• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اُداس راتين ۾ غزل (الماس سنڌو)

نثارناز

سينيئر رڪن
محترم سنڌي دوستو، السلام عليڪم، جيئي سنڌ
هي هڪڙو بهترين غزل جيڪو اسان جي سنڌياڻي ڀيڻ الماس سنڌو صاحبه جن جو آهي، پاڻ سنڌ جي شهر ٽنڊو الهيار شهر سان تعلق رکن ٿيون، اڄ بابا سائين جي وفات جي سلسلي ۾ مون سان عُذر خواهي ڪرڻ آئي ، سندس ڊائريءَ ۾ کوڙ ساري شاعري مونکي نظر آئي سندس اجازت سان هي غزل جيڪو مونکي پڻ وڻيو، سو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دينا جي سنڌين سان ونڊ پيو ڪريان۔

غزل
الماس سنڌو
اُداس راتين ۾ خواب ڳوليان پيو!
خالي گلاسن ۾ شراب ڳوليان پيو!

خوشبو مِٽيءَ جهڙو هُن جو بدن،
جنهن ۾ آئون گُلاب ڳوليان پيو!

ڪڏهن ڪڏهن بي خيالي ۾ گهر ۾،
تنهنجو ڏنل ڪتاب ڳوليان پيو!

نينهن لڳائي ائين دربدر ڪيو تو،
رستن تي اُجايا عذاب ڳوليان پيو !

بي تابي تڙپائي ٿي اڄ ”سنڌو“
دل جا تار ڇيڙڻ لئه رباب ڳوليان پيو!​
 
جواب: اُداس راتين ۾ غزل (الماس سنڌو)

دوست نثار ناز، ڪنهن سان نيهن لڳائي، تنهن کان ڌار رهڻ کانپوءِ جي جذبا اڀرندا آهن، انهن جو ڀرپور اظهار ٿيل آهي محترمه الماس سنڌوءَ جي غزل ۾ ۔۔۔

بــــــي تابـي تڙپائي ٿــــي اڄ ”سنــــــڌو“
دل جا تار ڇيڙڻ لئه رباب ڳوليان پيو!

ٻڏڻ وارن کي ڪک جو سهارو، عشق جي بيچيني ته پاڻ ئي دل جي تارن کي چوري وجهندي آهي بس انهن تارن کي سر ڏيڻ لئه رباب جي ضرورت هوندي آهي ۽ بس پوءِ اهڙا غزل پئدا ٿيندا آهن ۽ اهڙا ئي سر پئدا ٿيندا آهن ۔۔۔

مهرباني دوست ناز ۔۔۔ محترمه کي دل کي مس ڪندڙ غزل چوڻ تي مبارڪون ۔۔۔
 
Back
Top