اسد چانڊيو پهرين موت ساز جو ٿيندو آهي يا آواز جو…؟ پهرين چارڻ مئو هو يا چنگ ..!؟ پهرين سوريءَ تي سچُ چڙهيو هو يا ”ان الحق“ ..!! پهرين صليب تي مسيحا چڙهيو هو يا سندس مسيحائي.. !؟. گذريل اپريل مهيني ۾ مان خاموشيءَ سان انهن سوالن تي سوچيندو رهيو هوس. موت جي هر شڪل ڀل ”موت“ نه هجي، پر زندگي جي هر شڪل به ” زندگي“ ناهي هوندي. زندگين مان جيڪڏهن مقصدن ۽ آدرشن جي ٻيڙيءَ کي الڳ ڪري ڪنهن ڪُن ۾ غرق ڪيو وڃي ته، پوءِ به ڇا زندگي، زندگي ئي رهي ٿي…!؟ رهجي ويل کُرنڊ به زندگي ئي سڏائڻ جي حقدار هجي ٿي؟. زندگي ڪنهن مقصد بنا به گذاري سگهجي ٿي..!؟ ايئن ئي، جيئن چَرند – پَرند…!؟ گاهه –گند…!!. ايئن ئي، جيئن سنڌ 712ع کان 2013ع تائين گذاري چڪي آهي! گذاري رهي آهي! ۽ اڃا گذارڻ چاهي به ٿي…!؟. دوستو وسڪيءَ جو شاهڪار ناول هو”ذِلتون ڪَي مارَي لوگ“. مون کي جڏهن به توفيق ٿي، ”مصلحتن جا ماريل سنڌي“ ناول لکڻ نه وساريندس- شايد لکي به رهيو آهيان. ڪيترن ئي سالن کان- وقفن، رنڊڪن، دڙڪن ۽ دهمانن دوران پنهنجن ۽ پراون سان هڪ جيترو ئي جهيڙيندو، پر لکندو ته رهيو آهيان، لکي ته رهيو آهيان، لکندو ئي رهندس. جيئن زندگي ختم ناهي ٿيندي پر شڪل مٽائيندي آهي، تيئن منهنجو لکڻ ته ڪڏهن به بند ناهي ٿيو. ها، ان جي شڪل ضرور تبديل ٿيندي رهي آهي ۽ تبديل ٿيندي به رهندي. ڇو ته مان مصلحتن جي ملڪ جو رهواسي بڻجي، ان جو پاسپورٽ پنهنجي کيسي ۾ رکڻ لاءِ تيار نه آهيان، ان کي ڪنهن سفر جو جواز بڻائڻ لاءِ تيار نه آهيان. 3 مارچ 2012ع تي سنڌ جي مظلوم قيدياڻي رنڪل ڪماري تي آرٽيڪل شايع ٿيڻ بعد، جڏهن مان ڪيترن ئي ڏينهن تائين آفيس وڃڻ ڇڏي ڏنو هو، ان وقت به منهنجي وفاداري هئي ته فقط پنهنجن آدرشن سان، پنهنجن لفظن سان، پنهنجين اميدن سان، پنهنجن ارادن سان، پهرين پاڻ بيهي ڏيکارڻ جي خواهش سان ۽ جڏهن سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ ماسات نورالله جي شهادت کان به اڳ مان سنڌ جي مزاحمتي ذهنن کي پنهنجو مڃڻ شروع ڪيو هو، ان وقت به، ۽ هن وقت به منهنجو ساڻن هڪ ئي رستو هو، هڪ ئي رشتو هو، هڪ ئي ڄاڻ به ته هڪ ئي سڃاڻ به…… ”سنڌ“. سنڌ کان سواءِ نه مون ڪنهن کي ڄاتو پئي، نه ئي ڄاڻڻ چاهيان ٿو. پنهنجي ذات لاءِ مان ڪانوَن کي به ويڙهه ڪندي ڏٺو آهي. مان نه ڪانون جي ”ڪان ڪان“ کي پسند ڪريان ٿو، نه ئي ”ڪانءُ“ بڻجڻ چاهيان ٿو. ان ڪري ”ذات“ منهنجي لاءِ نه ڪالهه اهم هئي، نه اڄ ئي اهم آهي. اهم آهي ته اهو