• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ــــــــــ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
جنھن رات ۾ تو ٿي بيت چيا
سا رات اڃان ڀي جاري آ
۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون
ھي پنڌ پري جو واري آ
مان ڪنھن سان پنھنجا سور سليان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ــــــــــ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اڄ رات رنو آ رت ڦڙو
۽ تارا سور پيئن ٿا پيا
ھوءَ سانجھي سڏڪي روئي ٿي
۽ سوري گيت چڙھن ٿا پيا
توکي نه چوان ٻيو ڪنھن کي چوان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ــــــــــ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
مون تنھنجي راڳن جي سرن ۾
جان سنھڙي سينڍ وڄائي آ
ھر ماڻھوءَ ڀينڊ ھنئي آھي
ھر گھر گھٽي ڄڻ ڦاھي آھي
ات ڪرڻن جي ڪا ڪوڪ ڪجان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ــــــــــ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
مون تنھنجي ڏات ڏيا مان اڄ
جان ھڪڙو چڪڙو چاھ چکيو
ھر ماڻھوءَ کي مون ڀاءُ ڪيو
ٿي تنھنجون وايون آءُ وڙھان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ــــــــــ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ھي ماڻھو تنھنجي بيتن کي
ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن
ٿيون وايون تنھنجيون وار پٽن
۽ سرڙا تنھنجا اوسارن
ھي ارھي سرھي دانھن ڏجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ــــــــــ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ڪنھن انڌوڪار انڌا ڪيا ھن
ٿا ماڻھو توکي شاھ چون
۽ تنھنجي راڳ رسالي کي
ٿا آيتون سمجھي ڪنڌ ھڻن
تون ڪيڏو ڏور ھليو ويو آن
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ــــــــــ
(شاعر: انور پيرزادو )
جي ڪتاب اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان جي پيج نمبر: 39 ۽ 40 مان کنيو ويو آھي

 
سائين انور جو هي نظم منهنجيون ڪيفيتون تبديل ڪري ڇڏيندو آهي
مون پنهنجي دوست حق نواز ارباب سان گڏ هي نظم ڀٽ شاهه ۾ استاد حنيف لاشاري جي زبانان
ٻڌو ته،پڙِهيل پهريان هو پر گائيڪي جي صورت ۾ پهريون دفعو ٻڌو ۽ واقعي سائين انور ڪيفيتون تبديل ڪندڙ شاعر هو۔۔
 
Back
Top