گوگل جي صلاح۔۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گوگل جي طرفان گوگل صلاح هڪ بهترين فيچر آهي۔۔۔۔ جنهن جي ذريعي مطلب جي ڳولا تائين پهچڻ آسان ٿيندو آهي۔۔۔۔ توهان کي خبر آهي ته گوگل صلاح ڇا آهي۔۔۔؟ مون کي يقين آهي ته توهان سڀئي ان کان واقف هوندو پر اچو ته مان وضاحت سان سمجهايان۔۔۔ توهان گوگل جو صفحو کوليو ۽ اتي لکو sindh s توهان ڏسندو ته گوگل توهان کي توهان جي ڳولا مڪمل ڪرڻ لاءِ صلاح ڏيندي۔۔۔۔

    [​IMG]

    گوگل اهڙي زبردست فيچر کي سنڀالڻ لاءِ ڳولا ڪندڙ جي تعداد کي ڏسي اهڙي صلاح ڏيندي آهي۔۔۔ جنهن جي ذريعي مطلوبا ڳولا تائين پهچڻ آسان ٿيو وڃي۔۔۔
    مٿي جتي سنڌ سلامت کي ڳولا ڪرڻ لاءِ اڻپورا اکر گوگل پورا ڪري صلاح ڏني آهي اتي توهان کي گوگل اهڙون صلاحون پڻ ڏيندي آهي جيڪي دلچسپ ۽ مزيدار هجن۔۔۔ مثال طور۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    گوگل جون اهڙيون مزيدار صلاحون ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري بلاگ کوليو۔۔۔

    جتي اهڙيون صلاحون محظوظ ڪنديون آهن اتي غلط لفظ لکڻ سان گوگل غلط صلاحون پڻ ڏيندي آهي جنهن سان نه صرف وقت جو ضيان ٿيندو آهي پر ڪمپيوٽر تي ويهندڙ مطلب کان ڀٽڪي ويندو آهي۔۔۔۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا گوگل طرفان ڏيندڙ اهڙين صلاحن کي بند ڪريو ته ان لاءِ هتي ڪلڪ ڪري گوگل اختيارن وارو صفحو کوليو ۽ اتي موجود Query suggestions سيڪشن مان Do not provide query suggestions کي سليڪٽ ڪريو ۽ هيٺ موجود Save بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔ جنهن کان پوءِ گوگل سائيٽ توهان کي ڪنهن قسم جي صلاح نه ڏيندي۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گوگل جي صلاح۔۔۔

    سٺيون صلاحون آهن ادا گوگل وارن جو

    بهترين ٽپ شيئر ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گوگل جي صلاح۔۔۔

    يار! پاڻ ٽيڪنيڪل ماڻهون ته آهيون ڪونه پر اوهانجي ڳالهه مطابق گوگل وارا ڪڏهن ڪڏهن سچ به ڳالهائيندا آهن جيئن اهو ته امريڪن ايترا بيوقوف ڇو آهن؟ ان هڪ جملي جي صدقي اسين سندن ٿورائتا آهيون ۔۔۔
     
  4. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گوگل جي صلاح۔۔۔

    زبردست لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو