سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي دعائن جي مجموعي “اٿي اور الله” سان جي پهرئين دعا.
يا رب!
مون کي پنهنجي غصي تي غصو ڏي! مون پنهنجي نفرت لاءِ نفرت پيدا ڪر! هي منهنجي روح ۾ ڪهڙيون ٽوه جو وليون ڦهلايون اٿئي؟ مان ته سراپا دعا هوس! مون ۾ هي بد دعائون ڪٿان آيون؟
يا رب!
منهنجي دشمن تي به رحم ڪر! هن کي به ڪنهن عذاب ۾،ڪنهن آزمائش ۾ نه وجھ! تون ته رحيم آهين،مان ڪير جو تنهنجي فطرت ۾ گھارا وجھان ؟ مان ڪير جو چوان ته تون ڪنهن لاءِ قهرجو سيلاب ٿيءُ؟
وڌيڪ پڙهو