تصور، جيڪو پاڻ کي قوم سان گڏ بيٺل ڏسڻ چاهي ٿو، قوم مان سڏائڻ جهڙو بڻجڻ چاهي ٿو،. قوم مان سڃاڻپ چاهي ٿو، قوم جي سڃاڻپ چاهي ٿو، قوم کي سڃاڻپ بڻائڻ چاهي ٿو، نه ته ”ذات “ لاءِ سوچيندڙ ۽ پتوڙيندڙ ته ڪڏهوڪو هوائن ۾ اڏامون ڪندي نظر پيا اچن، اها ٻي ڳالهه آهي ته، اهي اسان جهڙن فقيرن سامهون، سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، سواءِ ڪنڌ کڻي سگهڻ جي، پوءِ به هن وقت احساس ٿي رهيو آهي: هَمين هِي عِشق مَين جيني کَا کُچهه خَيال نَهين، وَگرنه، سَب کَي تَئين اپني جَان پياري هَي…..! اپريل کان جولاءِ تائين جي عرصي دوران ئي مون اهو به سوچڻ شروع ڪيو ته:” اهو ڪهڙو سبب هو جو، گوتم ٻڌ، سالن تائين جهنگ ۾ پلٿي هڻي ويهي رهيو هو؟“. شايد، کيس دنيا کي سمجهڻ جو بهتر رستو اهو ئي سُجهيو هو ته، پاڻ کي باقي دنيا کان الڳ ڪرڻ بعد ئي ان جو مشاهدو ڪجي، پنهنجن توڙي ٻين جي مفادن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي. نه رڳو دنيا، پر پاڻ کي به پري کان بيهي ڏسي سگهجي، پنهنجي جسم کان به، پاڻ کي الڳ ڪري. اپريل کان جولاءِ تائين، ڪو ايڏو وڏو مراقبو ناهي، جنهن کي ڪنهن ڳاڻيٺي ۾ آڻڻ لاءِ سوچي به سگهجي، پر ان جو ايترو فائدو ضرور ٿيو جو، پَنهنجو رخ جاچڻ لاءِ وٿي ملي وئي. گذريل اپريل ۾ عجيب حادثو ٿيو. دوستن مون کي روڪڻ جو دليل ئي اِهوڏنو ته:” مليل پيغامن تحت، مون کي روڪڻ ۾ ئي منهنجو فائدو آهي“. مان به ان دليل جي ضد ۾، پاڻ کي ئي روڪي ڇڏيو. پنهنجي اظهار جو هڪ در پاڻ لاءِ پاڻ ئي بند ڪري، جڏهن مان اظهار جي موجود ٻئي رستي سوشل ميڊيا کي ئي پنهنجو اڪيلو اظهار بڻائي ورتو، تڏهن خبر پئي ته :”سنڌ ۾ اهميت ”سنڌ“ جي نه پر پارٽي مفادن جي آهي. سنڌ ۾ جنهن پارٽيءَ جا جيڪي به مفاد آهن، اوهان انهن کي ئي يا ته، سنڌ جو مفاد مڃي چپ رهو، يا گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. اهو سڀ ڪجهه، جيڪو هوندَ اوهان کي، اوهان جو ڪو بدترين دشمن به ڏئي نه سگهي!!“. مون وٽ ”مراقبي“ جي اهميت جو احساس وڌندو پيو وڃي، نه رڳو سنڌ کي سمجهڻ لاءِ، پر بدلائڻ لاءِ به. - ۽ مان جنهن ”اپريل“ جي ڳالهه پيو ڪريان، تنهن ئي اپريل ۾ منهنجو شايع ٿيل آخري ڪالم هو:” مون کي يقين آهي“. ”مون کي يقين آهي“جيترو شايع ٿيو هو، ان ۾ هي سٽون موجود هيون الائي نه ته:” جنهن قومي جذبي سميع الله ڪلهوڙي کان وٺي سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي، نورالله تنئي ۽ مظفر