حضرت ابن عباس رضي الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته رسول ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: ”اي الله جا رسول ﷺ! اسانجي لا ڪهڙي شخص جي صحبت ۾ رهڻ بهتر آهي؟“ حضور ڪريم ﷺ جواب ۾ هيٺ بيان ڪيل ڳالهيون ارشاد فرمايون. ”جنهن کي ڏسڻ سان توهان کي الله جي ياد اچي وڃي، جنهن جي ڳالهائڻ سان توهان جي عمل ۾ ترقي ٿئي. جنهن جي عمل سان توهان کي آخرت ياد اچي.“ ٿورو غور فرمايو ته الله جي رسول ﷺ جي هن ارشاد پاڪ ۾ ڪيتريون حڪمتون پوشيده آهن. اها مختصر ڳالهه ۽ هدايت رهنمائي جو عظيم خزانو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جيڪڏهن اهل ايمان ان هدايت تي عمل ڪن ته انهن جي دنيا ۽ آخرت ٻئي سنوارجي وينديون ۽ ان کانپو انهن کي الله کانسوا ڪنهن جو به خوف نه رهندو. نبي ڪريم ﷺ ارشاد فرمائي ٿو ته اهڙن ماڻهن سان گڏ ويهو ۽ وقت گذاريو جن کي ڏسڻ سان توهان کي الله تعاليٰ ياد اچي. ظاهر آهي اهڙو انسان يقيني طور تي الله جو محبوب ۽ فرمانبردار بندو ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن انسان ان جي صحبت ۾ رهندو ته ان جي حڪمت ۽ دانائي به سکندو. هن کي الله جي حڪمن جي پابندي ڪرڻ ايندي ۽ هو انهن شين کان بچندو جن کان بچڻ جو الله حڪم ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته نيڪ ماڻهو ڪوبه اهڙو ڪم نٿا ڪري سگهن، جيڪو الله جي حڪم جي خلاف هجي. ٻي ڳالهه ۾ اهو ارشاد فرمايو ويو آهي ته هميشه اهڙي انسان جي صحبت ۾ رهو جنهن جي صحبت ۾ ويهڻ سان ڪجهه سکڻ لا ملي ۽ ان جي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه سان توهان جي عمل ۾ ترقي ٿئي. يعني توهان دنيا ۾ جيڪو به سٺو ڪم ڪندئو ته ان جو صلو ۽ انعام اوهان کي آخرت ۾ ملندو، تنهن ڪري نيڪ انسان پاڻ وٽ ويهندڙن کي اهي ئي ڳالهيون سيکارين ٿا جن سان دنياوي اعمالن ۾ ترقي ملندي آهي جيڪا اڳتي هلي ڪري آخرت ۾ به ڪاميابي جو سبب بڻجي ٿي. ٽئين هدايت ۾ رسول ڪريم ﷺ اهو ارشاد فرمايو آهي ته اهڙي انسان وٽ ويهو، جنهن جي عمل سان توهان کي آخرت ياد اچي وڃي. يعني اهو انسان الله جو خوف رکندو هجي، هو هر وقت الله کان ڊڄندو هجي ۽ دنيا ۾ پاڻ ڪو به اهڙو عمل نه ڪندو هجي جنهن سان آخرت ۾ هن کان پڇاڻو ٿئي ۽ نه ئي وري پنهنجي ساٿي کي اهڙو عمل ڪرڻ ڏيندو هجي. اهڙي ريت ٻئي ڄڻا گناهن کان بچي ويندا.