سانگي ڪو ساريم تحرير شيخ عبدالرزاق ”راز“

'سنڌي ادب' فورم ۾ اي جي شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2013۔

  1. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    اڄ منهنجي ذهن ۾ ڪن مٺڙين گهڙين ۽ پر ڪيف يادگيرين جي ڄڃ ڌيري ڌيري هلڻ لڳي آهي.اندر ۾ خوشين جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي.گذريل تيهن سالن جون انيڪ ڳالهيون اپڇرڻيون بڻجي منهنجي اڏو ناچ ڪري رهيون آهن.آءٌ اڄ ماضيءَ ۾ گم ٿي ويو آهيان.حال ته سدائين حيات هوندو آهي پر مان انهي جو پانڌيئڙو ماضي ڏانهن موٽان ٿو. ڄڻ حال کي دفن ڪري چڪو آهيان.خبر نه آهي ڪڏهن اهي ماضي جون ڪومل ديوداسيون اوجهل ٿي وينديون ۽ مان حال جي فال ۾ مست ٿي مستقبل تي سوچڻ جي لائق بڻيس. اياز منهنجي لاءِ هڪ اهم شخصيت آهي هونءَ به سندس شخصيت همه گير آهي پهريائين سندس شاعري جو عاشق هوس۽ ان کانپوءِ سندس شخصيت جو سائق بڻجي پيس.ان سان سڪ ۽ ساڃهه جا ويهه سال گذاريا اٿم.زندگيءَ جا اهي نهايت اهم مفيد ۽ مؤثر سال هئا.گيانچنداڻيءَ جي اڳڪٿي ياد ٿي اچيم هن سچ چيو هو اياز مون بنا اڻ پورو مان هن کانسواءِ نامڪمل واقعي .اهي ڏينهن شينه هئا.سايد مون گذريل اٺن سالن جي ناراضگيءَ ۾ کيس هزار وار وسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سندس صورت هڪ ڀرپور انداز ۾ منهن جي تصور ۾ ايندي آهي.جيڪڏهن اسان مان ڪو هڪ نارض هجي هاته ڳالهه ٺهي پوي ها پر جيڪڏهن ٻيئي ڪاوڙيل آهيون ته شايد ميل ملاقات ٻئي جهان ۾ ٿئي. مان ڪراچي ڪاليج ۾ بي اي جو طالب علم هوس.شاهه محمد شاهه خط لکي اطلاع ڏنو ته اياز ڪراچي ڪاليج ۾ داخلا ورتي آهي.شاهه ۽ مان هڪ شاعر جي حيثيت ۾ سڃاڻيندا هئاسي.روبرو ملاقات جو موقعو ڪڏهن ڪونه مليو هو.مان اياز کي ڳولهڻ لڳس ڪاليج ۾ گهڻي ئي نوان شاگرد ٿي آيا ويا انهن جي ڪير ٿو ڳڻتي ڪري.اياز به ڪو هوندو پر مونکي اياز سان ملڻ جو شوق هو.نارائڻ شيام ملاقات ڪرائي.پهرين نظر ۾ هڪ ويران ۽ خشڪ چهرو ڏٺم جنهن جي نراڙ تي ساعريءَ جي ليڪ نظر نه آئي.ٻي نظر ۾ سڌي ۽ سڪل ڪاٺيءَ وانگر هڪ ڊگهو بدنڏٺم.جنهن تي ڪوماس چڙهيل ڪونه هوشوق جي نگاهه سان ڏٺم ته سندس چپن تي مرڪ هئي سمجهيم ته جاندار آهي.هٿ ملايائين ته هٿ جينرميءَ ۾ تازگي۽شاعرانه نفاست محسوس ڪيم.وري ڏٺم ته هڪ ڊگهيرو ۽ سنهڙو جوان زين جي اڇي پتلون ۽ اڇي قميص ۾ مبارڪ علي عرف شيخ اياز نالي نوجوان شاعر منهنجي آڏو هو.سندس منهن ڊگهيرو ۽ رنگ ڪڻڪائو هو جنهن تي ماتا جا وٿئرا داغ سندس چهري کي بي ضابطو ڪري رهيا هئا تنهن هوندي به وڻڻ جهڙو هو. هو هڪ خاموش طبع جوانهو.رلڻو ملڻو ڪونه هو.منهنجو حلقو وسيع هو.هر قسمجا دوست جن سان جدا جدا محفلون ڪندو هوس.اديب به هئا،عاشق به هائ،موسيقار به هئا،ڪي خوامخواه به هائ.اياز کي منهنجا غير سنجيده دوست هرگز پسند نه هئا.مان اياز جو دوست بڻجي پيس.مان روزانو شام جو اياز وٽ سنڌ مدرسي هاسٽل۾ ويندو هوس.۽ اڪثر پنهنجي اڳين دوستن جي ٽولي مان غير حاضر رهڻ لڳس.تنهن ڪري هو اياز جا مخالف بڻجي پيا.۽ هنن مون کي چيڙائڻ جي خاطر اياز جو نالو”شڪارپوري ڀورل“ رکيو.اياز سان يارن جي رقابت جو احوال ڪيم جنهن پاڻ وارو لقب ڦيرائي منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ گهڻو ڪري مونکي انهي لقب سان سڏيندو هو. مدرسي هاسٽل کان اسان بندر روڊ ڏيئي روزانو شام جو نيٽي جيٽي اينداهئاسي.اياز شاعري ڪندو هو.ڪراچيءَجهڙي وڏي شهر ۾ رڳو مان اڪيلو ٻڌڻ وارو هوس يا سندس تصورات جي ديوي،سمنڊ جو ڪنارو لهرين جي جهمر مٿان نيري آسمان تي تارن جو اک ٻوٽ اسان جي شاعرانه مجلس کي شاندار ۽ رونقدار بڻائيندي هئي.رات جو دير ڀرو دماغ ۾ نئون سرور ۽ مٺڙو نشو سمائي جيٽي کان هلي بولٽن مارڪيٽ ڏي وڌندا هئاسي.اها شاعري سندس دل جي شاعري هئي.منهنجي شاعري کي سندس شاعري کان روشني ملي.جيئن مان اياز جي شخصيت ۾ غرق ٿي ويس تيئن منهنجي شاعري سندس شاعريءَ ۾ گم ٿي ويئي.هن کي چانڊوڪي رات بيحد پسند آهي.هو چنڊ جو شيدائي آهي.گلن جو به کيس وڏو شوق آهي.گلن کي ائين ڏسنو آهي جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب کي ڏسي. ڪراچي هن جي لاءِ ان وقت هنگامه آرائيءَ جو ميدان هئي.ان کانپوءِ به سندس اهڙو تاثر رهيو آهي.ڪراچيءَ جي آبهوا کيس ڀانءِ نه پيئي هو بيمار ٿي پيو ۽ مان ڪاليج ڇڏي سندس خدمت ۾ لڳي ويس.سندس ڪاوڙ سهڻ جو پاڻ ۾ مادو پيدا ڪيم هو بيوس هو.ڊاڪٽر وقت سر نه اچي ته ڏوهه منهنجو سندس تپ نه لهي الزام مون تي.کيس موسمي نه وڻي ته قصور منهنجو.ان ٽائيفائيڊ جي بيماري جي سترهن ڏينهن ۾ مون هن جا ڪيترائي رنگ ڏٺا.اتي سندس ڪوبه سماءُ لهڻ وارو ڪونه هو تنهنڪري مون ناز برداري جي ڪيترائين مرحلا کلي ۽ خوش ٿي پورا ڪيا.منهنجو موڊبه وقتي خراب ٿيندو هو.چرچ مان مون کي ڀورل سڏي پرچائيندو هو.منهنجي رڻ ۾ رات هئي پر مان سندس نازڪ مزاجي کي بحال رکندو آيس.هو بيماريءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. هو واقعي پيارو ماڻهو آهي ڪاوڙ ۾ وڌيڪ پيراو لڳندو آهي.اسان پنهنجي دوستي جا سمورا سال هڪ ٻئي کي ڪاوڙائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسي.هن کي به منهنجي ڪاوڙ مان لطف ايندو آهي. اياز هاسٽل ۾ ماني نه کائيندو هو.جتي عموما گوشت جا شوصين ماني کائيندا هئا.هوگوشت کان پرهيز ڪندو هو.تنهنڪري لائيٽ هائوس جي سامهون هندوءَ واري هوٽل تي کيس ٻه ڀيرا وٺي وڃڻ به منهنجي فرض ۾ شامل هو.بيري کي هڪل ڏيئي پڇندو هو”اڙي ڇا تيار آهي؟“بيرو يڪساهي چوندو هو”دال وڙيون سائي ڀاڄي،واڱڻ،ٻٽالو،ڀينڊيون تريل،ڪريلا داسيل،چانور ڀڳل وغيره“مان بي دلي سان مينو ٻڌندو هوس.جيئن هن کي گوشت سان چڙ هوندي هئي ساڳي نموني مان ڀاڄين کان بيزار هوندو هوس.هو ماني کائيندي ڀاڄين جي انيڪ فائدن تي تقرير ڪندو هو.بيمار ٻڪري ۽ مئل رڍ جي گوشت جي نقصانن جي نشاندهي ڪندو هو.پر مونتي ڪو اثر ڪونه ٿيندو هو.چوندو هئو تڏهن ته ڪند دماغ آهين.الله محفوظ رکي مون سساڻس انيڪ فائدن وارن ۽ وٽامن سان ڀرپور .....................ڪڏهن نه چکيو ۽ مون پنهنجي دنيا ۽ عاقبت کي خراب ڪرڻ نه ٿي چاهي.چوندو هو ڪنهن ڏينهن مغز پاوا،منڍي کائي مرندين قبر تي”شهيد گوشت“جي تختي لڳندءِ مان سندس نصيحت تي ڪن نه ڏيندو هوس ته ڪاوڙجي ويندو هو.بولٽن مارڪيٽ مان موسميون خريد ڪندا هئاسي.مان انهن جي کائڻ کان به انڪار ڪندو هوس چوندو هو”جنت ۾ بک مرندين“ منهنجي خاموشيءَ تي وري چوندو هو”جلد مرندين“ڪڏهين مولوي جلد يا اوچتو مرندو ڏٺو ٿي توڙي هن جي گوشت سان دلچسپي عشق جي حد تائين وڌيل آهي.”اڙي چريا اها ايمان جي برڪت اٿس.“ ائين چئي هو هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندو هو.ايازکي هزار منٿون ڪري ادبي ڪچهرين ۾ وٺي ويندو هوس.مون تي وڏا ٿورا ڪري سنڌي سرڪل جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو.دوستن جو قائل نه هو ۽ مونکي دوستن جو هڪ وڏو حلقو هوندو هو.بي اي فائينل ۾ اياز کي ميٺا رام هاسٽل ۾ جاءِ ملي.سندس ماني جو مسئلو حل ٿي ويو جتي ڪيترائي ويشنو موجود هوندا هئا.ميٺا رام هاسٽل جو ستون نمبر ڪمرو هونءَ به اديبن جو اڏو هو.اياز جي اچڻ کانپوءِ سندس ڪمري ۾ به ڪچهري ٿيندي هئي.اياز ۽ منهنجون نويڪليون ملاقاتون قريبن ختم ٿي ويون.هو ڏاڍو اورج ۽ وڏو محنتي هو.بي اي جي امتحان جي تياري ڪرڻ ۾ مصروف رهيو.تنهنڪري نيٽيءَ تي سفر ڪرڻ جو موقعو هنن کان نڪري ويو. سنڌي سرڪل ي سهاري هيٺ مون هڪ ڪتابطو شايع ڪيو.اياز جو مشهور نظم“او باغي راڄ دروهي ڀارت ۾ بلوي جا باني“پهرين صفهي تي آندو هيم.اهو نظم ادبي حلقن ۽ ڪانگريسي سياسي پارٽين ۾ بيحد مقبول ٿيو هو.گويا اياز جي شهرت جو اهو پهريون پٿر هو.ترقي پسند مصنفين جي انجمن ۾ اياز جي شاعري مؤثر نموني اڳتي وڌڻ لڳي.اياز ان وقت ٽالشٽاءِ،گورڪي،نذرالاسلام،خليل جبران ۽ اردو جي ساعرن ۾ فيض،راشد،بيدي،منٽو ۽ عصمت جي تعريف ڪندو هو.سنڌي شاعرن ۾ فاني ۽ ڪاظم جو حامي هو.شاهه لطيف سان ته سندس روحاني عقيدت هئي.تنهنڪري سرڪل جي هفتيوار شاهه ڪلاس ۾ به گهڻو ڪري اچي نڪرندو هو. اياز ۽ مون ۾ هڪٻئي جي ڪتابن لمائڻ جي عادت هوندي هئي.جيڪڏهن هو منهنجو هڪ ڪتاب ڦٻائيندو هو ته مان سندس ٻه ڪتاب کڻي ايندو هوس.ائين ڪرڻ سان ٻنهي کي ڏاڍو لطف ايندو هو.پر هڪ ٻئي کي ڏسي عجيب حرڪتون ڪري ڪتابن لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسي.ڪتابن جي اهڙي چوري جي حساب ۾ ٻيئي خوش فهمي ۾ مبتلا هوندا هئاسي.مان سمجهندو هوس ته مان نفعي ۾ هوس ۽ هو سمجهندو هو ته هو فائدي ۾ هو. اياز سوشلسٽ نظريي کي سنڌي شاعري ۾ اجاگر ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ نئين راهه هموار ڪئي.ان نظريي جي پچار ۾ هن هڪ ڊگهو قدموڌايو.هن پنهنجي نظمن سان استحصالي معاشري جي بدن تي هڪ چهبڪ وسايو.اياز ان وقت شاگرد هو.يتيم ٻار ٿي پليو هو ماءُ جي شفقت ۽ ننڍي ڀيڻ جي پيار هن کي محنت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.پڙهڻ سندس دلپسند مشغلو هو.سندس ماٺيڻي طبيعت ۾ هيجان پيدا ٿيو.جنهن ڪري سرمايه دار ٽولي سان هن جي نفرت ٿي ويئي جتيزر جو قدر هو ذهن کي ذليل ٿي سمجهيو ويو. اياز هر نئين ڳالهه جو قائل ٿي پيو اگهاڙي ترقي پسند ادب جو مداح ۽ دلداده هو.هڪ ڀيري سنڌي سرڪل جي ادبي ڪچهريءَ ۾ هڪ اگهاڙو جنسي افسانو پيش ٿيو.لالچند امر ڏنو مل صدارت ڪري رهيو هو.افساني ٻڌڻ مهل صدر ڪيترا ڀيريا پنهنجي عينڪ لاهي رومال سان صاف ٿي ڪئي هن وقتا فوقتا اکيون ٿي ڇنڀيون هو ڪنهن انهيءَ افساني کي نندڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر اياز ان جي حقيقت پسندانه پهلو تي بحث ڪري باهه تي تيل جو ڪم ڪيو.هال ۾ هڪ هنگامو برپا ٿي ويو اياز ڪاوڙ ۾ مائيڪ ڇڏي ٻاهر نڪري ويو.جلسي ختم ٿيڻ تي مان اياز وٽ ويس جنهن مونکي منهنجي دوستن سميت ڏاڍا سخن ڪڍيا.ان ڏينهن جي ڪاوڙ مونکي اياز جي آڏو مسڪين صورت بڻائي ڇڏيو.ان کانپوءِ هو وري سنڌي سرڪل جي ميڙ ۾ نه آيو.گوبند مالهي ترقي پسند مصنفن جي طرفان سوڀي گيانچانداڻي جي مدد سان پرهه ڦٽي شايع ڪيو. اياز جي شهرت جو ٻيو پٿر پرهه ڦٽي سان گڏ مٿي اڀري آيو.اياز تي جيڪڏهن ڪنهن جي طرفان به ادبي تنقيد ٿيندي هئي ته هو مون تي ڇوهه ڇنڊيندو هو.مان سندس چڙ مان مزو وٺندو هوس.اياز تپي لوهه ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪدم برف ٿي ويندو آهي.اها اياز جي فطرت آهي ته هو دشمن کي به معاف ڪري ڇڏيندو آهي.انتقام وٺڻ سندس سڀاءُ جي خلاف آهي. ايازبر هئي ته مونکي سئنيما ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي.هڪ ڏينهن چيائين”ڀورل!اڪيلو ٿو پڪچر ڏسين پر ڪڏهن ته ڏيکار.“وري شرارت ڪندي چيائين”يهودڻ سان ويندو آهين ڇا؟“منهنجي محلي ۾ هڪ خوبرو طرحدار يهودي چڇوڪري رهندي هئي هڪ ڀيري اياز کيس مون سان ڳالهائيندي ڏٺو هو.بهرحال اياز کي سٺي پڪچر ڏيکارڻي هئي هڪ پڪچر مونکي ڏاڍي وڻي هئي سا ٻيو ڀيرو ڪراچيءَ ۾ لڳي هئي”چتر لياک“اياز کي نالو ڏاڍو رومانٽڪ لڳو.نيپئر روڊ جي هڪ پڪچر هائوس ۾ اها فلم شروع ٿي.اسان نيپئر روڊ ۾ داخل ٿياسون جهونا مارڪيٽ وارو چونڪ لتاڙي اڳتي پڌياسين اياز مرڪي چوڻ لڳو”ڀورل! ڪاڏي ٿو هلين ڪو مجرو ڏيکاريندي ڇا؟“مون چيو ”چپ چپات ڪرياکيون هيٺ ڪيو منهنجي پٺيان لڳو آءُ“سئنيما گهر ۾ داخل ٿياسون.پڪچر واقعي ترقي پسندانه هئي اياز جي مزاج مطابق،پهريون سينريون ڏسي اياز ڏاڍو خوش ٿيو پر پوءِ اوچتو ماٺ ۾ اچي ڪرسيءَ تي پاسا اٿلائڻ لڳو.پڪچر ختم ٿيٻاهر نڪتاسون اياز ڪاوڙيل نظر آيو مون پڇيو پڪچر نه وڻيئي ڇا؟“خدا جو قسم! جو توسان ڪڏهن به پڪچر تي اچان کٽملن لاهه ڪڍي ڇڏيو.“ان کانپوءِ اياز ڪڏهن به مون سان ڪراچيءَ ۾ پڪچر ڪانه ڏٺي.ستن سالن کان پوءِ سکر ۾ وري گڏجي پڪچر ڏسندا رهياسي. بي اي پاس ڪري ايل ايل بي ۾ داخل ٿياسي.اياز ميٺا رام هاسٽل کان لڏي جناح ڪورٽس ۾ رهڻ شروع ڪيو.جناح ڪورٽس جو ڏورانهون پنڌ هو تنهنڪري اياز سان ڪاليج ۾ ملاقات ٿيندي هئيمان هڪ آچر تي شيام سان شيوا ڪنج ۾ ملاقات ڪري اياز ڏانهن هليو ويس.اياز جون قربائتيون ڳالهيون شروع ٿيون اڍائي ڪلاڪ گذري ويا.ڏيڍ ٿي ويو اياز ماني پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي ان ڏينهن برياني جو وارو هو.کائڻ شروع ڪيوسي اياز جڏهن گوشت کائي رهيو هو ته مان کيس ڏسي مرڪي رهيو هوس چوڻ لڳو”گوشت کائڻ جي به عمر ٿيندي آهي ڀورل“مون کلي چيو”هائو اڳئين سال تو صغير هئين “خار ته ڏاڍي آيس پر برياني لذيذ هئي.جنهن ڪري خار کي ماري ويو.سندس اصول ٽٽي پيو هو.ڇهن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن دريا خان جلباڻيءَ جي سنگت ۾ کيس سگريٽ پيئندي ڏٺم سندس ٻئي اصول جو به ڏيوالو نڪري چڪو هو.مونکي چوندو هو سگريٽ نه پيءُ سلهه ٿينديءِ مري ويندين.هڪڏينهن مذهب تي بحث ڪندي مان ساڻس چڙي ويس.قطع تعلقات ٿي ويا.هفته ٻه گذري ويا هن پرچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر مان ڀڄي جان بچائيندو هوس.هڪ ڏينهن بي خيالي ۾ ڪاليج جي ڏاڪڻ تي لٿس ته مان اوچتو سندس ڀاڪر ۾ چڪرجي ويس”ڪاڏي ڀڄندين ٻچا! شاعر ته سدائين ڪافر کي پو ڄيندو آهي تون گاسليٽي شاعر آهين“سنجيدو ٿي وري چيائين ”ڀورل! اڄ کان وٺي پنهنجو صلح.مذهب تي بحث نه ڪبو هل ته ايراني وٽ روز واٽر پياريانءِ“اسان لهي وياسي ۽ اياز ان کانپوءِ ڪڏهن به مذهب جي ڳالهه نه ڪئي.هن سدائين منهنجي جذبات جو احترام ڪيو.ساڳي سال ڪوئيٽه به گڏ هياسي اتفاق سان سوڀو،رام پنجواڻي ۽ نعيم صديقي وغيره به اتي هئا ٻه ٽي هفتا خوب ڪچهري ٿيندي رهي.جنهن جاءِ تي مان لٿل هوس اها جاءِ اسان جي گڏجاڻين جو مرڪز هئي. ڪاليج جي تعليم کانپوءِ اياز سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي.مان الوحيد پريس ۾ مئنيجر ٿيس.ان وقت به پاڻ ۾ ويڇو ڪونه هو ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي هوندا هئاسي.1948ع جي شروعات ۾ مان سکر آيس ۽ سکر ميونسپلٽي جو چيف آفيسر ٿيس.اياز پڻ ملازمت ڇڏي ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي پراڻي معاشقي کان سندس جان آجو ٿي هئي ۽ هن ڪراچيءَ جي سنگت ۾ غم غلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شاعري به ختم ٿي چڪي هئي.گذر معاش جو گهاڻو انسان کي پيڙي ٿوڇڏي.پر هو محنتي هو.منڍ کان وٺي هو مشڪل کي منهن ڏيندو رهيو پنهنجي همت ۽ حوصلي سان هن ڪنهن جو سهارو نه ورتو. سال سوا کانپوءِ هڪ ڏينهن اوچتو اياز صاحب سوير اچي مون وٽ پهتو.هن پنهنجي شادي جي پروگرام کان مونکي آگاهه ڪيو.شادي ۾ شرڪت لاءِ وڏو اسرار ڪري وعدو ورتائين.هو ساڳئي ڏينهن انتظام ڪرڻ لاءِ شڪارپور روانو ٿيو.مانمقرر ڏينهن تي سام جو ٻن دوستن سان گڏ وڃي شڪارپور پهتس.اياز اڪيلي سر پٽ کوهه ۾لڳلهو.مونکي ڏسي ڪاوڙجي ويو ڄڻ ته مونکي سندس تقريب جو انتظام ڪرڻو هو.مان به لنوائي دوستن سان گڏ لکيدر گهمڻ ويس.سسج لٿي کانپوءِ نڪاح واري جاءِ تي پهتس.اياز هيٺ گلم تي ملن جي وچ ۾ گلابي رئي ۽ گلن جي ڪنڍين ۾ چوکنڀو ٻڌو ويٺو هو.پهريون ڀيرو مونکي سندس مجبوري تي قياس آيو.نڪاح جي شاهدن کي پڪ پڪات ۾ ڪجهه دير لڳي ويئي.اياز پاسا اٿلائڻ لڳو.اونهاري جي موسم،شڪارپور جي هبس ۽ گلن جو ڍير ۽ ملڻ جو سوڙهه انهن مڙئي سورتن گڏجي اياز جي انا جوڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.سسکر ۾ هڪ ڀيري مون سان دعوت تي هليو هو.فرش تي گلمن مٿان ماني جو انتظام هو.مسلمانن جي روايت موجب مانيءَم ملن جي موجودگي برڪت جو باعث بڻبي آهي اياز سوٽ پائي هليو هو.مان ته سوٽ سان به هيٺ ويهڻ جو عادي آهيان پر اياز صاحب جي لاءِ مسئلو بڻجي ويو.هوريان چيائين”ڀورل ماري رکئيه “سڳن وارو بوٽ لاهڻ به ڏکيو هو.مان هڪ ڪنڊ والاري ته جيئن هو آسانيءَ سان ويهي سگهي.بوٽ پيل ڄنگهون پٿاريائين ملان ٽائيپ ماڻهو اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويا.ملان ماني جي لوجهه ۾ آسيرا پاسيرا ٿيڻ لڳا.مونکي وٿي ملي ڀرسان ويٺمانس.”چڱو فاٿو آهين پٽ“ٻه چار سخن پئي ڪچيائين چيومانس ”سهڻو ٿو لڳين يار!“چيائين بڪ بند ڪر منهنجو لاهه نڪري ويو آهي.توکي چتچو ٿو لڳي.اهو 1940ع جو زمانو هو گهوٽ شادي ڪرڻ کان پوءِ ڪنوار کي وٺي ڪراچيءَ روانو ٿيو. 1950ع ۾ اياز هڪ ڏينهن اوچتو بيگ مستري سميت صبح جو ساجهري اچي منهنجي جاءِ تي وارد ٿيو.هو ڪراچيءَ کي ست سلام چئي سکر پهتو هو.سکر ۾ پرئڪٽس ڪرڻ جي ارادي سان آيو هو.ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آفيس ۽ هر هٿ ڪيائين.شڪارپور کان ٻار بهوٺي آيو.ڪراچيءَ واري ڪمائي هوريان هوريان کائڻ لڳو.۽ سکر جي پرئڪٽستي انٽ پختي ڪرڻ لڳو.ننڍڙا ننڍرا ڪيس کٽن شروع ڪيائين.مينوسپل جو قانوني مشير بڻيو.ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿيڻ لڳس.هڪ ڏينهن شام جو مون وٽ آيو.خوشيءَ مان ٻڌايائين ”ريلي سائيڪل ورتي اٿم“.مان به چڱي موڊ ۾ هوس چيو مانس ”گڏهه ڇونه ورتئه“ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.قينچي ڇاپ اورينج گهرائي پياري مانس ته ڪجهه ٿڌو ٿيو. 1952ع ڌاري هو سکر جي نامياري وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.انوقت سوڌو هو ڀاڙي جي ٽانگي کانسواءِ ريلي سائيڪل کان ڪم وٺندو هو.سائيڪل کي تين وال ڪرڻ جو کيس مشوررو ڏنم ۽ نئين موٽر خريد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪيم.سائيڪل سان ته کيس عشق هو شايد ان سائيڪل جو لاش سندس ٽه ماڙ تي موجود هوندو.پر دل ٻڌي موٽر واري تجويز تي غور ڪرڻ لڳو.ڪيترا ڀيرا ان ان تجويز تي وڙهياسي ۽ ٺهياسي.بگڙڻ وقت اسان ٻه ٽي ڏينهن هڪ ٻئي جي شڪل نه ڏسندا هئاسي.ٽي مهينا موٽر جي تجويز زير بحث رهي۽ ويهه ڀيرا ان تجويز تي هڪ ٻئي کان ڪاوڙجي وياسي.مونکي چئي ته ”تو منهنجو کيسو تاريو آهي.“مان چوانس ”تنهنجي کيسي ۾ رکيو ڇا آهي؟“آخر هڪ ڏينهن فون ڪيائين”تيار رهه رات ڪراچيءَ هلنداسي موٽر وٺڻ اٺين بجي تو وٽ ايندس رزيويشن ڪرائي اٿم.“اهي ٻه ٽي جملا هڪ ساهي ۾ چئي فون بند ڪري ڇڏيائين. شام جو جاءِ تي آيس ترتڪڙ ۾ سامان ٺاهي ماني کاڌم.اياز صاحب اچي ويو.هو ڪاوڙيل هو تنهنڪري ٽانگي ۾ اسان جي ڪا گفتگو ڪانه هلي.اسٽيشن تي پهتاسيون هو ناراض ۽ مان بيزار.رزرويشن جو ڪو نالو نشان ڪونه هو.جهٽ پلڪ ۾ هو ٽڪيٽ ونڊو تان انٽر ڪلاس جون ٻه گلابي ٽڪيٽون وٺي هٿ ۾ لوڏائيندو اچي منهنجي آڏو بيٺو .هانءُ ته سڙي ويو خاموشيءَ ۾ خيريتي سمجهيم.مبادا ڪار خريد ڪرڻ جي اسڪيم ڊهي نه پوي.ٽرين پليٽ فارم تي پهتي.سوار ٿياسي اياز هڪ سيٽ تي بسترو کولڻ لڳو.هڪ پٺاڻ کي ڳاڙهيون اکيون ڏيکاريون منهنجي نائڪ جي مدد سان سيٽ تي قبضو ڪري ورتو.وڪالت کان پوءِ اياز جو بدن ورڻ لڳو هو ۽ هو ڳورو جوان بڻجي پيو هو.مان اياز جي سامهون واري بينچ جي ڪنڊ تي مظلوم بڻيو ويٺو رهيس.منهنجي نائڪ جي اچڪن مٿان سونهري ڪمر پٽو ۽ مٿي تي ڳاڙهو پٽڪو ڏسي پٺاڻ هيسجي ويو هو.اياز ٽاءِ کي ڍرو ڪري بوٽ جا سڳا کولي ٻڻ وهاڻن تي مٿو رکي.سگريٽ وات ۾ دبائي ڪتاب جا ورق اٿلائي رهيو هو ۽.ٽرين هلڻ شروع ڪيو منهنجو نائڪ سلام ڪري واپس روانوٿي ويو.اياز ٽنگون پٿاري پوري برٿ تي ليٽيو پيو هو.پٺان کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي سمجهيم خير ڪونهي.اجهو ٿو پٺاڻ منڍي کان جهلي ريل کان ٻاهراڇلائيم.اياز ٽيڏي اک سان مون کي ڏسي مرڪي رهيو هو.مونکي ڪاوڙ ته ڏاڍي هئي پر ڇا ڪريان مجبور هوس.سگريٽ جو ٽوٽو دري کان اڇلائي پاسو ورائي سمهي پيو.روحڙي استيشن تي اکيون ٽمڪائي مون ڏانهن نهاري رهيو هو.روهڙي کان ريل روانو ٿي.اياز ڪنڌ مٿي ڪري منڍي مون ڏانهن ڦيرائي چوڻ لڳو”ڀورل! سامان سنڀالجانءِ هوشيار رهجانءِ“هو ڪنڌ ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڏيئي سچ پچ سمهي پيو.مون ڏاڍا وٽ ٿي کاڌا .ويهڻ جي جاءِ تنگ پٺاڻ کان خطرو اياز جي پندرهن هزارن جي چوڪيداري بئگ ۾ اکيون وجهيوويٺو رهيس.خوف هيو جيڪڏهن جهٽ پلڪ اک لڳي ويئي ته پٺاڻ اياز جي بئگ کڻي رفوچڪر ٿي ويندو.پٺاڻ اتامرائي مان پڇيو”اي! خو ڪون هي“مون ٺهه پهه جواب ڏنو.ڇوٽا لاٽ صاحب“اياز جي سڄي رات آرام ۾ گذري ۽ منهنجي رات وڏي عذاب ۾ گذري.ڪراچي ڪئنٽ تي اکيون مهٽي مون کي سڃاڻن جي ڪوشش ڪري رهيو هو .رڙ ڪري چيائين ”ڀورل! جيئرو ته آهين نه؟“مان ڪاوڙ مان منهن ڦيري پليٽ فارم ڏانهن نهاريو.”ڊبل ناشتو ٿو ڪرايانءِ ٻچا؟“مون جواب ڏنو ”ٻن پئي تنهنجو ناشتو رات آزار ۾ ڪاٽي اٿم.“ڪهڙي نئين ڳالهه ڪيئه اهڙيون راتيون ته شاعرن جو شان آهن“وڏو ٽهڪ ڏيئي اٿي ويٺو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو.وٺ ڪئيپٽن جو سگريٽ.مون وري دري کان منهن ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هو مزي سان ليٽي سگريٽ ڇڪڻ لڳو.وري سڏ ڪري ”هيڏي ته آءُ ڀرسان ويهه ٻيلي سڪ لڳي اٿم“مان چپ چاپ رهيس.سگريٽ جو دونهون مون ڏانهن اڇلائي چوڻ لڳو”اوجاڳي ڪري ڏاڍو سهڻو ٿو لڳين.اديءَ کي ڏاڍو ضرور وڻندين.“ان وقت منهنجي گهرواري ڪراچيءَ ۾ هئي ريل سٽي اسٽيشن تي پهتي.هن جھڻ نئين سر سمهڻ شروع ڪيو.مان سامان لهرائي هيٺ پليٽ فارم تي آيس.منهنجي اشاري تي ڪوليءَ چيس”صاحب لهو“صاحب پاسو ورائي ڪوليءَ کي ڏسي سگريٽ دکائڻ لڳو.گاڏو خالي ٿي ويو پر هو لهڻ جي موڊ ڪونه هو.خار ۾ چيومانس.لهه کڻي“ مان پهچڻ لاءِ تڪڙ ۾ هوس.هو منهنجي تڪڙ سمجهي رهيو هو ۽ سندس چپن تي شرارت موجود هئي.”لهين ٿو نه ته وڃانءِ ٿو.“سگريٽ پئين ته لهان نه.ته موٽانءِ ٿو سکر بئگ جي سنڀال ڪجانءِ.“ مون مجبورن سگريٽ ورتو جو هن چوجھ مان دکائي ڏنو.”پر تنهنجو ڪيڏو خيال ٿو رکان.“ٽاءِ ٺيڪ ڪري بوٽ جا سڳا ٻڌي.وارن کي هٿن سان ٺاهي گاڏيءَ تان لٿو چوڻ لڳو ”ڀورل! اجھ ڪلهه نخرا سکيو آهين.سجھو ڏينهن آرام ڪجانءِ ادي زور ٻور ڏيندءِته ٽاٽ ٿي ويندين“ڪراچيءَ جي قيام ۾ ٽيهه ڀيرا ڪاوڙيو نيٺ ڪار خريد ڪري سکر پهتاسي. ١٩٥٢ع ۾ سنڌي سرڪل جو بنياد رکيوسي.اياز کي صدر بڻايو سي. مجلس عامله ستن جھڻن تي مشتمل هو.ادبي مجلسون گهڻو ڪري منهنجي جاءِ تي ٿيڻ لڳيون.اياز به لکڻ شروع ڪيو.سنڌي خواهه اردو ۾ هن جون ڪوششون قابل تعريف هيون.سندس اردو ڪلام جو مجموعو به ان زماني ۾ ڇپيو فيصلو ٿيو ته وڏي پيماني تي ادبي اجتماع ڪوٺائجي.سنڌ ادبي ڪانفرنس جي پروگرام متعلق اياز جي آفيس ۾ ميٽنگ سڏائي ويئي.بحث جي دوران اياز جو موڊ بگڙي ويو.ميمبر پنهنجي ضد تي هئا.آخراياز بيحد ڪاوڙ ۾ اسان جي ادبي مجلس ٽوڙي ڇڏيو.چار ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا.مان ۽ آفاق اياز وٽ رهجي وياسي.ٽن ڄڻن تي مشتمل انقلابي ڪاميٽي ٺاهي سي.اياز صاحب ان جو صدر بڻيو چندي ۽ فنڊ ڪٺي ڪرڻ جو ذمو مون تي هيو.ڪاغذي ڪاروائي آفاق جي حوالي هئي.اياز صاحب مونکي سؤ رپئي جو نوٽ ڏيئي حڪم ڪيو اڻٽيهه سو ڪٺا ڪجانءِ.تقريب جي تاريخ مقرر ڪئي ڪري پاڻ وڪالت ڪندو رهيو.فمڪشن کان ٽي ڏينهنن اڳ پروگرام جو جائزو وٺي.پٺي ٺپي پنهنجين نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيائين.وري خطبئه استقباليه تيار ڪرڻ لاءِ آفاق کي ٽپ ڏنائين.ڪراچي،حيدرآباد،اندرونِ سنڌ ۽ لاهور ۽ ملتان کان ڪيترائي اديب ڪانفرنس ۾ شامل ٿيا.هڪ ڏينهن جي لنچ جو ذمو اياز تي رکيم.ڄڻ کيس گهٽو ڏيئي ڪڍيم.