
هڪ دفعي هڪ ملڪ جو بادشاهه بيمار ٿي پيو۔۔۔ جڏهن بادشاهه ڏٺو ته سندس بچڻ جي ڪا اميد ناهي ته هن ملڪ جي رعايه ۾ اعلان ڪرايو ته هو بادشاهت ان کي ڏيندو جيڪو مرڻ کان پوءِ هن جي جاءِ تي هڪ ڏينهن قبر ۾ گذاريندو۔۔۔سڀ ماڻهو ڊڄي ويا ۽ ڪنهن کي به همت نه ٿي ته ان دوران هڪ ڪنڀر جنهن سموري زندگي ڪجهه نه ٺاهيو هو۔۔ سندس گڏهه کانسواءِ ٻي ڪا شي ساڻس نه هئي۔۔ سوچڻ لڳو جي هو ائين ڪري ته کيس بادشاهت ملي پوندي۔۔ ڀلا جيڪڏهن کيس حساب ڪتاب به ڏيڻو پيو ته هن وٽ آهي ڇا سواءِ گڏهه جي ۔۔۔ بس اهو سوچي هن اعلان ڪيو ته هو بادشاهه جڳهه تي هڪ رات قبر ۾ گذاريندو۔۔۔
بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ ماڻهن بادشاهه جي قبر ٺاهي ۽ واعدي مطابق ڪنڀر خوشي خوشي ۾ قبر ۾ وڃي ليٽي پيو۔۔۔ ماڻهن قبر کي بند ڪري ڇڏيو۔۔۔ ڪجهه وقت کان پوءِ ملائڪ آيا۔۔۔ ۽ کيس چيائون ته اٿ ۽ پنهنجو حساب ڏي۔۔۔ ڪنڀر چيو ۔۔۔ ”ادا حساب ڪتاب وري ڪهڙو۔۔ مون وٽ ته زندگي ۾ ڪجهه نه هو۔۔ سواءِ هڪ گڏهه جي۔۔“
ملائڪ سندس جواب ٻڌي واپس ورڻ لڳا۔۔ پر پوءِ هڪ دم بيهي رهيا ۽ هڪ ملائڪ چيو ته هن جو اعمال نامو ته کوليو۔۔ ته ان ۾ لکيل ڇاهي۔۔ بس پوءِ ڇاهو۔۔ سڀ کان پهريان ته انهن هن کان پڇيو۔۔ ”تو فلاڻي ڏينهن گڏهه کي بکيو رکيو هو۔۔“ ڪنڀر جواب ڏنو۔۔ ”ها۔۔“ حڪم ٿيو ته ڪنڀر کي 100 ڪوڙا ماريا وڃن۔۔۔
ان کان پوءِ ملائڪن پڇيو ته ”ڀلا فلاڻي ڏينهن تو گڏهه تي وڌيڪ وزن رکيو هو۔۔۔ ۽ ان کي خوب ماريو به هيو۔۔۔“ ڪنڀر وراڻيو۔۔۔ ”ها۔۔“ چيو ويو کيس 200 ٻيا ڪوڙا ماريا وڃن۔۔۔ مطلب ته کيس صبح تائين مار ملندي رهي۔۔
صبح جو سڀ ماڻهون گڏ ٿيا۔۔۔ ۽ قبر کي کوليو ويو۔۔ ته جيئن پنهنجي نئين بادشاهه جو استقبال ڪري سگهن۔۔ جئين ئي انهن قبر کولي ته ڪنڀر قبر مان نڪرندي ڊوڙ لڳائي۔۔ ماڻهن رڙيون ڪندي چيو ته ”بادشاهه سلامت ڪاڏي پيا وڃو۔۔۔“ ڪنڀر ڊڪندي چيو۔۔۔ ”ڀائرو ۔۔ مان پوري رات هڪ گڏهه جو حساب نه ڏئي سگهيو آهيان۔۔ ته پوري ملڪ جي رعايه جو حساب ڪئين ڏئي سگهندس۔۔“
ڪڏهن سوچيو آ ته۔۔ اسان کي به حساب ڏيڻو آهي۔۔ ۽ خبر ناهي ته ڪنهن ڪنهن شيء جو حساب ڏيڻو پوندو۔۔۔ جيڪي اسان کي ياد به ناهن۔۔۔۔!!