دوستو نيٽ جون سائٽون گهمندي گهمندي هنن سائيڪلن تي نظر پئجي وئي ، توهان کي انهن جو ديدار ڪرايان پيو، ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
جواب: دنيا جون خوبصورت سائيڪلون ڪجه سائيڪلون ته شاهي قسم جون آهن پر ڪجهه تي چڙهڻ کانپو الله واهي ۔۔۔ پر يار! سچ پڇين ته ٻاراڻي ۾ جيڪو مزو سائيڪل ڏنو سو اڄ گاڏين ۾ به ناهي ۔۔۔ پر فطرت ڪٿي ٿي ڪنهنکي ٻار ئي رهڻ ڏي ۔۔۔ ”وه ڪاغذ ڪي ڪشتي وه بارش ڪا پاني“
جواب: دنيا جون خوبصورت سائيڪلون سائين نثار ناز، توهان جي هي ونڊ شاندار آهي، تمام گهڻي پسند آئي، ڇا ته محنت ۽ محبت سان سجايل سائيڪلون آهن۔۔ واه واه ۔۔ توهان جي گهڻي مهرباني۔۔ پر مون کي هي سائيڪل سمجهه ۾ ئي ڪو نه آئي ته آرٽسٽ ڇا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ هونئن به سائين نثار ابڙي جي ڳالهه وانگر، هي سائيڪل اسان کان زور آ۔۔۔
جواب: دنيا جون خوبصورت سائيڪلون سائين اها سائيڪل ڏسڻ لاء آهي چڙهڻ لاء نه آهي جو ان جا ڦيٿا ئي ڳنڍيل نظر ڪونه ٿا اچن۔ باقي سائين نثار ناز جن هڪ نئين شيء جو ديدار ڪرايو آهي اهڙيون سائيڪلون اسان جي نظر کان ڪونه گذريون آهن ان لاء سندن لک ٿورا۔
جواب: دنيا جون خوبصورت سائيڪلون سائين نثار ناز صاحب۔۔۔۔ اهي سائيڪلون ڏسي هاڻي سائيڪل هلائڻ کان به ڊپ ٿو ٿئي
جواب: دنيا جون خوبصورت سائيڪلون منهنجو خيال آهي ته اهي سائڪلون شو پيس طور گهر ۾ سجائڻ لاءِ بڻايون ويون هونديون يا وري شايد پينٽنگس آهن۔۔۔ بحرحال حقيقت کان پري اهڙي ونڊ متاثر ڪيو۔۔۔