هڪ رات جي ڪهاڻي...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    هڪ دفعي هڪ ملڪ جو بادشاهه بيمار ٿي پيو۔۔۔ جڏهن بادشاهه ڏٺو ته سندس بچڻ جي ڪا اميد ناهي ته هن ملڪ جي رعايه ۾ اعلان ڪرايو ته هو بادشاهت ان کي ڏيندو جيڪو مرڻ کان پوءِ هن جي جاءِ تي هڪ ڏينهن قبر ۾ گذاريندو۔۔۔
    سڀ ماڻهو ڊڄي ويا ۽ ڪنهن کي به همت نه ٿي ته ان دوران هڪ ڪنڀر جنهن سموري زندگي ڪجهه نه ٺاهيو هو۔۔ سندس گڏهه کانسواءِ ٻي ڪا شي ساڻس نه هئي۔۔ سوچڻ لڳو جي هو ائين ڪري ته کيس بادشاهت ملي پوندي۔۔ ڀلا جيڪڏهن کيس حساب ڪتاب به ڏيڻو پيو ته هن وٽ آهي ڇا سواءِ گڏهه جي ۔۔۔ بس اهو سوچي هن اعلان ڪيو ته هو بادشاهه جڳهه تي هڪ رات قبر ۾ گذاريندو۔۔۔
    بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ ماڻهن بادشاهه جي قبر ٺاهي ۽ واعدي مطابق ڪنڀر خوشي خوشي ۾ قبر ۾ وڃي ليٽي پيو۔۔۔ ماڻهن قبر کي بند ڪري ڇڏيو۔۔۔ ڪجهه وقت کان پوءِ ملائڪ آيا۔۔۔ ۽ کيس چيائون ته اٿ ۽ پنهنجو حساب ڏي۔۔۔ ڪنڀر چيو ۔۔۔ ”ادا حساب ڪتاب وري ڪهڙو۔۔ مون وٽ ته زندگي ۾ ڪجهه نه هو۔۔ سواءِ هڪ گڏهه جي۔۔“
    ملائڪ سندس جواب ٻڌي واپس ورڻ لڳا۔۔ پر پوءِ هڪ دم بيهي رهيا ۽ هڪ ملائڪ چيو ته هن جو اعمال نامو ته کوليو۔۔ ته ان ۾ لکيل ڇاهي۔۔ بس پوءِ ڇاهو۔۔ سڀ کان پهريان ته انهن هن کان پڇيو۔۔ ”تو فلاڻي ڏينهن گڏهه کي بکيو رکيو هو۔۔“ ڪنڀر جواب ڏنو۔۔ ”ها۔۔“ حڪم ٿيو ته ڪنڀر کي 100 ڪوڙا ماريا وڃن۔۔۔
    ان کان پوءِ ملائڪن پڇيو ته ”ڀلا فلاڻي ڏينهن تو گڏهه تي وڌيڪ وزن رکيو هو۔۔۔ ۽ ان کي خوب ماريو به هيو۔۔۔“ ڪنڀر وراڻيو۔۔۔ ”ها۔۔“ چيو ويو کيس 200 ٻيا ڪوڙا ماريا وڃن۔۔۔ مطلب ته کيس صبح تائين مار ملندي رهي۔۔
    صبح جو سڀ ماڻهون گڏ ٿيا۔۔۔ ۽ قبر کي کوليو ويو۔۔ ته جيئن پنهنجي نئين بادشاهه جو استقبال ڪري سگهن۔۔ جئين ئي انهن قبر کولي ته ڪنڀر قبر مان نڪرندي ڊوڙ لڳائي۔۔ ماڻهن رڙيون ڪندي چيو ته ”بادشاهه سلامت ڪاڏي پيا وڃو۔۔۔“ ڪنڀر ڊڪندي چيو۔۔۔ ”ڀائرو ۔۔ مان پوري رات هڪ گڏهه جو حساب نه ڏئي سگهيو آهيان۔۔ ته پوري ملڪ جي رعايه جو حساب ڪئين ڏئي سگهندس۔۔“

    ڪڏهن سوچيو آ ته۔۔ اسان کي به حساب ڏيڻو آهي۔۔ ۽ خبر ناهي ته ڪنهن ڪنهن شيء جو حساب ڏيڻو پوندو۔۔۔ جيڪي اسان کي ياد به ناهن۔۔۔۔!!
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو هن سيڪشن ۾ جيڪي ننڍيون وڏيون پوسٽ ڪيون وينديون آهن۔۔ انهن جو مقصد توهان جو وقت ضايع ڪرڻ ناهي نه وري واه واه يا پسند ڪرڻ مقصود هوندو آهي۔۔ بلڪه هر قصي ۾ هڪ لڪيل سبق هوندو آهي۔۔ ۽ ان سبق ذريعي توهان جي زندگي ۾ ڪا تبديلي اچي ته اسان جي محنت وصول ٿي ويندي۔۔ مذاحيه تحريرون به ان ڪري پوسٽ ڪيو وينديون آهن ته جيئن ته هڪ ئي قسم جي تحريرن مان اڪتائجي نه وڃو۔۔۔ اسان کي هڪ مهذب قوم ثابت ڪرڻو آهي ۔۔ اها قوم جيڪا ماضيء مان ۽ پنهنجي غلطين مان سبق پرائيندي هجي۔۔۔ اميد ته اسان جي مقصد ۽ مشن کي سمورا دوست سمجهي چڪا هوندا۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ادا
    مهرباني اهڙا ليک ون
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    الله جي پناھ، ڌڻي ٻاجھ ڪري ۽ پنهنجو خاص فضل ۽ عنايت ڪري، نه ته اسان جا حال پورا آهن۔۔۔
    الله تعالا قرآن مجيد ۾ سورت التڪاثر جي آخري آيت مبارڪه ۾ فرمايو آهي:
    ثم لتسئلن يومئذ عن النعيم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو