عمران خان جو ٻاهر وڃڻ ۽ اي پي سي جي ملتوي...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا توهان پاڻيءَ ۾ منڌيڙو ڦيريندي ڪنهن کي ڏٺو آهي۔۔۔؟
    مان ته اهو منظر گذريل ٻن ڏينهن کان ڏندي آنڱريون ڏسي رهيو آهيان۔۔
    هاڻي انهن دانشورن کي ڪير سمجهائي ته پاڻي ۾ چاهي سڄي عمر منڌيڙو ڦيرائيندا رهو مکڻ ته ٺهيو ۔۔۔ لسي به ڪونه نڪرندي۔۔۔ ڳالهه هجي ته ڳالهوڙو ٺهي۔۔۔ جي پوءِ به نه ٿا مڙن ته کين سليوٽ ڪرڻ ته ٺهي ٿو۔۔۔
    خبر ناهي ڪهڙين وجداين ۽ ڪشفي طاقتن ذريعي کين پتو پيو آهي ته اي پي سي ملتوي ٿيڻ جو واحد سبب عمران خان جو لنڊن روانو ٿيڻ آهي۔۔۔ کڻي اهو مڃي به وٺجي پر ڇا اهي دانشور ٻڌائڻ چاهيندا ته هن اي پي سي ذريعي اهي ڪهڙيون توپون ٺڪاء ڏين ها جيڪي پهريان جون ڪيل ڏهاڪو کن اي پي سيون ڪڍرائي نه سگهيون۔۔۔
    ڪهڙو اصل ٽوپي مان ڪبوتر نڪري ها جو ٻين ملڪن جي حڪمرانن جي هٿن جا طوطا اڏري وڃن ها۔۔۔۔
    انهن دانشورن جون ڳالهيون ٻڌي ائين پيو لڳي ڄڻ برلن کان واشنگٽن تائين ۽ ماسڪو کان لنڊن تائين سڀ عالمي طاقتون هن اي پي سي کان اصل ڊنل هيون۔۔۔۔
    سچ ته اهو آهي ته جڏهن هڪ پينو فقير وٽ جڏهن ڪشڪول هوندو آهي ته سندس وٽ ان ڪشڪول کان سواءِ ڪجهه هوندو ئي ناهي۔۔۔ اسان ڪيترو به مٿو مٿي سان ملائي ويهون ۽ ڪانفرسن جا ميڙاڪا ڪريون پر ٿيڻو اهو ئي آ جيڪو سائين چاهي۔۔۔ پندڙ فقير کي مطالبه ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي۔۔ آئي ايم ايف جي هڪ چيڪ تي مرڻ وارا ڊرون روڪڻ جون ڳالهيون ڪيئن ۽ ڪهڙي منهن سان ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    غلطي شايد عمران خان جي به هئي۔۔۔ جنهن هن قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي۔۔۔ جيڪا اڳ ئي صدين کان ستل آهي۔۔ عمران کان ڪير پڇي ته 60 ڏينهن هن ملڪ جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ کان پوءِ ئي کيس ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جو خيال ڇو آيو۔۔۔ اڄ تائين ملڪ جو ڪهڙو سياستدان آ جنهن پاڪستان مان ئي اعلاج ڪرايو هجي۔۔۔ انهن کي ته رڳو ڇڪ ئي ايندي آهي ته ٻاهر جي اسپتالن ڏانهن ڀڄندا آهن۔۔۔ بس کيس ئي حب الوطني جو اٽيڪ ٿيو هو۔۔۔ ڪپتان صاحب! ۔۔ توهان سادي جا سادا ئي رهيو۔۔۔

    [​IMG]
    (فيس بوڪ تان ترجمو)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هههههههههه ۔۔۔۔ جملن جو سٺو استعمال آهي ۔۔۔ هڪ ئي جملو لکان دي مٽ، اهو آهي:
    ”ڪهڙو اصل ٽوپي مان ڪبوتر نڪري ها جو ٻين ملڪن جي حڪمرانن جي هٿن جا طوطا اڏري وڃن ها۔۔۔۔“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو