جواب: شعر ساڻ تشريح جي
ڀون لفظ جي معنى ٿيندي زمين، جنهن ۾ مٽي، پٿر ، معدنيات ۽ سڀ اهي شيون اچي وڃن ٿيون جي ڀون ۾ موجود آهن، هاڻ جيڪڏهن لطيف جي زباني جا ڀون انسان جي پيرن هيٺ آهي سا ئي ڀون انسان جي مٿي تي پڻ آهي ۔۔۔ سا ته فطرت آهي، حقيقت آهي، سچ آهي ۔۔۔
ڀون يا مٽي جو ذڪر ڪجي يا تعريف ڪجي ته هوند ڪتابن جا ڪتاب ڀرجي وڃن، انساني جسم ۾ مٽي جو عنصر آهي، انسان جي کاڌ خوراڪ مٽي منجهاران نڪري ٿي، مرڻ کانپو انسان مٽي سان مٽي ٿيو وڃي ٿو ۔۔۔ ان ئي سبب پراڻن مذهبن ۾ اڄ به مٽي کي ما جو درجو ڏنل آهي ۽ انسان مٽي جي ڪرشماتي ڪردار کان ايترو ته متاثر ٿيل آهي جو انکي پنهنجن ديوتائن ۾ پڻ شمار ڪيو اٿس ۔۔۔
لطيف سرڪار ته آهي ئي فطرت جو داعي، احساسن جو شاعر، جذبن جو ترجمان ۽ قوم جو رهبر، سو هر اها شئي جا انسان سان تعلق رکي ٿي انکي تمام سهڻي انداز سان پيش ڪري، آفاقي ۽ دنياوي علمن کي آشڪار ڪيو اٿس ۔۔۔
خئير اسين سڀ مٽي آهيون ۽ مٽي ۾ ئي آخرت آهي، انجي گودي ۾ ئي سمهڻو آهي، انڪري اسانکي مٽي جو مان رکندي انجي اندر ٻاهر کي سهڻو ڪري پنهنجي فرض جو پورائو ڪرڻو پوندو ۔۔۔
جيتوڻيڪ شمس کي روز اڀرڻ گهرجي پر جي ڪڏهن ڪڏهن ڪا روشني ڪري ٿو ته به اسانجي اکين تي ۔۔۔ ممڪن زماني جا ڪڪر شمس جي مٿان ڇانيل هجن ۽ جڏهن ڪڪر هلڪا ٿين ٿا ته سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اڀري پوي ٿو ۽ لطيف جا بيت ٻڌائي وري ڪڪرن ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۔۔۔
ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