عورتن جو لباسسيرت رسول عليه السلام جي روشني ۾ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ Abstract: Islam is the religion of humankind & explain all the human needs in Quran & Hadith very clear. The dress or wearing of cloths is human need & Islam allowed to women may choose what she wears but only required the cloths must be clean, suitable & covering the body & also loose & thickness & the dress made of silk also allowed to women & prohibited for men. It is also prohibited dress for human to show the color, skin or shape of body. In this article I explain in detail women's dress in the light of Holy Prophet Muhammad (pbuh) orders. اسلام دين فطرت آهي جنهن ۾ مردن توڙي عورتن جي زندگي گذارڻ يا رهڻي ڪهڻي جا سمورا اصولَ واضح ڪيا ويا آهن. لباس يا پوشاڪ به انساني ضرورتن مان آهي جنهن جا حڪم قرآن ۽ حديث ۾ آيل آهن. هن مقالي ۾ عورتن جي پوشاڪ جو ذڪر سيرت رسول عليه السلام جي روشني ۾ ڏنو ويو آهي. جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. لباس جي لغوي ۽ اصطلاحي معني لباس جي لفظي معني ڍڪڻ آهي. جيئن پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو: اللبس: ڪنهن شيءِ کي ڍڪڻ. لبس لبسا: پوشاڪ پهرڻ. ويس وڳا پهرڻ. (1) لباس جي اصطلاحي معني آهي جسم جو اهو حصو ڍڪڻ جنهن جو ڍڪڻ مناسب آهي. ”اللباس ما يستر الجسم. جمعہ البسة ولُبس. يقال: لبس الثوب لُبسا استتر بہ“ (2) ترجمو: جيڪو جسم کي ڍڪي انکي لباس چئبو آهي، انجو جمع البسة ۽ لُبس آهي. چئي ٿو (مصنف) ته پهرڻ ڪپڙي جو يعني جيڪو جسم کي ڍڪي. لباس جو مقصد لباس جي اهميت الله تعالي جي هن فرمان مان واضح ٿئي ٿي: ”يا بني آدم قد انزلنا عليکم لباسا يواري سواتکم وريشا ولباس التقوي ذالک خير“ (3) ترجمو: اي انسانو! بيشڪ اوهان تي هڪ پوشاڪ لاٿي آهي جيڪا اوهان جي اوگهڙن کي ڍڪيندي آهي ۽ سينگار جا ڪپڙا آهن. ۽ پرهيزگاري جو لباس توهان لاءِ ڀلو آهي. پوشاڪ جو پهريون مقصد اوگهڙ ڍڪڻ آهي ۽ ٻي نمبر تي مقصد سونهن آهي. ۽ سونهن لاءِ لباس پائڻ کي به الله تعالي قرآن مجيد ۾ حلال قرار ڏنو آهي. انڪري سونهن لاءِ لباس پائڻ ۾ ڪابه شرعي روڪ نه آهي. قرآن مجيد ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي قصي ۾ قميص جو ذڪر ڪيترن ئي جڳهن تي آيل آهي. ”اذهبوا بقميصي هذا فالقوه علي وجہ ابي“ (4) ترجمو: منهنجي هيءَ قميص کڻي وڃي منهنجي پيءُ جي منهن تي گهمايو. جڏهن ته سٿڻ پائڻ جو سڀ کان پهريون ذڪر حضرت ابراهيم عليه السلام لاءِ آيل آهي. ”ان اول من لبس السراويل ابراهيم عليہ السلام“ (5) ترجمو: بيشڪ سڀ کان پهريون سٿڻ کي حضرت ابراهيم عليه السلام پهريو هو. لباس پائڻ جو طريقو نبي ڪريم عليه السلام لباس پائڻ جا هيٺيان اصول بيان ڪيا آهن: سڄي کان شروعات ڪرڻ: لباس پائڻ وقت شروعات سڄي پاسي کان ڪجي. جيئن حديث شريف ۾ آهي: ”عن حفصة زوج النبي صلي الله عليہ وسلم قالت: ڪانت يمينہ لطعامہ وطهوره وصلاتہ وثيابہ وڪانت شمالہ لما سوي ذالک“ (6) ترجمو: حضرت بي بي حفصه رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم عليه السلام کائڻ، وضو ڪرڻ، نماز جي سلام ڦيرائڻ ۽ ڪپڙن پائڻ ۾ سڄو پاسو ڪندا هئا. نون ڪپڙن پائڻ کان پهريون دعا گهرڻ: ماڻهو نوان ڪپڙا پائڻ کان پهريون الله جي ساراهه (الحمدلله) چئي. جيئن حديث شريف ۾ آهي: ”قال رسول الله ﷺ: اذا لبس احدکم ثوبا جديدا فليقل الحمدلله الذي کساني ما اواري بہ عورتي، واتجمل بہ في الناس“ (7) ترجمو: نبي ڪريم عليه السلام فرمايو: جڏهن توهان مان ڪو ماڻهو نوان ڪپڙا پائي ته سڀ کان پهريون الله جي ساراهه ڪري جنهن کيس اهي ڪپڙا پارايا جنهن سان انجي اوگهڙ ڍڪجي وئي ۽ انجي لباس کي ماڻهن لاءِ سونهن بڻايائين. عورتن لاءِ لباس جو حڪم: اسلام ۾ عورتن لاءِ لباس جا مختلف حڪم آيل آهن. (1) فرض يا واجب (2) مستحب (3) مباح (4) حرام. عورت جو اجنبي مردن لاءِ فرض يا واجب لباس: منهن ۽ هٿن کان سواءِ عورتن جو سمورو جسم غير محرمن (پراون ماڻهن) لاءِ اوگهڙ آهي ۽ اوگهڙ جو ڍڪڻ انهن مٿان فرض آهي. قرآن مجيد ۾ فرمان آهي: ”وقل للمومنات يغضضن من ابصارهن ويحفظن فروجهن ولايبدين زينتهن الا ماظهر منها“ (8) ترجمو: اي نبي! مومن عورتن کي چو ته پنهنجون نظرون جهڪيون (هيٺ) رکن ۽ پنهنجي اوگهڙ جي حفاظت ڪن ۽ نه ظاهر ڪن پنهنجي سونهن کي مگر جيڪا ظاهر آهي. مفسرن ”الا ماظهر منها“ جي تفسير ۾ لکيو آهي: ”واما ماظهر منها فهو الوجہ والکفان والخاتم، کما نقل ابن عباس وجماعة، وهو المشهور عند الجمهور. قال الحنفية والمالکية والشافعي في قول لہ: ان الوجہ والکفين ليسا بعورة. وروي عن ابي حنيفة: ان القدمين ليستا من العورة“ (9) ترجمو: مگر جيڪا شيءِ ظاهر آهي، ان ۾ منهن، ٻئي هٿ ۽ منڊي شامل آهي. اها ڳالهه حضرت عبدالله بن عباس رضي الله ۽ جماعت نقل ڪئي آهي ۽ اهائي ڳالهه جمهور وٽ مشهور آهي. حنفين، مالڪين ۽ هڪ قول مطابق امام شافعي وٽ به منهن ۽ ٻئي هٿ اوگهڙ نه آهن. ۽ امام ابوحنيفه رحه جو چوڻ آهي ته عورت جا پير به اوگهڙ ۾ شامل نه آهن. مٿين ڳالهه جي تصديق هيٺين حديث شريف مان به ٿئي ٿي. ”عن عائشة ان اسماءَ بنت ابي بکر دخلت علي رسول الله ﷺوعليها ثياب رقاق فاعرض عنهارسول الله ﷺ وقال يا اسماءَ ان المراة اذا بلغت المحيض لم يصلح لها ان يري منها الا هذا وهذا واشار الي وجهہ وکفيہ“ (10) ترجمو: حضرت عائشه رضه فرمائي ٿي ته بي بي اسماءَ بنت ابوبڪر رضي الله رسول الله ﷺ وٽ آئي، انکي سنها ڪپڙا پاتل هئا. نبي ڪريم ﷺ انکان پنهنجو منهن مبارڪ ڦيرايو ۽ فرمايو: اي اسماءَ! جڏهن عورت بالغ ٿئي ته ان لاءِ هيءَ ڳالهه صحيح نه آهي جو سندس جسم ڏسڻ ۾ اچي مگر هي ۽ هي، منهن ۽ هٿن ڏانهن اشارو ڪرڻ فرمايو. ڊاڪٽر احمد شرباصي وڌيڪ تفصيل لکندي فرمايو آهي: ”فجعل جسم المراة الاجنبية عورة، يحرم علي الرجل ان ينظر اليہ الا الوجہ والکفين، فهما ليسا بعورة ، فيجوز النظر اليهما، في حالة امن الفتنة. ومن ادب الاسلام ان يغض الرجل عن التطلع الي جسم المراة ماظهر منہ ومابطن“ (11) ترجمو: اجنبي عورت جو جسم اوگهڙ آهي ۽ ماڻهن لاءِ انجو منهن ۽ هٿن کان سواءِ ٻيو سمورو جسم ڏسڻ حرام آهي. انجو منهن ۽ هٿ اوگهڙ ۾ شامل نه آهن، جڏهن ماڻهو کي فتني جو انديشو نه هجي انهن ٻنهي (عورت جي منهن ۽ هٿن) جو ڏسڻ جائز آهي. باقي اسلامي آداب جي روشني ۾ مرد پنهنجي نظر کي اجنبي عورت جي ظاهري يا باطني جسم جي ڏسڻ کان جهڪو رکي. عورت جو محرم مردن لاءِ لباس: محرم مردن اڳيان عورت کي پنهنجي سونهن ظاهر ڪرڻ جي اجازت آهي. قرآن مجيد ۾ آهي: ”ولايبدين زينتهن الا لبعولتهن او آبائهن او آباءِ بعولتهن او ابنائهن او ابناءِ بعولتهن او اخوانهن او بني اخوانهن او بني اخواتهن“ (12) ترجمو: ۽ عورتون پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن مگر پنهنجن مڙسن، پيئرن، سهرن يا پنهنجي پٽن يا پنهنجي مڙسن جي پٽن يا پنهنجي ڀائرن يا پنهنجي ڀاٽين يا پنهنجي ڀاڻيجن يا پنهنجن زائفن اڳيان. محرم مردن اڳيان عورتون گهريلو لباس پائي سگهن ٿيون، ڇوته گهر ۾ ڪم ڪار دوران چادر ويڙهڻ يا ٻانهون ڪنجڻ مشڪل آهي. مفسر وهبة زحيلي فرمائي ٿو: ”واما اذا ڪانت المراة ذات محرم من الرجل بنسب او رضاع او مصاهرة فعورتها معہ مابين السرة والرکبة“ (13) ترجمو: جڏهن عورت مرد جي محرمات مان هجي نسب يا رضاعت ۾ يا ساهرن طرفان ته پوءِ گوڏن ۽ دن جي وچ وارو جسم انهن لاءِ اوگهڙ آهي. حنفي عالمن سيني ۽ پٺي کي به محرم مردن لاءِ اوگهڙ قرار ڏنو آهي ۽ اها ڳالهه حقيقت جي بلڪل قريب آهي. ڇوته عورت جي پٺي ۽ پستان وغيره به ڪشش وارن عضون ۾ شامل آهن ۽ قميص يا چولو پائڻ عورتن جي لازمي لباس ۾ شامل آهي. عورتن جو عورتن لاءِ لباس: عورتن کي ٻين عورتن اڳيان لباس پائڻ ۾ رعايت ڏني وئي آهي. ڇوته عورتن جو هڪ ٻئي سان گهرن ۾ ملڻ جلڻ عام ٿئي ٿو. ۽ عام حالتن ۾ عورتن لاءِ سموري جسم جو ڍڪڻ مشڪل يا ناممڪن آهي، انڪري محرم مردن ۽ عورتن جو هڪ ٻئي لاءِ اوگهڙ وارو حڪم ساڳيو آهي. مفسر وهبة زحيلي لکي ٿو: ”عورة المراة مع المراة، کعورة الرجل مع الرجل، لها النظر الي جميع بدنها الا ما بين السرة والرکبة“ (14) ترجمو: عورتن جي هڪ ٻئي لاءِ اوگهڙ اهائي آهي جيڪا مردن جي هڪ ٻئي لاءِ آهي. اهي هڪ ٻئي جو سمورو جسم سواءِ دنيءَ کان گوڏن تائين ڏسي سگهن ٿيون. باقي اهي هڪ ٻئي جو سينو ۽ پٺي نه ٿيون ڏسي سگهن، ان ۾ فقه حنفي جي عالمن جي فتوي تي عمل ڪيو ويندو. جسم کي ڍڪيندڙ ڪپڙا پائڻ: عورتن مٿان لازم آهي ته اهڙا ڪپڙا پائن جنهن مان جسم جي کَلَ ۽ رنگُ ڏسڻ ۾ نه اچي. ڇوته عورتن کي سنهي ڪپڙي پائڻ کان روڪيو ويو آهي. حديث شريف ۾ ان لاءِ لفظ ”عاريات“ آيو آهي. ”عارية“ مثل من تکتسي الثوب الرقيق“ (15) ترجمو: جيڪا عورت سنها ڪپڙا پائي اها عاريت (اگهاڙي) جي حڪم ۾ آهي. ۽ ٻيو حڪم آهي: ”کسوة المراة: ماسترها، فلايبدي جسمها“ (16) ترجمو: عورت جو لباس، جيڪو انکي ڍڪي ۽ سندس جسم ظاهر نه ٿئي. نبي ڪريم عليه السلام به سنهي ڪپڙي پائڻ کان روڪيو آهي. ”عن عائشة ان اسماءَ بنت ابي بکر دخلت علي رسول الله ﷺوعليها ثياب رقاق فاعرض عنهارسول الله ﷺ“ (17) ترجمو: حضرت عائشه رضه فرمائي ٿي ته بي بي اسماءَ بنت ابوبڪر رضي الله رسول الله ﷺ وٽ آئي، انکي سنها ڪپڙا پاتل هئا. نبي ڪريم ﷺ انکان منهن مبارڪ ڦيرايو. جسم جي بيهڪ کي ڍڪيندڙ ڪپڙا پائڻ: عورتون اهڙو تنگ لباس نه پائن جن سان انهن جي جسم جي بيهڪ ظاهر ٿئي. ان لاءِ حديث ۾ لفظ ”ڪاسيات عاريات“ آيا آهن. ۽ انهن لفظن جي وضاحت ۾ فقيهن لکيو آهي: ”ڪاسيات عاريات، بان تڪتسي ما لايسترها فهي ڪاسية وهي في الحقيقة عارية، مثل الثوب الضيق الذي تقاطع خلقها“ (18) ترجمو: ڪاسيات ۽ عاريات، يعني عورتون اهڙا ڪپڙا پائن جيڪي انجي جسم کي نه ڍڪن اهي ”ڪاسيات “ ۾ شامل آهن ۽ حقيقت ۾ اهي ”عاريات“ جي حڪم ۾ آهن، جيئن عورتون اهڙو تنگ لباس پائن جنهن سان انهن جي جسم جي بيهڪ ظاهر ٿئي. ۽ شيخ ابن جبير به پنهنجي فتوي ۾ لکيو آهي ته اهڙو ڪپڙو پائڻ عورتن لاءِ جائز نه آهي جنهن ۾ انهن جي جسم جي کَلَ ڏسڻ ۾ اچي. ”فان المشروط ان لاتصف البشرة اي لايمکن وصف البشرة تحتها بياض وسواد“ (19) ترجمو: پوءِ اهو حڪم هن ڳالهه سان مشروط آهي ته نه هجي ممڪن ڏسڻ ان ڪپڙي هيٺان انجي رنگ (اڇي يا ڪاري) جو. عورتن لاءِ مستحب لباس سونهن ۽ سينگار وارو لباس پائڻ عورتن توڙي مردن لاءِ مستحب آهي. ”والمندوب من اللباس ما فيہ جمال وزينة“ (20) ترجمو: اهڙو لباس پائڻ مستحب آهي جنهن ۾ سونهن ۽ سينگار هجي. ۽ جيڪو لباس عورتن لاءِ نبي ڪريم ﷺ، امهات المومنين ۽ صحابه کان روايت ٿيل آهي. اهڙو لباس پائڻ به انهن لاءِ مستحب آهي. مستحب لباس جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: هيدو ڪپڙو پائڻ: حضرت بي بي ام سلمه رضه رنڱيل هيڊو ڪپڙو پائيندي هئي. ”عن ابي مليکة قال: رايت علي ام سلمة درعا وملحفة مصبغتين بالعصفر“ (21) ترجمو: ابي مليڪه جو چوڻ آهي ته هُن حضرت بي بي ام سلمه رضه تي قميص ۽ چادر پاتل ڏٺي جيڪا عصفر (هيڊو رنڱ چاڙهڻ واري هڪ ٻوٽي) سان رنڱيل هئي. رنگين ڪپڙو پائڻ: عورتن کي رنگين ڪپڙي پائڻ جي اسلام ۾ اجازت آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي: ”ان فاطمة لبست ثيابا صبيغا واڪتحلت، وقالت: امرني بہ ابي ﷺ، قال: صدقت، صدقت، صدقت، انا امرتها“ (22) ترجمو: تحقيق بي بي فاطمه رضه هڪ رنڱيل ڪپڙو ۽ سرمو پاتو چيائين ته مونکي انجي پائڻ جي والد صاحب (پاڻ ڪريم) ﷺ حڪم فرمايو آهي. پاڻ ڪريم عليه السلام فرمايو: تون سچ ٿي چوين، تون سچ ٿي چوين، تون سچ ٿي چوين ته مون توکي انجو حڪم ڪيو آهي. سونهن ۽ سينگار وارو لباس پهرڻ: اسلام ۾ سٺي ۽ وڻندڙ لباس پائڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. حديث شريف ۾ آهي: ”عن ابي الاحوص عن ابيہ قال: اتيت النبي ﷺ في ثوب دون، فقال: الک مال؟ قال: نعم. قال: من اي المال؟ قال: قد آتاني الله من الابل والغنم والخيل والرقيق. قال: فاذا آتاک الله مالا فلير اثر نعمة الله عليک وکرامتہ“ (23) ترجمو: ابو احوص پنهنجي پيءُ کان روايت ڪري ٿو ته آءٌ نبي ڪريم عليه السلام وٽ خسيس ڪپڙن ۾ آيس. پاڻ ڪريم عليه السلام فرمايو: ڇا تو وٽ ملڪيت آهي؟ مون چيو: هائو. پاڻ ڪريم عليه السلام فرمايو ڪهڙو مال اٿيءِ؟ مون چيو: الله تعالي مونکي اٺ، ٻڪريون، گهوڙا ۽ ٻانها ڏنا آهن. پاڻ ڪريم عليه السلام فرمايو: جڏهن توکي الله تعالي ملڪيت جي نعمت ۽ عزت عطا ڪئي آهي ته انجو اثر تنهنجي جسم تي ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي. ٻين ملڪن يا علائقن جو لباس پائڻ: نبي ڪريم عليه السلام ۽ صحابي مرد توڙي عورتون ٻين ملڪن يا علائقن جو مشهور لباس چاهه سان پائيندا هئا. ”عن دحية الکلبي انہ قال: اتي رسول الله ﷺ بقباطي فاعطاني منها قبطية فقال اصدعها صدعين فاقطع احدهما قميصا واعط الآخر امراتک تختمربہ “ (24) ترجمو: حضرت دحيه ڪلبي رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم عليه السلام کي مصر جي قبطي قبيلي وارن جو اڇو سنهو ڪپڙو تحفي ۾ ڏنو ويو، پاڻ ڪريم عليه السلام انکي ٻن حصن ۾ ڪٽڻ جو حڪم ڪيو. ۽ فرمايو انجو هڪ حصو قميص لاءِ ڪٽ ۽ ٻيو حصو پنهنجي زال کي ڏي جيڪا ان مان چادر ڪري. هڪ ٻئي حديث ۾ آيل آهي: ”عن قتادة قال قلنا لانس بن مالڪ اي اللباس ڪان احب الي النبي ﷺ، قال: الحبرة“ (25) ترجمو: قتاده چيو آهي ته اسان حضرت انس بن مالڪ کان پڇيو ته پاڻ ڪري عليه السلام کي ڪهڙو لباس وڌيڪ پسند هيو، چيائين يمني چادر جنهن ڳاڙها پٽا هوندا هئا. ٻين شهرن، ملڪن، قومن ۽ علائقن جو لباس پائڻ ڪيترين ئي حديثن ۾ آيل آهي. عورتن لاءِ مباح لباس جديد دنيا جو اهو سمورو لباس عورتن لاءِ جائز آهي جيڪو انجي جسم کي ڍڪي، سنهو نه هجي ۽ عورتن جي جسماني بيهڪ کي ظاهر نه ڪري. عورتن وارو لباس مردن جي لباس وانگر نه هجي، ان ۾ تصوير چٽيل نه هجي. عورتن لاءِ ناجائز يا حرام لباس مردن ۽ عورتن جي لباس ۾ بنيادي فرق ته نه آهي (جيئن مرد توڙي عورتون سلوار، قميص پائن ٿا) پر ڪجهه لباس کي خاص مردن ۽ ڪجهه کي خاص عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، جيئن: ريشمي ڪپڙو: ريشم جي ڪپڙي کي نبي ڪريم عليه السلام عورتن لاءِ جائز ۽ مردن لاءِ حرام قرار ڏنو آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي: ”عن ابي موسي اشعري ان رسول الله ﷺ قال: ان الله عزوجل احل لاناث امتي الحرير والذهب وحرمہ علي ذکورها“ (26) ترجمو:حضرت ابوموسي اشعري رضي الله کان روايت آهي ته نبي ڪريم عليه السلام فرمايو: ريشم جو ڪپڙو ۽ سون منهنجي امت جي عورتن لاءِ حلال ۽ مردن لاءِ حرام آهي. حديثن ۾ آيل آهي ته نبي ڪريم عليه السلام جي ٻن نياڻين حضرت بي بي زينب رضه ۽ حضرت بي بي ام ڪلثوم رضه ريشم جو ڪپڙو پاتو هو. ”عن انس رضي الله قال: رايت علي زينب بنت النبي ﷺ قميص حرير سيراءَ“ (27) ترجمو: حضرت انس رضي الله کان روايت آهي ته: مون حضرت نبي ڪريم عليه السلام جي نياڻي بي بي زينب رضه کي ريشم واري عمدي قميص پاتل ڏٺي. هڪ ٻي حديث ۾ آهي: ”راي علي ام کلثوم بنت رسول الله ﷺ برد سيراءَ، والسيراءَ المضلع بالقز“ (28) ترجمو: نبي ڪريم عليه السلام جي نياڻي ام ڪلثوم رضه کي ريشم جي چادر پاتل ڏٺي جيڪا عمدي پٽا پٽا هئي. مردن وارو لباس: عورتن لاءِ اهڙو ڪپڙو پائڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي جيڪو (خاص) مردن جو لباس هجي ۽ ساڳيءَ ريت مردن لاءِ به عورتن وارو ڪپڙو پائڻ حرام قرار ڏنل آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي: ”عن ابي هريرة قال لعن رسول الله ﷺ الرجل يلبس لبسة المراة والمراة تلبس لبسة الرجل“ (29) ترجمو: حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته نبي ڪريم عليه السلام اهڙي مرد تي لعنت ڪئي آهي جيڪو عورتن وارو لباس پائي ٿو ۽ اهڙي عورت تي لعنت ڪئي آهي جيڪا مردن وارو لباس پائي ٿي. هڪ ٻي حديث آيل آهي: ”عن ابن عباس عن النبي ﷺ انہ لعن المتشبهات من النساءِ بالرجال والمتشبهين من الرجال بالنساءِ“ (30) ترجمو:حضرت ابن عباس رضي الله کان روايت آهي ته: نبي ڪريم عليه السلام اهڙن مردن تي لعنت ڪئي آهي جيڪي عورتن سان مشابهت ڪن ٿا ۽ اهڙين عورتن تي پڻ لعنت ڪئي آهي جيڪي مردن سان مشابهت ڪن ٿيون. شهرت وارولباس: اُچو توڙي سٺو لباس پائڻ مرد توڙي عورتن لاءِ جائز آهي پر شهرت يا وڏائي وارو لباس پائڻ جائز نه آهي. ڇوته نبي ڪريم عليه السلام شهرت ۽ وڏائي واري لباس پائڻ کان روڪيو آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي: ”قال رسول الله ﷺ: من لبس ثوب شهرة في الدنيا، البسہ الله ثوب مذلة يوم القيامة، ثم الهب فيہ نارا“ (31) ترجمو: نبي ڪريم عليه السلام فرمايو: جيڪو ماڻهو دنيا ۾ شهرت جو لباس پائيندو ته انکي الله تعالي قيامت ۾ خواري وارو لباس پارائيندو، پوءِ انکي باهه ۾ وڌو ويندو. تصوير وارو لباس: نبي ڪريم عليه السلام تصوير واري لباس پائڻ کان مردن توڙي عورتن کي روڪيو آهي. جيئن حديث مبارڪه ۾ آهي: ” عن علي قال صنعت طعاما فدعوت النبي ﷺ فجاءَ فدخل فراي سترا فيہ تصاوير فخرج وقال ان الملائکة لاتدخل بيتا فيہ تصاوير“ (32) ترجمو:حضرت علي رضي الله فرمائي ٿو ته اسان طعام تيار ڪيو ۽ نبي ڪريم ﷺ کي دعوت ڏني سون. نبي ڪريم عليه السلام آيا ته پردي تي تصوير ڏٺائون ۽ گهر کان ٻاهر هليا ويا. ۽ فرمايائون ته بيشڪ ملائڪ تصوير واري گهر ۾ داخل نه ٿيندا آهن. ”فانہ يضاهي صورة الاصنام التي هي الاصل في منع التصوير“ (33) ترجمو: تصوير جي منع جو سبب بتن جي مشابهت آهي. حوالا ۽ سمجهاڻيون (1) پروفيسر غلام حسين جلباڻي، عربي _ سنڌي لغت، جلد 4 صفحو 1210، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ڇاپو پهريون سال 1988 (2) الموسوعة الفقهية، جلد 35 ص 192، ناشر مڪتبه حقانيه ڪوئٽه (3) سورت اعراف آيت 26 (4) سورت يوسف آيت 93 (5) علامه محمود بن احمد عيني، عمدة القاري شرح صحيح البخاري، جلد 21، ص 454، ناشر مڪتبه سبحانيه ڪوئٽه (6) امام احمد بن حنبل، مسند احمد، جلد 7 ص 408-409، ناشر دار احياءُ التراث العربي بيروت، طبع ثاني سال 1993 (7) امام عبدالله بن محمد شيبه، مصنف ابن ابي شيبه، جلد 6 ص 59، دارالفڪر بيروت، سال طبع 1994 (8) سورت نور آيت 30 (9) وهبة زحيلي، تفسير منير، جلد 9 ص 551، ناشر دارالفکر بيروت، طبع ثاني سال 2003 (10) امام سليمان بن اشعث، سنن ابي دائود، جلد 2 ص 213، ناشر مڪتبه امداديه ملتان (11) ڊاڪٽر احمد شرباصي، يسئلونک في الدين والحياة، جلد 6 ص 155، ناشر دارالجيل بيروت، سال طبع 1981 (12) سورت نور آيت 31 (13) وهبة زحيلي، تفسير منير، جلد 9 ص 559، ناشر دارالفکر بيروت، طبع ثاني سال 2003 (14) وهبة زحيلي، تفسير منير، جلد 9 ص 558، ناشر دارالفکر بيروت، طبع ثاني سال 2003 (15) فتاوي مراة المسلمة، ص 503، طبع دارالغد الجديد مصر، طبع اول سال 2003 (16) ايضا ص 503 (17) امام سليمان بن اشعث، سنن ابي دائود، جلد 2 ص 213، ناشر مڪتبه امداديه ملتان (18) فتاوي مراة المسلمة، ص 503، طبع دارالغد الجديد مصر، طبع اول سال 2003 (19) فتاوي اسلامية، اصحاب فضيلة العلماءِ، جلد 4 ص 242، ناشر دارالوطن رياض، طبع اول (20) سيد سابق، فقہ السنة، جلد 3 ص 356، ناشر دارالکتاب العربي بيروت، طبع اٺون سال 1987 (21) امام عبدالله بن محمد شيبه، مصنف ابن ابي شيبہ، جلد 6 ص 17، دارالفڪر بيروت، سال طبع 1994 (22) جامع تراجم ومسانيد الصحابيات، جلد 2 ص 142، دارالڪتب العلميه بيروت، طبع اول سال 2002 (23) امام سليمان بن اشعث، سنن ابي دائود، جلد 2 ص 207، مڪتبه امداديه ملتان (24) ايضا 2 ص 214 (25) ايضا جلد 2 ص 206-207 (26) امام احمد بن شعيب، سنن نسائي، جلد 2 ص 293، قديمي ڪتب خانه ڪراچي (27) ايضا جلد 2 ص 295 (28) ايضا جلد 2 ص 295 (29) امام سليمان بن اشعث، سنن ابي دائود، جلد 2 ص 212، مڪتبه امداديه ملتان (30) ايضا جلد 2 ص 212 (31) امام محمد بن يزيد، سنن ابن ماجه، ص 257، قديمي ڪتب خانه ڪراچي (32) امام احمد بن شعيب، سنن نسائي، جلد 2 ص 293، قديمي ڪتب خانه ڪراچي (33) ابن حجر عسقلاني، فتح الباري، جلد 10 ص 395، دارنشر الڪتب الاسلاميه لاهور سال طبع 1981