17 جولاءِ تي الطاف گرفتار ٿي سگهي ٿو(صحافي) ڌمڪيون مليون آهن: مبشر لقمان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2013۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) اي آر وارءِ نيوز جي اينڪر پرسن مبشر لقمان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مون کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، پنهنجي پرواهه نه اٿم، ٻارن جي حفاظت لاءِ پريشان آهيا. ايم ڪيو ايم خلاف عدالت ۾ ويندس. ڪالهه پنهنجي پروگرام ”کڙا سچ“ ۾ چيو ته مون کي ۽ منهنجي خاندان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. مون کي پنهنجي پرواهه نه آهي، پر پنهنجي خاندان کي تحفظ لاءِ حڪومت کي لکيو اٿم. هن چيو ته مون کي برطانيا ۾ پناهه وٺڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستان ۾ ئي رهنداسين پر پنهنجي خاندان جي تحفظ لاءِ فڪرمند آهيان. مون کي ته ايم ڪيو ايم نوٽيس اماڻيو آهي پر هاڻ آئون به انهن خلاف ڪورٽ ويندس. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن لاءِ قرباني فلم جي هيرو فيروز خان جو ولن امريش پوري آڏو چيل ڊائلاگ چوان ٿو ته ”خدا تون آهين ڪونه، انسان لڳين ڪونه ٿو ۽ شيطان کان آئون ڊڄان ڪونه ٿو.“ ايم ڪيو ايم وارا اهو ڊائلاگ ياد ڪن. پروگرام جي مهمان ۽ انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين شاهد امين خان چيو ته اسان مبشر لقمان سميت هر پاڪستاني صحافي جو تحفظ ڪنداسين. سينيئر صحافي صابر شاهه چيو ته نواز شريف جي اڳوڻي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ڪندڙ 45 اهلڪارن کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو آهي ته متحده وارا هميشه ڀتي لاءِ خط لکندا آهن. چيف جسٽس، الطاف جي برطانيا کي آءِ ايس آءِ جي لکيل خط جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف الطاف حسين کي ساٿين سميت پاڪستان آندو وڃي. هزارين انسانن جي قاتل کي واپس آڻي سزا ڏني وڃي. ڪراچي کي قبرستان بڻائڻ کان بچايو وڃي. مبشر لقمان چيو ته برطانيا وارا الطاف کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي شهرين کي تحفظ فراهم ڪرائي رهيو آهي. ناصر شاهه چيو ته 17 جولاءِ تي الطاف حسين گرفتار به ٿي سگهي ٿو. ان ڳالهه جي تصديق اي آر واءِ جي پروگرام ”آف ڊي ريڪارڊ“ ۾ سينيئر صحافي سليم بخاري به ڪئي۔

    روزانه عوامي اخبار جي ٿورن سان ورتل
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ان شا الله ظالم جو ظلم ختم ٿيڻ وارو آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو