مخدوم محمد هاشم ٺٽويعبدالحئي چاچڙ سنڌ جي سر زمين جيڪي چوٽيءِ جا عالم پيدا ڪيا آهب تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه هڪ نهايت ناميارو عالم هو.سندس شخصيت ۽ علميت سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽور رحه جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي .دينيعلمن ”تفسير،حديث ،فقهه وغيره“ تي کيس عبور حاصل هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن محمد بن قاسم .مولانا صاحب ذات جو پنهور هو. مخدوم صاحب جا وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪيائون .پنهور عربي نسل سان تعلق رکن ٿا ۽ حارث جي اولاد مان آهن ان ڪري مخدوم صاحب جو والد صاحب پنهنجي نالي پٺيان ”الحارثي“ لکندا هئا.مخدوم صاحب جي والد سيوهڻ کي خيرآباد چئي اچي ڳوٺ بٺورو (ضلعو ٺٽو) ۾ رهائش اختيار ڪئي.مخدوم صاحب کي ولادت بٺورو ۾ تقريبن 10 ربيع الاول 1104ھ مطابق 1962 ع ۾ پيدا ٿيو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب شاه عبداللطيف ڀٽائي کان ٻه سال ننڊو هو. شاه صاحب جي ولادت 1102ھ ٿي. حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جن جو والد محترم هڪ اهل علم ۽ اهل دل انسان هئا، سندن والده سڳوري به نهايت پرهيزگار،نيڪو ڪار۽ سٺي ۽ بهترين سيرت جي مالڪ هئي.ان ڪري مخدوم صاحب جن جي تعليم ۽ تربيت هڪ صاف سٿري ماحول ۾ ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪيائين.سن 1113ھ مطابق 1701ع ۾ سندس والد بزرگ وفات ڪئي .ان کانپوءِ ڪجهه ڪتاب مخدوم محمد سعيد وٽ عربي علومن جي تعليم شروع ڪيائين. ان کانپوءِ مخدوم محمد ضيا الدينءِ ٺٽوي وٽ باقي ڪتاب پڙهيائين .سن 1135ھ مطابق مخدوم صاحب حرمين شريف ويو جتي شيخ عبدالقادر حنفي مڪي (وفات 1138ھ) ،شيخ عبد بن علي مصري،شيخ ابو طاهرمحمد مدني (وفات 1145ھ) ۽ شيخ علي بن عبدالملڪ دراوي( وفات 1145ھ ) کان سندون حاصل ڪيائين. فارغ تحصيل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ بٺورو ۾ درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيائين ڪجهه وقت کانپوءِ بٺورو مان لڏي اچي ڀر واري ڳوٺ بهرام پور ۾ رهيو جتي پڻ درس وتدريس جو سلسلو جاري رکيائين آخر انکانپوءِ لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو جتي درس وتدريس جو سلسلو جاري رکيائين . ٺٽي ۾ اچڻ کانپوءِ سندس علن جي ساک دور دراز ملڪن تائين پکڙجي ويئي ۽ ڪيترائي سندس علمي فيض مان فيضور ٿيا. شاه عبداللطيف ٿٽائي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌ جي علم ۽ ادب جا روشن ستارا آهن.ٻنهي جو تعلق ڪلهوڙن جي دور يعني سنڌ جي علم ۽ ادب جي سونهري دور سان آهي.ٻئي عاشق رسول ۽ وحدت جي وائيءِ جا وڻجارا هئا.شاه صاحب معرفت ۽ طريقت جو رهبر هو،مخدوم صاحب حقيقت ۽ شريعت جو صاحب ۽ رهنما هو.شاه صاحب صوفين جو سرواڻ هو ۽ مخدوم صاحب علماءِ جو سرواڻ هو. مخدوم صاحب جي لائق و فائق عظيم استاد: (1) حضرت مخدوم عبدالغفور (والد محترم) (2) حضرت مخدوم علامه محمد سعيد ٺٽوي رحه (3) حضرت مخدوم علامه ضياءِ الدين ٺٽوي (4) حضرت مخدوم علامه رحمت الله ٺٽوي (5) حضرت مخدوم علامه محمد الملقب بہ معين ٺٽوي (6) حضرت مخدوم علامه عنايت الله ٺٽوي (7) حضرت شيخ الحديث علامه عبدالقادر حنفي صديقي مڪي رحه (8) حضرت شيخ الحديث علامه شيخ عيد بن علص مصري رحه (9) حضرت شيخ الحديث علامه شيخ ابو طاهر محمد مدني رحه (10) حضرت شيخ الحديث علامه شيخ علي بن عبدالملڪ داروي رحه (11) حضرت شيخ الحديث علامه مخدوم محمد جلال صباغ ڪڪرالوي رحه. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جن 31 سالن جي عمر ۾ 1135ھ مطابق 1722ع ۾ حرمين شريف جي زيارت ۽ حصول تعليم لاءِ روانا ٿيا جتي پڻ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه هيٺين بزرگن کان سندون ۽ اجازتون حاصل ڪيون. (1) شيخ عبدالقادر حنفي صديقي مڪي (وفات 1138ھ) (2) شيخ عبد بن علي مصري (وفات 1138ھ) (3) شيخ محمد ابو طاهر شافعي مدني. (4) شيخ علي بن عبدالملڪ دراوي واپس موٺندي سورت بندر وٽ هڪ قادري بزرگ سيد محمد سعد الله جو مريد ٿيو. مخدوم صاحب 1137ھ مطابق 1724ع ۾ ٺٽي واپس موٽي آيو. مخدوم محمد هاشم جا خاص شاگرد: (1) مخدوم عبدالرحمن (وفات 1181ھ) (2) مخدوم عبدالخالق (وفات 1157ھ) (3) شاه فقير الله علوي شڪارپوري (4) سيد شهمير شاه مٽياروي (5) مخدوم نور محمد نصرپوري (6) مخدوم ابو الحسن صغير ٺٽوي مدني وغيره. وفات: سنڌ جي هن عالم،مفتي،محدث ،مفسر،فقيهه سنه 6 رجب المرجب 1174ھ مطابق 9 فيبروري 1761ع تي هن فاني جهان کي الوداع ڪري ويو. مخدوم صاحب جي جنازي نماز حضرت علامه مخدوم شيخ محمد باقر ٺٽوي رحه پڙهائي.هن بزرگ ۽ وقت جي عالم جي آخري آرامگاه مڪليءِ جي عاليشان قبرستان ۾ مخدوم ابولقاسم نقشبندي رحه جن جي ڀر ۾ آهي. مولانا محمد اصغر درس صاحب عربي شعي ذريعي سندن تاريخ وفات هن طرح ڪڍي آهي العالم والمعارف بالله تعاليٰقد سار الي الله بنور و حضورالهمت ايا درس بعام المتوفيقد شرفہ الله بلطف و دفور1174ھ تصانيفون: (1) رسالته اتحاف الاڪابر (2) ”ذيلها“ (3) حديقه الصفافي اسماءِ المصطفيٰ (4) فتح الغفار بعوالي اخبار (5) فاڪهه البستان (6) مظهر الانوار (7) جنته النعيم في فضائل القرآن العظيم (8) تفسير القرآن سميه ”التفسير الهاشمي“ (9) حاشيه التفسير بقدره (10) تفسير سورت الڪهف (11) تفسير سورتي الملڪ والنون في ثمانيه ڪراريس (12) ثمانيه قصائد صفارتي في مدح النبي صه (13) درهم الصره وضع الدين تحت السره. (14) ترصيع الدره في علي ساب النبي صه (15) معيار النقاد في تميز زلمغشوق عن الجياد (16) السيف الجلي علي ساب النبي صه (17) رسالته صغريٰ في تقدير صدقه الفطر ومنها (18) رسالته في ڪيفيه مسح الرائيس. (19) نور البصائر (20) غنية الظريف بجمع المرويات والتصانيف (21) ڪتاب غايه النيل في اختصار الا تحاف والذيل (22) رساله نورالعين في اثبات الاشاره في النشهدين. (23) خلاصه البيان في عداي القرآن (24) رساله وجود القراه الحاريه (25) رساله تسمي شد النطق في مايلحق من الا طلاق (26) رساله تسمي مدالباع الي تحرير الصاح (27) الفصل المبين بڪل عقده قولهم الشڪ لا يرفع اليقين (28) رساله وفي عمارتقتله الفته الباغيته (29) رساله تسمي بالحجه الجليه في حڪم ڪراهيه سور الا جنيه (30) رسالة في البجواب عما ڪتب بعض الا فاضل في الجواب عنها. (31) رفع الفطاءِ عن مسئله جهل العمامه تحت الردءَ (32) الشفعاءَ في مسئله الراءَ (33) رفع الخفاءِ عن مسئله الراءِ (34) وسيله القبول في حضرت الرسول (35) رساله في ان ساب النبي صلي الله عليه وسلم (36) ڪشف الفطاءَ عما يحل وبڪرم من النوح والبڪاءَ (37) رساله في تعداد وجود القراه الجاريه (38) ڪفايت القادري ومنها رساله تسمي (39) الا ئولئو المڪنون في تحقيق مدالسڪون (40) رسالہ في جمع وجود القراه الجاريہ في آيہ سو ”البقره“ اذا خدنا ميثاق بني اسرائيل لا تعبدون لا الله لايه. (41) ڪشف الرين عن مسئله رفع اليدين. (42) بسطالبرده لزي نظم البرده. (43) الحصن المنوع عما اورد علي ادراح الحديث الموضوع. (44) الوصيہ الهاشميہ (45) باالشفاءِ الدائم عن اعتراض القائم (46) تحفته القاري بجمع المقاري (47) فتح الخلاف بمورازين السبعه من الاوفات (48) في الحڪم بالا سلام علي الذمي انندرام و منهار سالہ تسمي (49) موهبة العظيم في ارث حق مجاوره الشعرا الڪريم. (50) رفع الغين هن مئلہ الجمع بين العمتين (51) فيض الغني في جواز نڪاح البالفہ بدون ازن الولي (52) بالحجته القريه في الراد علي من قدح في الحافظ ابن تيمہ (53) تمام العنايہ في الفرق صريح الطلاف والڪنايہ (54) تحفته العلماءِ في قول الصلواة خيرمن النوم في اذان الفجر حال القضاءِ (55) رساله في تحقيق اسانيد حديث اقتلوا الساحر والساحرة ومنها رسالة في تحقيق اسانيد حديث اقتلوا الساحر والساحرہ ومنها رسالة تسمي. (56) ڪشف الرمز عن وجوده الوقف علي الهمز. (57) ڪحل العين بما يقع من وجود القراه بين السورتين (58) التحقيق الڪلام في الرد علي من نفيٰ صحہ اسلام المخطي بڪلمه السلام. (59) التحفته الهشميه في شرح القصيده القاسميه (60) شفاءِ الجبان لاهل الصدق ولايقان (61) تحرير ڪبير في الرد عليٰ من اعتراض علي الحافظ ابن تيميه (62) تحقيق المسلڪ في ثبوت اسلام الذمي بقولہ للمسلم انا مثلڪ (63) مختصره من الرسالہ السابقہ ومنها رسالہ تسمي
دوستو دعا ڪجو هن عاجز مخدوم صاحب عليه الرحمة جي هڪ ڪتاب نالي ”السيف الجلي على ساب النبي صلي الله عليه وسلم“ تي عربي ۾ تحقيق ۽ تخريج مڪمل ڪري بيروت موڪيلو آهي اتي پروف پيو ٿئي۔ جلد شايع ٿئي۔ ٻيو عرض ته هن عاجز مخدوم صاحب جي هڪ ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو ۽ تخريج ۽ تحقيق مڪمل ڪري شايع به ڪرايو آهي ۽ سندس جي ٻئي ڪتاب نالي ”بناء السلام“ جو پڻ اردو ۾ تخريج ۽ تحقيق مڪمل ڪئي ان جي لاءِ به دعا ڪجو ته جلد ۾ شايع ٿئي۔ دعا آهي ته الله تعالى اسان سنڌين کي مخدوم صاحب جي عقائد تي هلائي۔ آمين
مخدوم صاحب رحمه الله عليه سنڌ جي نامور عالمن مان هو سندن تصنيفات تحقيق تي مبني آهن تمام خوشي ٿي جو محترم عبدالحي جن مخدوم صاحب تي مضمون موڪليو ليڪن مضمون ۾ ڪافي جاين تي تصحيح جي ضرورت آهي سندن ذات پنهوڙ لکجي وئي هئي جيڪا مون درست ڪئي آهي ڪتابن جي نالن ۾ پڻ تصحيح جي ضرورت آهي اگر ممڪن ٿي سگهي ته انهن کي درست ڪيو وڃي۔ محترم عبدالله سنڌي توهان تي الله جي رحمت هجي جو توهان مخدوم صاحب جي تصنيفات تي ڪم ڪيو آهي اگر ڪتاب شايع ٿي اچن ته اطلاع ڏيندا ته جيئن انهن مان مستفيد ٿيڻ جو شرف حاصل ڪجي۔
جنهن دوست وٽ مخدوم صاحب جا ڪتاب هجن قلمي يا شايع ٿيل ته هتي شيئر ڪري ته جيئن سندن تصنيفات جي خبر پوي ۽ وقت ضرورت فوٽو ڪاپي وغيره ڪرائي ان مان استفاده ڪري سگهجي۔
سائين رحيم بخش صاحب ! مخدوم صاحب جا قلمي ڪتاب هن عاجز وٽ موجود آهن پر انهن کي سنڌ سلامت تي آڻڻ ايترو آسان ناهي جيترو توهان سمجهو ٿا۔
پيارا سائين مون سنڌ سلامت تي فقط نالا شيئر ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي ته جيئن خبر هجي ته فلاڻي دوست وٽ هي تحفو موجود آهي بوقت ضرورت اهو فوٽو ڪاپي ڪرائي ڪم ۾ آڻي سگهجي ٿو مون وٽ به مخدوم صاحب جا ٻه ٽي ڪتاب موجود آهن جيئن درهم الصره ، تفسير هاشمي ، دعا بعد صلاه المکتوبُه ۽ رشف زلال وغيره