آسان حل۔۔۔

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ جاپاني ڪمپني پنهنجي پروڊڪٽ کي عام ۽ مشهور ڪرڻ لاءِ پنهنجي پروڊڪٽ صابڻ کي صابڻ داني سميت گراهڪ کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو۔۔۔ اهڙي طرح ان ڪمپني جي صابڻ جو وڪرو وڌڻ لڳو۔۔۔۔
    هڪ دفعي ان جاپاني ڪمپني کي هڪ شڪايت ملي ته توهان جي پروڊڪٽ ۾ هڪ خالي صابڻ داني ملي آهي جنهن ۾ ڪو به صابڻ موجود نه آهي۔۔۔۔ ڪمپني اهڙي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور ڪمپني انجينيئرن کي مسئلي کي حل جو ٽاسڪ ڏنو۔۔۔ جن پروڊڪٽ تي تيز نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن وڌيڪ پروڊڪٽ ۾ اهڙي شڪايت نه ملي۔۔۔
    ڪمپني اسٽاڪ ۾ موجود صابڻ جي پيڪنگ کي ٻيهر کولي چيڪنگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ نون تيار ٿيل صابڻن کي صابڻ داني ۾ وجهندڙ مشينري کي فوري طور تبديل ڪيو جن جي ڪري هڪ صابڻ داني خالي نڪري وئي ۔۔۔۔ اسيمبلي لائين جي پٽي جتان صابڻ داني مان پيڪ ٿيل صابڻ نڪرندا هئا تي گهري نظر رکڻ لاءِ مزدورن جو تعداد ٻيڻو ڪيو ۽ اسيمبلي لائين تان گذرندڙ صابڻ دانين تي گهري نظر رکڻ لاءِ هاءِ ريزيوليشن مانيٽر ۽ ايڪس ريز مشينون لڳايون ويون۔۔۔
    ان ۾ ڪوشڪ نه رهيو ته اهڙن عملن سان خالي صابڻ داني گذرڻ جو سوال ئي نه رهيو۔۔۔ پر ان سان ڪمپني جي ڪافي ساري رقم خرچ ٿي وئي۔۔۔
    پر اهو ساڳيو مسئلو جڏهن پاڪستان جي هڪ ننڍي ڪمپني جي اڳيان آيو ته ان ڪمپني جي عام مزدور بجاءِ قيمتي ايڪس ري مشينن کي خريد ڪري لڳائڻ جي هڪ مختلف حل ڪڍيو۔۔۔
    هن هڪ ڏنڊي وارو پکو کنيو ۽ گذرندڙ صابڻ داني واري پٽي يعني اسيمبلي لائين جي سامهون رکي هلائي ڇڏيو۔۔۔ اهڙي طرح جڏهن ڪنهن فني خرابي ڪري جيڪڏهن ڪا صابڻ داني خالي پٽي تان گذري ٿي ته پکي جي هوا کيس سٽاڪ تائين پهچڻ کان اڳ ئي پٽي تان ڪيرائي ٿي ڇڏيو....

    سبق: ان ڪري ئي چوندا آهن ته هميشه آسان حل سوچجي جنهن سان مسئلي جو حل تڪڙو ٿي سگهي۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آسان حل۔۔۔

    يعني سائين پاڪستاني زنده باد پاڪستانين کي ذهانت ته ورثي ۾ مليل آهي باقي فقط ان کي پازيٽِوِ استعمال ڪن ته ڪنهن جي به هنن سان جاء نه آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آسان حل۔۔۔

    بلڪل سائين پاڪستاني صرف پنهنجي سوچ کي نقل بجا۽ عقل تي استعام ڪن ته اسان به ڪنهن کان گهٽ ناهيون

    ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي

    لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو