• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هم قدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامي ڏيون

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ واسيو، ۽ ساري سنڌ جا سنڌي سڄڻو السلام عليڪم، جيئي سنڌ

دوستو، ڳالهه جڏهن اسان جي وسيلن جِي هُجي، ڳالهه جڏهن سنڌ جي سلامتي جي هُجي، ڳالهه جڏهن دريا شاهه کي سلامي ڏيڻ جي هُجي ته اُتي سموري دنيا جي سنڌين سان هڪ آواز ٿي المنظر جهڙي دلڪش سنڌو ڪنڌي جي ڀر واري شهر ڄامشوري جي سنڌي ڀائرن ۽ سنڌي ڀينرن به پاڻ ملهايو، سڀني گڏجي دريا شاهه کي نهايت ئي اُڪير سان پنهنجي مُسڪراهٽن، پنهنجي خوشين، پنهنجي لُڙڪن ۽ سنڌ جي گُلابي گُلن سان سلامي ڇا پر لکين سلاميون ڏنيون، محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او، ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو سنڌ جي سرواڻي ۾ گڏجي سنڌ جي شاهه دريا جي لهرن جي رواني، ڇولين، ۽ وهڪري لاءِ ڌڻيءَ جي در ٻاڏائي دُعائون ڪيون۔۔۔۔۔۔اسان جي نمائندي عبدالغفور سمون انهي اکين ڏٺي احوال جون انتهائي ناياب تصويرون سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيون آهن۔۔۔۔۔۔ مونکي اميد آهي ته هاڻي اسان جي پرديس ۾ رهندڙ سنڌي سُورمن کي دل ۾ اها آس ڪانه رهي هوندي ته هو جيجل سنڌڙيءَ کان دور آهن۔۔۔۔۔۔ اهي دوست يقينن هنن سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن جو تصويرون سنڌوءَ ڪنڌيءَ جي انتهائي محبت ڀرئي ۽ دلڪش ڪناري المنظر واري ماحول ۾ ڏسي يقينن خوش ٿيندا۔۔۔۔۔۔۽ اهو يقين ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا ته سنڌ جا ڀائر ۽ ڀيڻون هاڻي هوشو، هيمون، مائي بختاور، جو روپ ڌاري چُڪا آهن ڪوبه وقت جو ظالم هاڻي سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندو۔۔۔۔

DSCF0126.jpg


DSCF0112.jpg


DSCF0114.jpg


DSCF0125.jpg


DSCF0133.jpg


DSCF0117.jpg


DSCF0141.jpg


DSCF0139.jpg


DSCF0129.jpg
 
جواب: هم قدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامي ڏيون

DSCF0144.jpg


DSCF0105.jpg


DSCF0101.jpg


DSCF0106.jpg


DSCF0113.jpg


DSCF0138.jpg


DSCF0124.jpg


DSCF0118.jpg


DSCF0135.jpg


DSCF0140.jpg

پيارا سنڌ واسيو هي اهي سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻون آهن ، جن جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌو اصل رچي وسي پئي آهي​
 
جواب: هم قدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامي ڏيون

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو۔
لطيف رح

سلام آهي سڀني سنڌ جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جي پنهنجي ملڪ جي وسيلن جي مالڪيءَ لئه پاڻ پتوڙن پيا ۔۔۔ انشاء الله ته ڪاميابي سنڌي سٻاجهڙن جي ٿيندي ۽ ظلمن جو خاتمو ٿيندو ۔۔۔

نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪيـــر ڏيندو، سهندو ڪـــــير ميار او يار!

دوستو، مٿيون گيت جي ڪنهن دوست وٽ هجي ته مهرباني ڪري هن فورم تي ونڊ ڪن ته ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: هم قدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامي ڏيون

سائين نثار ناز صاحب۔۔۔ تصويرن جي صورت ۾ هن سنڌو ڏينهنءَ جي ڪوريج ڏيکارڻ جا لک ٿورا۔۔ جي سنڌي دل سان جدوجهد ڪن ته سنڌوءَ جا وهڪرا واپس اچي ويندا۔۔
 
جواب: هم قدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامي ڏيون

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو۔
لطيف رح

سلام آهي سڀني سنڌ جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جي پنهنجي ملڪ جي وسيلن جي مالڪيءَ لئه پاڻ پتوڙن پيا ۔۔۔ انشاء الله ته ڪاميابي سنڌي سٻاجهڙن جي ٿيندي ۽ ظلمن جو خاتمو ٿيندو ۔۔۔

نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪيـــر ڏيندو، سهندو ڪـــــير ميار او يار!

دوستو، مٿيون گيت جي ڪنهن دوست وٽ هجي ته مهرباني ڪري هن فورم تي ونڊ ڪن ته ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

مهرباني دوست نثار تنهنجا اهي خوبصورت لفظ مٿي تصوير وارن سنڌي ڀائرن ۽ ڀيڻن پڙهيا آهن، انهن موبائل ذريعي توهان جي شڪريا ادائگي ڪئي آهي۔۔۔۔۔۔ ان کان علاوه سنڌ سلامت ماشاالله هاڻي جهر جنگ سنڌ ۽ سنڌيت واري نعري سان ڪاميابيءَ جا نوان رڪارڊ پيو قائم ڪري، جنهن جو سهرو توهان سڀني کاهوڙي دوستن جي سر آهي، يقين ڪيو جڏهن ڪير فون ڪري سنڌ سلامت جي پيار ڀري اڱڻ کي ياد ڪندو آهي، دل خوشيءَ مان سنڌ جي ڪنول جي گُل وانگر ٽڙي پوندي آهي
 
جواب: هم قدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامي ڏيون

سائين نثار ناز صاحب۔۔۔ تصويرن جي صورت ۾ هن سنڌو ڏينهنءَ جي ڪوريج ڏيکارڻ جا لک ٿورا۔۔ جي سنڌي دل سان جدوجهد ڪن ته سنڌوءَ جا وهڪرا واپس اچي ويندا۔۔

ادا ڄامشورائي، توهان جون دعائون سنڌ ۽ سنڌوءَ لئه يقينن ساڀيان ٿينديون۔
 
جواب: هم قدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامي ڏيون

DSCF0144.jpg


DSCF0116.jpg


DSCF0131.jpg


DSCF0145.jpg


DSCF0146.jpg


DSCF0142.jpg

هي ڪجهه تصويرون سنڌي ڀائرن ۽ ڀيڻن جون رهيون ٿي سي توهان سان وري به ونڊ پيو ڪيان​

پيارا سنڌ دوستو سنڌو ڏينهن جي حوالي سان مون هڪ شاعري سنڌ جا سُورما، سنڌ جون سورميون تخليق ڪئي هُئي خوشقسمتيءَ سان ڪالهه ان شاعريءَ جو وڊيو اسان جي شهر جي ڀلوڙ راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي کان عبدالغفور سمون رڪارڊ ڪري ورتو، جنهن جي وڊيو ايڊيٽنگ ڪري يوٽيوب تي اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ هتي لڳايان پيو۔۔۔۔ هن گيت کي هتي اپلوڊ ڪرڻ جو مقصد هن خوبصورت شيئرنگ کي اڃان به گهڻو چار چنڊ لڳائڻا آهن، ڇاڪاڻ جو هي شاعري انهيءَ شيئرنگ لاءِ سئو فيصد ٺهڪي ٿي اچي

http://www.youtube.com/watch?v=bPlLg6B-Lrg
 
Back
Top