ڀُٽي جي شڪل ۾، ٿوري عرصي ۾ لڳاتار قربانيون ڏيڻ جي روايت قائم ڪري ڇڏي آهي، اهو جذبو ڪنهن سرڪاري نوٽيفڪيشن هٿان شڪست ناهي کائڻو. جنهن تنظيم جا ڪارڪن سرڪاري قنداقن سان پنهنجي چهري جون هڏيون ڀڃائي ڇڏڻ باوجود، بشير آريسر بڻجي ميدانُ خالي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هجن، ان تنظيم ۽ ان جذبي کي ڪو به شڪست ڏئي نٿو سگهي. ڪنهن به سرڪار ۽ ڪنهن به سرڪاري نوٽيفڪيشن کي، ان جذبي آڏو اچڻ جي همت ٿي سگهي ئي نه ٿي، مون کي يقين آهي“. 6 جولاءِ تي ”آزاديءَ“ جي نالي ۾ سڏايل جسمم جي ميڙاڪي ۾ شرڪت جي خواهش کڻي حيدر چوڪ پهچڻ تي، هر طرف پوليس جو گهيرو هئڻ باوجود چوڪ تي پهچي پنهنجي قافلي جو انتظار ڪندڙ نوجوانن ڏانهن اشارو ڪندي مون ڀائو اقبال ملاح کي چيو هو :” ڀائو، هي ڏس! هنن نوَن نيٽن سنڌي نوجوانن کي ڏس. جيڪڏهن هنن سان اسان گڏ نه بيهنداسين ته پوءِ ڪير بيهندو؟. جيئن سائنسي ترقي ڪري اڄ اسان پنهنجن ٻارن کي ”ڪمپيوٽر دور“ جو ٿا چئون، تيئن ئي گذريل 65 سالن جي غلامي اسان کي هي ”باغي نسل“ ڏنو آهي. هنن باغين جو دفاع اهو ئي ڪري سگهندو، جيڪو پاڻ ۾هن باغي نسل سان گڏ بيهڻ جي همت پيدا ڪري سگهندو . جنهن تي ئي هي نسل اعتماد به ڪندو. جيڪڏهن اسان هن باغي نسل کي ضايع ٿيڻ ڏنو ته پوئتي وڃي بچندي موقعي پرستي. پنهنجي قومي غلامي خلاف باغي سوچ کي بچائڻو آهي ته، هن نسل کي به بچائڻو ئي پوندو“. 6 جولاءِ واري قومي ميڙاڪي ۾ شرڪت دوران، پنهنجن ئي لکيل لفظن :”مون کي يقين آهي“ تي مُنهنجو ئي اعتبار وڌي ويو. مون حيدر چوڪ جي آسپاس جي گهٽين ۾ دڪاندارن کي انتهائي اتساههَ مان اهو چوندي به ٻڌو :” اچَي رهيا آهن. اچي ويا ته وڏو ڌماڪو ٿي ويندو“. پر ان جو ٻيو پاسو اهو به آهي ته: حيدرآباد کان ڪراچي پهچڻ تي، مون وٽ بلوچ قوم پرست ڪارڪن جو سوالُ به پهتو ته:” جيڪي ماڻهو هڪ ئي وقت بلوچ مزاحمت سان به گڏ آهن ته متحدا سان به، سي اصل ۾ ڪنهن سان گڏ آهن؟“. مان بلوچ ڪارڪن جي اٿاريل سوال کي جيئن جو تيئن قوم آڏو رکندي، ان کي ناجائز به نٿو سمجهان. ڇو ته قومي تحريڪ سان گڏ وکون کڻندڙ سنڌي سماج جي هڪ فرد طور، سنڌي سماج ۾ اهڙن سوالن جي موجود هئڻ جو شاهد پاڻ به آهيان. اهڙو ”هڪ طرفو عشق“ قوم جي نين اميدن بابت پيدا ٿيندڙ سوالن جي ڪٿي پاڙَ نه پَڪي ڪري ڇڏي، ان کان اڳ، اهڙن سوالن تي نه رڳو سوچڻ کپي پر ننڍين – ننڍين ڪاميابين کي منزل سمجهي وٺڻ جي خوش فهميءَ مان نڪرڻ به گهرجي. منزل اڃا ڏور آهي. کنيل وکون منزل ڏانهن شروع ڪيل سفر جو حصو ته آهن، پر منزل ناهن. ڪنهن به سبب ڪري انهن کي منزل سمجهي وٺڻ قوم کي پنهنجي منزل کان پري ئي ڪري سگهي ٿو، انتهائي پري- ايترو پري جو، جيئن اوهان ”بي مقصد قافلي“ کان بغاوت بڻجي سامهون آيا هئا، تيئن ئي اوهان به ”بَي مقصد قافلو“ بڻجي، نئين بغاوت کي جنم ڏيندڙ بڻجي سگهو ٿا. اپريل ۾ مون، جنهن ”يقين“ جو اظهار ڪيو هو جولاءِ ۾ اهو سچُ ثابت ٿيندي ته ڏٺو آ، پر مان پنهنجي سامهون پيل، سنڌ جي وڏي محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو، 6 جولاءِ تي سنڌي ادبي بورڊ جي تِلڪ چاڙهي، حيدرآباد واري ڪتاب گهر تان خريد ڪيل ”چچ نامو“ به ڏسي رهيو آهيان، جنهن جي مٿان لکيل ”فتح نامه سنڌ“ مون کي تيرهن سئو سالن کان جاري غلاميءَ جو نه رڳو احساس پر اهو آئينو به ڏيکاري رهيو آهي ته : سنڌ تيرهن سئو سالن بعد به، غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ ته پري رهيو، پر ”غلامي نامي“ تي” فتح ِسنڌ“ بجاءِ ”غلامي نامو“ لکڻ ۽ سمجهڻ جي توفيق به حاصل ناهي ڪري سگهي!. چچ نامي مٿان لکي ويندڙ ٽن لفظن کي پنهنجي غلام هئڻ جي اظهار جي حقيقت به ناهي ڏئي سگهي!. جَي اسان تيرهن سئو سالن ۾ ٽَي لفظ تبديل ڪري سگهڻ جي قومي ارتقا به ناهيون ڪري سگهيا، سنڌ جي ”فتح“ کي، سنڌ جي ”غلاميءَ“ طور ظاهر ڪرڻ جي همت ۽ سمجهه به پيدا ناهيون ڪري سگهيا ته پوءِ، سنڌ جي حقيقي آزادي اسان کان اڃا ڪيترو پري آهي…!؟ ان بابت ڪنهن به خوشفهميءَ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. جيئن ڪنهن به وقتي ناڪاميءَ کي پنهنجي ”شڪست“ نه مڃڻ گهرجي، تيئن ڪنهن ”سفري ڪاميابيءَ“ کي به پنهنجي منزل مڃي وٺڻ، قوم کي پنهنجي منزل کان پري ڪري ڇڏڻ کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به ڏئي نه سگهندي. بهرحال، ٽن مهينن جو ”مراقبو“ جنهن ڪري به ٿيو، جنهن سبب ڪري به ٿيو، پر پنهنجي ڳالهه اتان ئي شروع ٿيندي، جتان ٽُٽي هئي ۽ اوڏانهن ئي ويندي، جيڏانهن وڃي رهي هئي. منزل ڪيتري به اڙانگي هجي، اسان کي نه رڳو ”فتح نامي“ مٿان ”غلامي نامو“ لکي ڏيکارڻو آهي پر غلاميءَ مان نجات به ماڻڻي آهي. ڪي به رنڊڪون، ڏکيائيون ۽ پريشانيون پنهنجي آڏو رنڊڪ ناهن مڃڻيون، ڪنهن به ديوار کي سفر جي پڄاڻي ناهي سمجهڻو. اهميت ”منزل“ جي آهي، منزل تي پهچڻ لاءِ شروع ڪيل سفر ۾ آيل رنڊڪن ۽ تڪليفن جي نه. ان ويساههَ سان ته: ” آواز اسان جَي کي ، ديوار ڇا روڪيندي!؟