سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
ڳالهه پيار جــــي ڪــــري سگهــــون جي،
نفرت دل جي روڪي سگــــهون جي !
نفــــرت جــــو ٻــــــج ڪــــنهن آ پوکيو ؟
فصــــل پَڪـــــلَ سـاڙي ســـــگهون جي !
آنـــــــــتــــــــــــڪـــــــــوادي آ، آزاد وڏو-
ديش سڄـــي مــــان ڍوئي سگـــــهون جي !
ڪــــــٽر پڻـــــي جـــــــو قــــهر آ قاتـــــل،
بَنــــدِ، قتــــــل جي ڪــري سگهون جي !
بــدمـعاشيـــــون ئي، هِــــتِ بــــدمعاشيون،
ڦلڪي ڪُٽيءَ، جان ڀوري سگهون جي !
مــــعاف نـــه ٿيــديـــون نادانيــــــــون هاڻ،
سياڻپ سان ڪجهه سوچي سگهون جي !
دل جـــــي درياههَ ۾ رهــــــــن سپـــــــــون،
ڏئــــــي ٽٻـــــي لـوچـــــي لهــــــون جــــي !