• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمارٽ فون جي حفاظت

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Smartphone_1.jpg

جيڪڏهن توهان پنهنجو قيمتي فون ڪاٿي وساري ويهو ۔۔۔ يا خدانخواسته توهان جو فون چوري ٿي وڃي۔۔۔ ته توهان کي اندازو آهي ته اهو توهان کي ڪيترو نقصان هوندو۔۔۔۔ يقينن فون ۾ توهان جو قيمتي ڊيٽا موجود هوندو۔۔۔ ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي سمارٽ فون ۾ ڪا اهڙي سيڪيورٽي ايپليڪيشن ضرور انسٽال ڪريو جنهن سان نقصان جو خطرو گهٽ ۾ گهٽ هجي۔۔۔ اڄ ڪلهه بيشمار ايپيليڪشن سستيون يا وري بلڪل مفت پيون ملن۔۔۔ ۽ منهنجو مشورو اهو آهي ته فون جي ڊيٽا جي سينسيٽوٽي کي ڏسي جيڪڏهن ڪا سٺي ايپليڪيشن پيسن تي به ملي ته خريد ڪجي۔۔۔ ڇو ته ٿوري خرچ سان وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو۔۔۔ ۽ ٻي ڳالهه ته جڏهن اسان هزارين روپين جو سيٽ خريد ڪري ٿا سگهون ته ان جي حفاظت لاءِ ڪجهه سو روپين جي ڪا ايپليڪيشن خريد ڪرڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿيندي۔۔۔
اهڙين ايپليڪيشن جو خاص فيچر لوڪيشن ٽريڪنگ سسٽم آهي۔۔ يعني فون جتي به هجي توهان ان جڳهه کي معلوم ڪري سگهو۔۔۔ ۽ ضروري ناهي ته هي فيچر رڳو چوري جي ڊپ ڪري استعمال ڪجي ۔۔ پر فيملي جي حفاظت لاءِ به هي فيچر شاندار آهي۔۔ مثال طور فيملي جي سڀني ماڻهن جي سيٽن ۾ هي ايپليڪيشنس انسٽال هجن ته خبر پوندي رهندي ته اهي هيئينر ڪاٿي آهن۔۔۔ خاص طور پري پري پڙهندڙ شاگردن تي نظر رکڻ لاءِ والدين اڳ ئي ڪافي پريشان رهن۔۔۔
هوئن ته ان حوالي سان کوڙ ساريون ايپليڪيشنس موجود آهن پر انهن مان اهم اهم ايپليڪيشنس کي هن موضوع ۾ ٻڌائبو رهبو ته جيئن بهتر لاڀ حاصل ڪري سگهجي۔۔۔
 
لوڪ آئوٽ موبائيل سيڪيورٽي
Lookout هڪ مفت ايپليڪيشن آهي۔۔۔ جيڪا هڪ ئي وقت iOS سان گڏ اينڊروائيڊ سيٽن لاءِ پڻ موجود آهي۔۔ هن ايپليڪشن ذريعي مختلف خطرن جهڙوڪ: غير محفوظ وائي فائي ڪنيڪشن۔۔۔ خطرناڪ ايپليڪيشنس۔۔۔ ۽ فراڊ تي مشتمل لنڪس کان سيٽ کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔ ان کان علاوه هن ايپليڪيشن جي مدد سان فون بوڪ جي نمبرن جو بيڪ اپ بڻائي ان کي آن لائين ايڪسيس ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ جيڪڏهن ڪڏهن سيٽ ڪريش ٿي وڃي۔۔۔ يا ان جو سافٽويئر اڏري وڃي ته ان آن لائين بيڪ ذريعي سمورا ڪانيٽيڪٽ نمبر ريسٽور ڪري سگهجن ٿا۔۔۔
هن ايپليڪيشن جي اهم خوبي اها آهي ته سيٽ آف هجڻ جي باوجود ان جي لوڪيشن گوگل ميپ تي ڏسي سگهجي ٿي۔۔۔ جيڪڏهن فون سائيلينٽ موڊ ۾ آهي۔۔ ته ان باوجود به ان جو تيز الارم وڄرائي سگهجي ٿو۔۔۔
مٿي ٻڌايل سمورا فيچرس هن ايپليڪيشن جي مفت ورجن ۾ موجود آهن۔۔۔ جڏهن ته هن جي پريميم ورجن جي قيمت رڳو 3 ڊالر في مهينو يا 30 ڊالر سالانه آهي۔۔۔ جنهن ۾ ٻيا به ڪيترائي زبردست فيچرس موجود آهن۔۔ جهڙوڪ: ريموٽ لاڪنگ۔۔۔ سيف برائوزنگ۔۔۔ سيڪيورٽي خدشن کان حفاظت ۽ پرائيويسي اسڪينگ وغيره۔۔۔

f4836917bc34aa9cfa7f3e41781836b5.jpg
ايپليڪيشن حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ويب سائيٽ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔​
 
سنيپ سيڪيور
www.mysnapsecure.com
Snap Secure ايپليڪيشن حفاظت ۽ پاڻمرادو فون جي ڊيٽا جو آنلائين بيڪ بڻائيندي رهي ٿي۔۔۔ جيئن ضرورت پوڻ تي تڪڙو ريسٽور ڪري سگهجي۔۔۔ ۽ ڪنهن نئين ڊيوائيس ۾ ڊيٽا کي منتقل ڪري سگهجي۔۔۔ هن ايپليڪيشن ۾ اينٽي وائرس ۽ اينٽي اسپائي ويئر به موجود آهن۔۔ جيڪي نئين انسٽال ٿيڻ واري ايپيليڪيشز کي مال ويئر لاءِ اسڪين ڪندا آهن۔ هن ۾ ڪال بلاڪنگ جو فيچر پڻ موجود آهي۔۔ جنهن سان نامعلوم نمبرز ۽ اهڙيون ڪالز جن ۾ نمبر ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن کي بلاڪ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ان کان علاوه هن ايپليڪيشن ذريعي بليڪ بيري تي غير ضروري اي ميلز کي بلاڪ ڪري سگهجي ٿو۔۔ جڏهن ته اينڊرائيڊ تي غير ضروري ايس ايم ايس کي بلاڪ ڪري سگهجي ٿو۔۔
هن ۾ موجدو پرائيويسي مينيجر ڏسي ٿو ته فون چوري کان ڪيئن بچائي سگهجي۔۔ هن ۾ لوڪيشن ٽريڪر پڻ موجود آهي جنهن جي مدد سان توهان ڄاڻي سگهو ٿا ته توهان جو فون چورائڻ وارو ڪاٿي موجود آهي۔۔ ۽ هن جو سڀ کان بهترين فيچر آهي هنگامي صورتحال جو آپشن ۔۔۔ جيئن ايمرجنسي جي صورتحال ۾ استعمال ڪندي ئي هڪ اي ميل، ايس ايم ايس يا ٽوئيٽ اهڙي طرح سان ڪري سگهجي جو ان ۾ توهان لوڪيشن به موجود هجي۔۔۔۔
”سنيپ سيڪيور“ آئي او ايس، ايندرائيڊ ۽ بليڪ بيري ڊوائيسز لاءِ موجود آهي۔۔۔ هي مفت ۽ پروفيشنل ٻنهي ورشن ۾ موجود آهي۔۔۔ بهترين فيچرس پروفيشنل ورشن ۾ آهن جن جو ٽيهن ڏينهن تائين مفت ٽرائيل ورشن به موجود آهي۔۔۔ جڏهن ته هن جي قيمت 4 ڊالر مهينو آهي ۽ 18 ڊالر سالانه آهي۔۔۔

screenshot_1_programView_144597.png
 
Back
Top