سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
پيارا پرين تون منهنجي اکين کان پري نه ٿي، تنهنجي سري به ويندي منهنجي سري نه ٿي
تون ئي حبيب منهنجو تون ئي طبيب بس، تو ري دوا ٻي مون تي اثر ڪري ئي نه ٿي
سجدو سلام تو کي هي دل ڪيو پئي ڪندي، و الله غير ڏانهن هي دل وري نه ٿي
گهڻون ئي چيم دل کي ٿي سڀني سان سرخرو، تو ريءِ غلامي ٻئي جي هي دل ڀري نه ٿي
جو بره بدن ۾ بٺي يار ٻاري تو، سا ڪئين ٺري ٻري پئي اصل ٺري ئي نه ٿي
روئندو ڏسي اعجاز کي ويتر روئارين ٿو، ايڏو ته بي ترس سڄڻ ذري ڀري نه ٿي