نثارابڙو
نائب منتظم
خوشين جو راز
هڪ ڏينهن هڪ دوست ٻي دوست کان پڇيو؛يار! اهو ته ٻڌاءِ ته تون هر روز ايترو خوش ڪيئن رهندو آهين ... تون سگهارو نظر ايندو آهين ۽ ڪڏهن به هار نه مڃيندو آهين ...؟
ٻي دوست پنهنجين چمڪندڙ اکين سان جواب ڏنو ... ” مونکي ان راز جي خبر آهي“
اهو ڪهڙو راز آهي“ پهرين دوست پڇيو
”آءُ توکي اهو راز ٻڌايان ٿو پر ان شرط تي ته تون سڀني پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان ونڊ ڪندي ...“
”آءُ پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ لئه ٻيو ڪجهه به نه ڪندو آهيان بس صبح سان اٿندي ئي پنهنجو پاڻ کي الله جي حوالي ڪندو آهيان ۽ مونکي پورو ڀروسو هوندو آهي ته الله تعالا مونکي خوش به رکندو ۽ منهنجن ڪمن ۾ آساني پئدا ڪندو ۽ برائيءَ کان بچائيندو ۽ جڏهن ڪڏهن مونکي زندگيءَ ۾ ڪنهن شئي جي ضرورت ٿيندي آهي ته آءُ الله تي توڪل ڪندو آهيان ۽ پڪي اميد رکندو آهيان ته هو پنهنجي ذات جي حيثيت سان منهنجي مدد ڪندو ...
زندگيءَ جي تجربي مان معلوم ٿيو آهي ته مونکي ايتري جي ضرورت نه هوندي آهي جيتري جي خواهش آءُ ڪندو آهيان ... رب العالمين ڪڏهن به مونکي مايوس ناهي ڪيو ۽ زندگيءَ جي انهن تجربن سبب آءُ خوش رهندو آهيان ... مايوس ناهيان ٿيندو ...“
سوال ڪندڙ دوست سوچ ۾ پئجي ويو؛
ٻي دوست سندس سوچ کي ٽوڙيندي چيو!
اهو ته تمام سولو آهي،
ڇا آءُ ان وقت گهڻو خوش ٿيو هيس جڏهن نئون گهر ورتو هيم ...؟ ”نه“
يا
ان وقت خوش ٿيو هيس، جڏهن وڌيڪ پگهار واري نوڪري ملي هيم ... ”نه“
يا وري
ان وقت خوش ٿيندو آهيان جڏهن عبادت ڪندو آهيان، پنهجن ٻارڙن سان کيڏندو آهيان، کاڌو پنهنجن گهر وارن سان گڏ کائيندو آهيان، رات جو کين آکاڻيون ٻڌائيندو آهيان ... ” ها“
هائو اهي ئي الله جا ننڍڙا ننڍڙا تحفا آهن، جن سان خوش رهي سگهجي ٿو ...
هاڻ خبر پئي ته آءُ ڇو خوش رهندو آهيان ... !!!
اسين ماڻهن تي اهو بار نٿا رکي سگهون ته هو اسانکي خوش رکن، صرف الله جي ذات پنهنجي علم ۽ بي انتها ڏاهپ سان ئي اهو ڪم ڪري ٿي ...
” الله تي اعتماد ڪريو“
هر عمل ۾ هر ڪم ۾ الله کي اڳيان رکو، ۽ پڪ ڄاڻو ته انجي ذات ضرور اوهانجي رهنمائي ڪندي ۽ اوهانجي عملن جو ثمر اوهانکي پهچائيندي، اوهانجي ڪاميابيءَ جو راز صرف ۽ صرف الله تي پڪي ايمان ۾ آهي ...
ايمان جي پڪن ماڻهن کي نه خوف نه نقصان ...
ايمان جي پختگي ۽ الله جي شڪرگذاري واري هٿيار سان زندگيءَ جا معرڪا فتح ٿي ويندا آهن ...