نثارناز
سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌيو ڪالهه ٽنڊو محمد خان جي ڀلوڙ راڳي ماسٽر جانب علي بلاوليءَ کان سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون منهنجي شاعري ”سنڌ جا سُورما، سنڌ جون سُورميون “ جي وڊيو رڪارڊنگ ڪئي، دوستو منهنجي اها تخليق ڪيل شاعري سنڌ سلامت جي شاعري سيڪشن ۾ اڳ ئي ونڊ ڪري چُڪو آهيان، هن دفعي سنڌ سلامت پروڊڪشن جو هي گيت ساري دنيا جي سنڌين، اسان جي سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ سنڌ جي ميڊيا ڪاوش، ڪشش، ۽ ڪي ٽي اين کي ۽ انهن ادارن جي سرپرست محترم علي قاضي کي ارپيان ٿو۔۔۔۔ انهي ءَ دُعا سان ته سنڌي جتي به هُجن شال جُڙيا هُجن، شال وسندا رهن، ڪو به ڏکيو ڏينهن نه ڏسن (آمين) دوستو ڪيئن لڳو توهان کي هي گيت توهان جي پرخلوص راين جو منتظر رهندس