صدر صاحب کي اخلاقي طور به مهماني ڪرڻي هئي.انتظام منهنجو،پئسا اياز جا،ماني به سندس شايان ٿي.اياز طبعا ڪنجوس آهي.ڪنهن وقت سندس سخاوت ابو ڪرم بڻجي ڌوئان ڌار نموني وسڪارو ڪندي آهي.سائيڪو کن مهمان هئا.پئسن وڃائڻ جي باوجود هو ڏاڍو خوش ٿيو.انتظامن اي ون هو. اهڙي نموني هر سال مشاعرو ڪندا رهياسي ۽ اياز جي شاعريءَ جو شوق موٽي آيو هو ۽ ١٩٥٥ع کان پوءِ اياز جي ٻئي دور جي شاعريءَ جو ڀرپور انداز ۾ آعاز ٿيو.ان زماني ۾ ايز تي شاعريءَ جو جنون غالب هو.مان بيروزگار هوس.غلبا هن سمجهيو هو ته منهنجو تنگ گذران هوندو تنهنڪري هو پهرئين تاريخ تي منهنجي منع جي باوجود منهنجي غير موجودگيءَ ۾ ٽي سور روپيه منهنجي گهر پهچائي ويندو هو.مون سندس اهڙي روش تي اعتراض ڪيو. چيائين متان ڪنهن وقت تڪليف محسوس ڪرينتو به اسان سان ڪي پير ڀريا آهن.ڀورل! ان وقت حقيقي اياز منهنجي سامهون هو.وڏي شاعر کان به هڪ وڏو انسان شعر ٻڌڻ لاءِ منتون ڪندو هو.پر مان کيس محض چيڙائڻ لاءِ چوندو هوس.”اورينج پيارين ته ٻڌان“ٻه سخن ڳالهائي وڪالت جي ڪم کي لڳي ويندو هو.ڪلاڪ ٻن کانپوءِ واندو ٿيندو هو.اَرينج گهرائڻ جو آرڊر ڏيئي شعر جي ڊائري کوليندو هو.ڪلاڪ سوا مجلس رهندي هئي.آفيس بند ڪرائي ٽاور ڏانهنهلندو هو ٻه چار رسالا ۽ هڪ اڌ ڪتاب خريد ڪندو هو.۽ مان گرما گرم ڪباب وٺي لفافي ۾ پارسل ڪرائيندو هوس.چوندو هو ”مرين ٿو ڪباب لاءِ بيمار سانَ جي گوشت جا ڪباب.ڪراهت نٿي اچيئي.“ موٽر ۾ چڙهندا هئاسي ڪباب جي خوشبو موٽر ۾ پکڙجي ويندي هئي.آءٌ اڳين سيٽ تي وهندو هوس.هو پٺيان منهنجي ڪبابن جيصفائي ڪري ٻه ٽي بچيل ڪباب مون ڏانهن وڌائيندو هو”کائي ڇڏاديءَ جي ته هوڙ به ڪوسي نه ٿيندي.“مان چوندو هيومانس.”وڏو بي ايمان آهين“ ڪراچيءَ جي هڪدوست جي معرفت هڪ اديب نما نوجوان مون وٽ پهتو.پهرين ملاقات هئي.مان پنهنجي حبيب پريس ۾ ويٺو هوس.وضع قطع ۾ سنجيدو ۽ خاموش طبع ٿي ڏٺو.هن منهنجي تواضع تي مصنوعي تڪلف ئي اختيار ڪيو.ڪن ماڻهن جون ضرورتون دوکيباز هونديون آهن.هن جي نالي جي پٺيان تخلص به اٽڪيل هو.تنهنڪري مون کيس شاعر سمجيو.گرين بئڪري تي چانهه وغيره پي مان کيس و ڏي شوق مان اياز سان ملائڻ وٺي ويس.اياز به نالي جي پٺيان تخلص ٻڌي بيحد خوش ٿيو.هن جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ کيس وڏي محبت سان ڊرائنگ روم ۾ آندائين نوڪر کي کائڻ پيئڻ جي شين آڻڻ جو حڪم ڪيائين.کائڻ پيئڻ کانپوءِ اياز پنهنجو نئون ڪلام ٻڌائڻ لڳو.نئون همراهه ٿوري دير کانپوءِ اکيون پورڻ لڳو مان ڏڪي ويس۽ گهڻو ڪرياياز جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو رهيس.اياز بي انتهانازڪ مزاج آهي ۽ هن جي غضبناڪ ٿيڻ ۾ به دير نه لڳندي آهي.ڪنهن مهل جو اياز نظر ڦيرائي پاسي واري صوفي ڏانهن نهاري ته مهمان ننڊ اکڙي ۾ هو.فورن ٻاهر نڪري ويو.در کان سڏ ڪيائين مان سندس آفيس واري ڪمري۾ ويس رڙ ڪري چايائين ”ڪڍ گڏهه کي ٻاهر،ڀيڻيان گڏهن کي گج پارائي ٿو وٺي اچين “مان ننڊ مان همراهه کي سجاڳ ڪري نهايت احتياط سان ٻئي دروازي مان ٽپائي ٻاهر وٺي آيس چيومانس ”اياز صاحب سان وڏو جج صاحب ڪو ڪيس ڊسڪس ڪرڻ آيو آهي.“ اياز بيماريءَ کي ڏاڍو ڊڄندو آهي هڪ ڀيري بيمار ٿي پيو.مون ڏانهن نياپو ڪيائين.مان آفيس ماناٿي سندس جاءِ تي پهتس جڏهن ورانڊي ۾ آيس تهنهايت رقت آميز لهجي ۾ سندس ”منهنجا الله“ڪن پيئي ڪمري ۾ داخل ٿيسسمهيو پيوهو مون تڙ تڪڙ ۾ چيومانس ڏاڍي عاجزي سان سڏ ٿو ڪرين.جواب ڏنائين”تنهنجي مرضي ڇاهي ڪمپئي به ياد نه ڪيانس.“هڪ ڀيريڊينسو هال جي ڀرسان بندر روڊ جي هڪ فٽ پاٿ کان ٻئي گڏجي ٻيءَ فوٽ پاٿ ڏانهن ٿي وياسي.وچ رستي تي هڪ وڏي شورليٽ گاڏي بريڪ لڳڻ ڪري آواز ڪري بيهجي ويئي.مون ڏٺو ته پوئين سيٽ تي هڪ نوجوان خوبصورت فارينر ڇوڪري پنهنجي گلابي چپن کي ڀيڪوڙي سيٽ تي وڏو لوڏو کاڌو کائي اسان جي بوالهوسي کي تڪيندي رهي.منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي.رستو ڪراس ڪري فٽ پاٿ تي آياسي.اياز چيو”ڀورل! شهيد ٿئين ها ته ڏاڍو چڱو توکي حورون ملن ها ۽ مان هن ڇوڪري سان روماني ڳالهيون ڪري شاعري ڪندو رهان ها.“وري چيائين ”هل ڀلا ايراني ريٽوران تي ڪجهه صدقو ڪڍ ملڪالموت کي ڀڄائي ڇڏيئه.“ ١٩٥٨ع ۾ اياز مون کي ڪوئٽه هلڻ لاءِ مجبور ڪيو.اياز کي ڪورٽ وئڪيشن هئي.مون موڪل ورتي صبح جو سوير سکر کان روانا ٿياسون.١١ بجي کن اياز صاحب مٿين برٿ تي سمهڻ کانپوءِ ڄڻ زالن جي پرگهور لهڻ،شيءِ شڪل وٺي ڏيڻ منهنجي ذمي ڇڏي ويو.ڪوئٽه جي گهر جي چوڌاري وڏو باغ هو.پڙهڻ کان واندو ٿي اياز لان۾ زالن ۽ ٻارن سان ڪچهري ڪندو هو.مان عموما ورانڊي ۾ سندن آمهون سامهون کٽ تي اهليو پيو هونو هوس.مان به ورانڊي مان سندن ڳالهيون ۾ شامل ٿيندو هوس.هڪ ڏينهن هو رازدارانه نموني منهنجي زال کي چوڻ لڳو”ادي مڙسهين سڌرندو ڪونه.هزار ٿا ملنس فاقا ڪڍندو ٿو وتي توتي به قياس نٿواچيس.تون جي هائو ڪرين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي پوندو.اياز جي گهرواري به کيس تيڪو ڏيئي رهي هئي.مان دانهن ڪري چيومانس ”وڏو بي ايمان آهين ۽ ٻاهريان ماڻهو ته خلاف ڪيا اٿيئي.هيئر گهر ۾ ٿو باهه لڳائين.“ڀورل هن حياتيءَ ۾ جنت اٿئي.وعدو واري جنت مليئي يانه هيءَ جنت پنهنجي هٿ ۾ ۽ هوءَ جنت ڏڱئي ماڻهوءَ جي هٿ.“جيتوڻيڪ اياز ۾ انيڪ خاميون موجود آهن.پر هو وضعدار ۽ هڪ درد مند دل جو مالڪ آهي.مون استعفا ڏني.هو بيحد ڪاوڙيو سندس بي چينيءَ جي ڪيفيت پڻ حد درجي تائين وڌيل هئي.مان سندس جاذب شخصيت کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهان.هو جيتوڻيڪ دور ٿي ويو آهي هڪ ٻئي جي صورت ڏسڻ جا به روادار نه آهيون.پر سندس جامع شخصيت منهنجي دماغ تي نقش ٿيل آهي.هو ١٩٦٥ع ۾ جيل ويو.سچ پچ مون هفتو راتين جو اکين تي گذاري.بيقراريءَجي ڪيفيت سان گهرواريءَ جي عتاب مارتي رکيو.اياز جي ڪل ٿڙي هئييا منهنجي.زالزائفان اهي ڳالهيون ڪيئن ٿي سمجهي.اياز جي ڄڻ موت جو ماتم ٿي ڪيم.هو ايڏي سزاجي لائق نه هر گز نه هو.هو شاعر آهي شاعرن کان بوالمجعجبيون سرزد ٿينديون آهن..سندس طبيعت وڌي تضاد جو مرڪب آهي.جيئن مان اختلاف جو شڪار آهيان.اسان جي اها حالت هاڻوڪي نه آهي.ايامن جي برائي آهي تنهن هوندي به اسان زندگيءَ جا ويهه سال پاڻ ۾ ايڏو ويجهو رهيا آهيون جو اياز سان ايتري ويجهڙائي شايد ڪنهن کي نصيب ٿي هجي.سوڀي جي اڳ ڪٿي ياد اٿم.مان سچ پچ پاڻ کي نامڪمل سمجهان ٿواياز کانسواءِ .پر هن جي متڪبرانه فطرت کيس مون کان جدا ڪيو آهي.هو نهايت هساس طبع آهي پڪ اٿمته هو به پاڻ کي مون بنا اڻ پورو سمجهندو هوندو.اياز جڏهن ماده پرست ٿئي ٿو ته هو سو فيصديماديت جو مجسمو مظر ايندو آهي.ان سان هن جي هڪ نئين شخصيت نمودار ٿيندي آهيورنه هو عموما روح پرست ۽روحانيت جو قائل آهي.هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي اندر جي ماڻهوءَ کي مرڻ جي اجازت ڏيئي نٿو سگهي.ان سندس روح جي راڳڻي آهي جا ڪنهن مهل بي سري ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.هو هن صدي جو سرواڻ شاعر آهي.هن سنڌي زبان کي لفظن جو وڏو ذخيرو ڏنو آهي.هن پنهنجي ڪلام۾ ترنم ۽ شعريت کي قائم رکيو آهي.اهي عظمت جا نشان آهن.هو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتين ئيصنفن جو موجد آهي جنهن کي سنڌي ادب جي تاريخ وساري نه سگهندي.ائين چئجي ته هوهن دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي .شاعريءَ سان سندس خلوص جنون جي حد تائين وڌيل آهي.جا وڏي شاعر جي خاص علامت ٿيندي آهي.ڪاش مان سندس ڪلام جو شار بڻجي سگهان.سندس فنيءَ ،رومانوي،ذاتي،سياسي ۽ ٻين پهلوئن کي مون ڇڏي ڏنو آهي.مهل سِر انهن تي به لکندس.​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو