• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل ڪروم جو نئون ورجن 0۔4 رليز ٿي ويو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
گوگل وارن جو نعرو آهي ته انٽرنيٽ برائوزنگ لاءِ سندن برائوزر ڪروم دنيا جو تيز ترين برائوزر آهي ۔۔۔ مون هن برائوزر کي مستقل استعمال ان لاءِ نه ڪيو آهي جو هن ۾ سنڌ سلامت فورم کُلي ته جلدي ٿو پر فورم تي موجود ادا عامر جو تيار ڪيل سنڌي ايڊيٽر صحيح طور ڪم نه ٿو ڪري ۔۔۔
بحرحال توهان جي معلومات ۾ اضافي خاطر ٻڌائيندو هلان ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مختلف برائوزرس جي جنگ لڳي پئي آهي۔۔۔ جنهن جي تصويري جهلڪ سنڌ سلامت جي ڏسندڙن لاءِ حاضر آهي۔۔۔۔

microsoftk.jpg

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون توهان کي ٻڌايو ته فائر فاڪس جو نئون ورجن 6۔3 پڻ 21 جنوري تي لانچ ٿي چڪو آهي۔۔۔۔ ۽ چئنن ڏينهن کان پوءِ يعني 25 جنوري 2010 تي گوگل وارن پنهجي برائوزر گوگل ڪروم جو 0۔4 ورجن رليز ڪري ورتو۔۔۔۔

googlechromelogob.jpg

جيڪڏهن توهان مان ڪنهن دوست هي برائوزر اڳ ۾ استعمال ڪيو آهي ته ان کي هن برائوزر جي خوبين ۽ خامين جي خوب خبر هوندي ۔۔۔۔ هن نئين ورجن ۾ مختلف ايڪسٽينشنس جي اضافي جي سپورٽ سان گڏو گڏ بوڪ مارڪ ۽ اضافي سڪيورٽي جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي۔۔۔ البته رفتار ۾ ڪا خاص تبديلي نه ڪئي وئي آهي ۔۔۔ ڇو ته اڳي ئي هن برائوزر کي تيز ترين برائوزر سمجهيو نه وڃي پيو۔۔۔

dlpage_alt.jpg

منهنجي ڪوشش هوندي ته هن برائوزر تي سنڌ سلامت ايڊيٽر بابت ايندڙ مسئلن کي جلد از جلد ختم ڪيو وڃي ۔۔۔ جيئن هن برائوزر کي استعمال ڪندڙ دوست پڻ سنڌ سلامت کي بهتر ۽ تيز رفتاري سان برائوز ڪري سگهن۔۔۔ تيسيتائين ايم بي سنڌي سافٽويئر کي استعمال ڪندي هن برائوزر ذريعي سنڌ سلامت تي لکڻيون موڪلي سگهجن ٿيون۔۔۔۔

 
جواب: گوگل ڪروم جو نئون ورجن 0۔4 رليز ٿي ويو۔۔۔

سائين نئين معلومات آهي اوهان جي مهرباني هي انسٽال به ڪيو آهي ليڪن مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر سان مانوس هجڻ ڪري هن ۾ ايتري دلچسپي نه ٿي ٿئي وڌيڪ وري روزانه استعمال ڪرڻ کان پوء راء ڏئي سگهجي ٿي۔
 
جواب: گوگل ڪروم جو نئون ورجن 0۔4 رليز ٿي ويو۔۔۔

ادا محمد مگسي توهان وٽ گوگل ڪروم ان لاءِ مسئلو نه ڪيو جو توهان وٽ سنڌي انسٽالر انسٽالڊ ٿيل آهي پر اسان جي انهن دوستن کي جن وٽ ڪمپيوٽر ۾ سنڌي انسٽالر انسٽالڊ ٿيل نه آهي نه صرف لاگ ان ٿيڻ ۾ پريشاني ٿيندي پر تحرير موڪليندي سنڌ سلامت ايڊيٽر تي سپيس يا بيڪ اسپيس جا مسئلا پڻ سامهون اچي سگهن ٿا۔۔۔۔
مٿين مسئلن جي حل لاءِ دوستن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن توهان سنڌ سلامت گوگل ڪروم تي کولڻ چاهيو ٿا ته هتي ڪلڪ ڪري IE Tab انسٽال ڪري وٺو جنهن کان پوءِ ان ۾ سنڌ سلامت شامل ڪريو ۽ تيز ترين برائوزنگ جا مزا ماڻيو۔۔۔۔

chrome_ie_tab03.jpg


5001
 
جواب: گوگل ڪروم جو نئون ورجن 0۔4 رليز ٿي ويو۔۔۔

گوگل ڪروم 0۔4 جا ڪي فيچرز آهن انهن جا ايڪسٽينشنس جيڪي بس هڪ بٽڻ انسٽال تي ڪلڪ ڪرڻ سان انسٽالڊ ٿيو وڃن۔۔۔ ان جي باوجود جيڪڏهن توهان کي گوگل ڪروم جا ايڪسٽينشنس انسٽال ڪرڻ نه ايندا هجن ته هي ٽن منٽن جي وڊيو ڏسو۔۔۔ جنهن سان توهان کي ايڪسٽينشنس متعلق وڌيڪ معلومات پن ملي سگهندي۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=Nfi5UCx6vTw

گوگل ڪروم ايڪسٽينشنس صفحي تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
 
جواب: گوگل ڪروم جو نئون ورجن 0۔4 رليز ٿي ويو۔۔۔

ادا واقعي مان گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندو هيم جنهن ڪري مسئلا اڳيان اچي رهيا هئا . هاڻي ڪوشش ڪري توهان جي ڳالهه تي عمل ڪبو.
 
جواب: گوگل ڪروم جو نئون ورجن 0۔4 رليز ٿي ويو۔۔۔

ڪجهه ڏينهن جي مسلسل محنت کان پوءِ ڪي بورڊ تان سپيس جو مسئلو ختم ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ هاڻي توهان مڪمل آزادي سان گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔توهان لاءِ ڪي بورڊ تان سپيس جي نه لڳڻ جو مسئلو مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي۔۔۔ ان ڪري ڪنهن اضافي ٽيب انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔۔۔
 
Back
Top