رياڪاري رياڪار لفظ جي معنيٰ آهي؛ ٻَهه روُپِي ، ڊَنڀِي ، بَگلو ڀڳت ، منافق ، اندر ٻهريون ، مڪار ، زمانه ساز ، فريبي ، ٻِيائي ڪندڙ ، ڪُپَتيو دغاباز ، دوکيباز ، پاکنڊي ، ڪُپتي هڪ ننڍڙي آکاڻي رياڪاريءَ کي سمجهائڻ لاءِ سٺي لڳي سا پيش ٿو ڪريان. هڪ زاهد، کي بادشاه جي محفل ۾ کاڌي جي دعوت ملي، جڏهن دسترخوان تي ويٺا ته ان عبادتگذار پنهنجي معمول کان گهٽ کاڌوکائي بس ڪئي، ۽ جڏهن نماز جو وقت ٿيو ته معمول کان وڌيڪ نماز ۽ دعائون گهريائين ته جيئن ماڻهون کيس وڏو زاهد ۽ متقي سمجهن ۽ هو انهن ۾ عزت حاصل ڪري سگهي. جڏهن دعوت ختم ٿي ۽ اهو ماڻهون گهر آيو ته اچي گهر ۾ رڙ ڪيائين ته کيس ماني ڏني وڃي، تنهن تي سندس پٽ پڇيس ته؛ ” ڇو بابا! بادشاه جي کاڌي جي دعوت ۾ ماني نه ملي ڇا ...؟؟؟“ پيءُ جواب ڏنو ته ماني ته ملي پر مون معمول کان گهٽ ماني کاڌي ته جيئن ماڻهون مون لاءِ سٺي راءِ قائم ڪن. پٽ کيس هڪدم صلاح ڏني ته هو اٿي نماز به ٻيهر پڙهي ڇاڪاڻ جيڪا نماز هن بادشاهي دعوت ۾ پڙهي سا ڪنهن ڪم جي نه ٿي. دوستو! رياڪاري انسان جي عظمت ۽ انجي ڪردار کي ائين کائي ويندي آهي جيئن اڏوهي ڪاٺ کي کائي وڃي، رياڪار جي نه عبادت قبول نه سندس خئير مان ڪو فائدو ...!!! جنهن لاءِ لطيف سڳوري هي لفظ استعمال ڪيا آهن؛ ٻاهر ٻولي هنجه جي اندر ڪارو ڪانءُ اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀنڃي ڇو نه ڀورا ڪجي
سائين نثار تمام ڀلي ڳالهه شيئر ڪئي اٿو۔ اسان مان رياڪاري ۽ ڏيکاء جي بيماري ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي، اها عبادت هجي يا ڪو مذهبي فرض، ادبي ڪچهري هجي يا ڪو عام رواجي مسئلو ۔۔۔ اصل ڪر کنيو بيٺي آهي۔