي آشا

سانوڻ خاصخيلي

سينيئر رڪن
من اندر ۾ ملڻ جي آشا
سانوڻ خاصخيلي بدين
شام ويل، بدين شھر جي مُک چوراھي تي، شفق مھل، ھزارين ماڻھن جو ھُجوم برپا، جئي ڀٽو، جئي ڀٽو جي نعرن جي گونج، جيت اسان جو مقدر آھي، جون صدائون، ڌيمي ڌيمي ھوائن جي ھُڳاءُ ۾ جنرل اليڪشن 2013 جي ماس موبيلائيزيشن روان دوان. لٿي سج جي لالاڻ ۾ اٽيج سيڪريٽري جي مڌر آواز ۾ حليم باغي جي جُرتئي شعر جي پڙلاءُ تـ
اسان جئين جئي ڀلا ڪو جھان ۾
سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾
پورو پنڊال ۾ ماڻھن جي پيھ تي پڙھيل شعر جو اڃان سحر کميو ئي ناھي تـ ھڪ قدآور شخصيت اسٽيج تي جلوه پزير ٿئي ٿي. ھو شخص اسٽيج تي اچڻ ۽ ماڻھن جو محو ٿيڻ جو منظر ائين ھجي ٿو ڄڻ صدين کان وڇڙيل محبوب جو پنھنجي دل گھرئي دوست سان ڪو سنگم ھجي. سڀني جا ٻھڪيل ٻھڪيل چھرا، حسين نظرون ۽ نينھن ڄڻ تـ پنھنجي محبوب نما ليڊر جي ھڪڙي جھلڪ پسڻ لاءِ پيا پيا گھور گھور ٿين. جي ھا، اھوعوامي مقبول ۽ محبوب ليڊر، مرزا فيملي جو روح روان، دوستن جو دوست، اسان جو پيارو ۽ قداور شخصيت محترم ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جن آھن. جنھن بدين سميت پوري سنڌ جي عوام لاءِ ڪا امنگ، سونھرو مسقبل، ڪو اميدن جي ڪرڻي جي روپ ۾ جلوه پزير ٿيا ھئا. پاڻ عوام کي حماليـ جيڏا حوصلا ڏيندڙ ۽ منجھن سياسي سياڻپ پيدا ڪندڙ عظيم سنڌ جا فرزند آھن. ھو سٻاجھڙي طبيعت ۽ اعلي فھم ، حق ۽ سچ لاءِ سرويچ ٿيندڙ ۽ ڏِنگن ڏونگرن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ بھادر ڌرتي جا سپوت آھن. بديڻين جي خوشنصيبي آھي تـ ھھڙو محبوب ليڊر جي رھنمائي ۾ پيا پروان ٿين. سندن ھر دوربدين لاءِ ھڪ سونھرو دورآھي. سندن ئي دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم بدين ضلعي کي نصيب ٿيا. ساڻن منھنجي ملاقات گھڻين ڪوششن باوجود بـ نـ ٿي سگھي. دل چاھي ٿي تـ ھھڙي محبوب ماڻھون سان ملاقات ڪجي پر الاھي ڇو ائين نـ ٿي سگھيو آھي. ساڻن لاءِ مشھور آھي تـ “دوست جا دوست آھن” سو اسان بـ يوسف جي خريدارن جي لسٽ واري قصي جيان پنھنجوسندس ملاقات وارن ۾ نالو درج ڪرائي اھڙو شرف حاصل ڪرڻ چاھيون ٿا. پر خبر ناھي تـ ساڻس ملاقات واري معيارن تي لھون پيا يا نـ. اسان ملاقات ۾ معرفت جا قائل ناھيو شايد اھو ئي سبب آھي تـ ھيستائين ساڻن ڪا ڪچھري نـ ٿي سگھي آھي. خبر ناھي تـ مستقبل ۾ بـ ساڻن ملاقات وارو ارمان اڌورو رھندو يا سونھري خواب جي ڪا حقيقي تعبير بـ ٿيندي. اندر جي آشا پنھنجي انت تي پھچندي يا “استاد” وارو ارمان آلاپيل رھندو تـ
ڪو پل ڪڙو قاتل
ڪا مھل مٺائي آه
جنھن دل ۾ درد نـ آه
سا دل بـ اجائي آه
(ختم شده)

 
Back
Top