https://www.facebook.com/video.php?v=432114683552493 وڊيو ۾ مولانا طارق جميل فرمائي ٿو ته ”هڪ ڏينهن مان روڊ جي ڪناري وڃي رهيو هئس۔۔ سامهون ڏٺم ته هڪ ريڙهي وارو بزرگ اچي رهيو آهي۔۔ سفيد ڪپڙا پاتل۔۔ چهري تي معصوميت ۔۔۔ جڏهن هو منهنجي ڀرسان گذريو۔۔۔ ته مون ڏٺو ته هن جي ريڙهي تي هڪ پيٽي (فروٽ واري) رکيل آهي۔۔ مون هن ڏانهن مسڪرائيندي پيار جي نظر سان ڏٺو ته اچانڪ هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺم ۔۔۔ مان حيران ٿيس ۽ ويجهو وڃي ان بزرگ کان پڇيم ”سڀ خير ته آهي۔۔۔“ ته هن ريڙهي تي رکيل پيٽي کي الٽي ڇڏي ۔۔۔ ڇا ڏسان ته ان پيٽي ۾ صوف آهن۔۔ مٿي واري تهه ٺيڪ باقي سڄا خراب ۽ ڳريل۔۔ بزرگ چيو۔۔”جناب مان انتهائي غريب ماڻهون آهيان۔۔ روزانو هڪ پيٽي صوفن جي خريد ڪري شام تائين کپائي ۔۔۔ ٻارن لاءِ کاڌو خريد ڪندو آهيان۔۔ اڄ ڪنهن منهنجي ٻچن جي روزي ڦري ورتي۔۔“ ٿورو سوچيو۔۔۔! پيٽي ۾ صوف وجهڻ وارو آصف زرداري نه هو۔۔۔ نه ئي نواز شريف ۔۔۔ ۽ نه ئي وري عمران خان يا ڪوئي ايم پي اي وغيره۔۔ بلڪه هُو ڪو عام پاڪستاني مزدور هوندو۔۔۔ جتي پنهنجا پنهنجن جا دشمن هجن اتي ملڪ آمريڪا جي دشمني سان ڪهڙو فرق ٿو پوي۔۔۔ اسان ڳالهيون تبديلين جون ٿا ڪريو۔۔۔ اسان ڳالهيون انقلابن جون ٿا ڪريو۔۔۔ ۽ گاريون حڪمرانن کي ٿا ڏيون۔۔۔ پر پنهنجي اندر ۾ جهاتي اصل نه ٿا پايون۔۔۔۔؟ ۔
سچي ڳالهه ونڊ ڪئي اٿو۔۔سچ اهو آهي ته اهڙي هيرا ڦيري وري هن بابرڪت مهيني ۾ اڃا به ڇوٽ چڙهي ويندي آهي۔ افسوس آهي اهڙن ماڻهن تي جيڪي رڳو جهنم جي باهه پاڻ لا گڏ ٿا ڪن هيرا ڦيري ڪري۔ الله هدايت نصيب ڪري اهڙن اٻوجهن کي۔