چون ٿا ته اصفحان شهر جي هڪ امير پنهنجي گهر تي افطار لاء سٺي دسترخوان جو بندوبست ڪيو هو ۽ هو جيئن ئي افطار ڪرڻ ويٺو ته دروازي تي هڪ فقير صدا هنئي ته بکايل ۽ اڃايل آهيان. ان امير شخص پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته سمورو کاڌو ۽ مشروبات ان فقير کي ڏئي ڇڏ. سندس زال اچرج ۾ ايندي اهو کاڌو فقير جي حوالي ڪيو پر واپسي ۾ روئيندي اندر پهتي. امير پڇيس ته روئين ڇو ٿي؟ عورت چيس ته اهو فقير ڪنهن وقت ۾ وڏو امير ماڻهو هوندو هو ۽ هن ئي گهر جو مالڪ هو ۽ منهنجو اڳيون مڙس هيو. عورت وڌيڪ ٻڌايس ته هڪ ڏينهن افطار جي وقت ڪنهن فقير دروازي تي سوال ڪيو ته سخت بکايل آهي، کيس کائڻ لاء ڪجهه ڏيو. ان تي منهنجو مڙس ڪاوڙ ۾ ٻاهر ويو ۽ فقير کي سخت مار ڏئي، رتو رت ڪري کيس ڀڄائي ڪڍيائين. عورت روئيندي وڌيڪ ٻڌايس ته ڪجهه ڏينهن کانپوء منهنجي مڙس کي ڌنڌي ۾ نقصان ٿيندو رهيو ۽ گهر مان برڪت به ويندي رهي. اڳتي هلي هو ڪنگلو ٿي ويو ۽ مونکي به طلاق ڏئي گهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيائين. پوء هن گهر به وڪڻي ڇڏيو ۽ پاڻ گم ٿي ويو. اڄ ڪيترن سالن کانپوءِ نظر آيو آهي. امير شخص پنهنجي زال کي چيو ته توکي خبر آهي ته اهو فقير جنهن کي ان شخص ماريو هو اهو ڪير هو ؟ چيائينس ته اهو فقير مان هيس. پر پوء رب پنهنجي قدرت جو ڪمال ڏيکاريو ۽ منهنجي ئي هٿان ان شخص جو گهر خريد ڪرائي کيس بي گهر ڪيو ۽ سندس ئي زال کي منهنجي زال بڻائي ڇڏيائين. هي سڀ رب پاڪ ڪيو. هو ٻڌائڻ ٿو چاهي ته هو ئي رازق آهي، هوئي سڀ تي قادر آهي. تنهنڪري دوستو افطار ڪرڻ وقت پنهنجي آس پاس ضرور ڏسجو ۽ جيڪڏهن ڪو بکيو هجي ته ان جي سار لهجو. جيڪڏهن ڪنهن سائل کي ڏيو نه ٿا کيس ڏکايو ته نه . رزق جو ڏيندڙ رب ڪريم آهي ۽ ڪنهنجي صدقي ڏئي ٿو ڪير به نه ٿو ڄاڻي.
تمام بهترين سبق آموز ليک آهي سائين محمد سليمان جن جي مهرباني جو وقت جي مناسبت سان اهڙو سهڻو مضمون شيئر ڪيو اٿن الله تعالى کين جزاء خير عطا فرمائي قرآن پاڪ جو به حڪم آهي ته وَأَمَّا السَّائِلَ فَلا تَنْهَرْ يعني سائل کي نه جهڻڪيو ان جي ڪري اگر سائل کي ڏجي ته سڀ کان بهتر آهي ليڪن اگر ڪجهه ڏئي نه ٿو سگهي ته ان کي جهڻڪ نه ڏجي جو اهو گهري ته رب ڪريم جي نالي تي ٿو۔
سائين بيشڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! پر اڄ ڪلھ ته پنڻ جو رواج ٿي پيو، جتي ڏس ھٽا ڪٽا جوان مرد عورتون مخلتف نمونا اختيار ڪري پنن پيا، ڄڻ ته ھي ڪاروبار پيو لڳي۔
ڀاءُ اسان ڪير ٿيندا آهيون جسٽي فاءِ (تصديق) ڪرڻ وارا ڪهڙي خبر ڪنهن سان ڪهڙو ماجرا آهي جنهن سوال ڪيو تنهن پنهنجي آبرو کي وڪيو ڪنهن جي آبرو نه وٺو ته نه وٺو پر ان کي طعنا و مهڻا نه ڏيو۔ ڏيو نه ٿا ته ڏکايو نه۔ وسلام